(لاڙ جي نامور ادبي سماجي شخصيت شيخ محمد سومار جي 29 هين ورسي جي مناسبت سان کيس ڀيٽا طور) ( وفات 24 آڪٽومبر 1986 ) لاڙ جو نامور کاهوڙي سنڌي ادب جو سرموڙ اديب شاعر تاريخدان ۽ سنڌي ٻولي جو وينجهار جهر جهنگ وڃي لاڙ جي هر صِنف کي امرتا بخشيندڙ لاڙ ميوزيم جو بنياد رکي لاڙ جي ادبي ثقافتي قدرن جي آبياري ڪندڙ عالمي دنيا تائين لاڙ جي تاريخ کي گڏ ڪري ، متعارف ڪرائيندڙ اسانجو محسن شيخ محمد سومار ته اسانجي سنڌ جو هيرو هو جنهن تي اسان کي ناز آهي هن جي ڪيل خدمتن کان ڪير به انڪار نه ڪندو اسان جي لاءِ ته هن جي شخصيت بڙ جي گهاٽي ڇانوَ کان به وڌيڪ هُئي پر لاڙ ۽ سنڌ جي ان زنگيل لوهه جهڙن ڪردارن کي به پارس بڻجي ڇُهي امر بڻائي ڇڏيو هن اهڙيون شخصيتون پيدا ڪيون جيڪي اڄ به وڏن وڏن عهدن تي فائز آهن جيڪي هن جي اڳيان پويان پيا ٿيندا هُئا اهي سڀ ائين هليا ويا جيئن شيخ سومار کي ڪير سڃاڻندو ئي نه هو! اڄ به توهان هن جي فيملي جي ڪسمپرسي واري حالت ڏسو ته هڪ اهڙي ماڻهو جنهن اسانجي خدمت ڪئي انهن جي پونيرن جي ڪوبه سار لهڻ وارو ناهي؟ اسين سڀ ڳالهين جا ڳهِير آهيون بي قدرا آهيون ڏات ڌڻين جو قدر ڪري نٿا ڄاڻون رڳو “عالم آئون ساڻ ڀريو ٿو ڀير ڪري ، پاڻ ناهي ڄاڻ مانڊيءَ منڊ پکيڙيو ” جا حامي ٿي پيا آهيون مونکي ياد آهي جڏهن اسين ننڍڙا هوندا هُئاسين هن جي شفقت سبب اڄ جو ڪُجهه آهيون هن جي ڪري آهيون پر اسين ساڻس گڏ رهي فقيراڻي لڏي ۾ رهجي وياسين سچي ڳالهه ته هيءَ آهي ته بدين ضلع ۾ هر ايندڙ آفيسر ڊپٽي ڪمشنر ايس پي ۽ وزيرن جهڙا ماڻهو ڪيئي وڏا وڏا ماڻهو سياسي ادبي مدبر ٻاهرين دنيا جا سياح هن جي لاڙ ادبي سوسائٽي واري آفيس ۾ اچي بدين ضلع بابت معلومات وٺي پوءِ پنهنجو ڪم ڪار شروع ڪندا هُئا پر اڄ هن جي خاندان جي ڪوبه پُڇا ڪرڻ وارو ناهي! اهي سڀ بي روزگار بُک بدحالي جو شڪار آهن سندس ئي چواڻي اڄ سچي لڳي ٿي ته: “جوڳ منهنجو اعليٰ آهي جوڳين جهڙو جوڳ، روڳ تنهنجو ادنيٰ آهي روڳين جهڙو روڳ” سو منڌرا صاحب ميار ڪنهن تي ڪجي؟ اقتدار جا ڌڻي اکيون پوريو ويٺا آهن جنهن بدين جي ننڍڙي شهر کي ضلع بنائي ان جي تاريخ کي اجاگر ڪيو ان کي وساري ڇڏيوسون. اسين هونئن به محسنن کان منهن موڙيندڙ سوچ جا مالڪ بدقسمتي سان رهيا آهيون ان ڪري رڍن اڳيان رباب ڪهڙا وڄائيون؟ انهن کان ته ڄام صادق ڀلو هو جنهن شيخ محمدسومار جي پونيرن جي سار لڌي . حالانڪه پيپلز پارٽي جي عوامي دور ۾ ڊاڪٽر منڌري ۽ غلام علي نظاماني جهڙا شيخ محمد سومار جا ويجها ساٿي ويٺا هُئا انهن پنهنجن کي خوب نوازيو پر شيخ سومار جي ڪري شيخ ڪميونٽي يا ان جي خاندان جي سار انهن به ڪڏهن ڪونه لڌي. اسين سڀ ته وڏيون تقريرون ڪرڻ وارا مڪالمه لکڻ وارا سَکڻيون ڳالهيون ڪرڻ وارا آهيون عملي ميدان ۾ رڳو هڪٻئي تي ڇوهه ڇنڊڻ وارا آهيون تنقيدون ڪرڻ وارا آهيون ۽ بس ......... “ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون پَر سين مون نه ڪيون،گوشه پرين نه گڏيا” اُن ڪري گهڻو ڪُجهه لکي ويس معاف ڪجو جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي هُجي.