• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سَسُئِي حُسَينِي ڏُکِيُون جان نه مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ نه ٿِيَي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڏُکِيُون جان نه مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ نه ٿِيَي
ٻِيُون هُهِين هَٿَ هَڻَنِ، رُوئندِيُون رُئڻَ وارِيُون

سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

ڏُکِيُون = ڏکن واريون، غمن واريون
جان = جيستائين
مِڙَنِ = ملن، گڏجن
تان تان = تيستائين
ڀَنَڻُ = رودن، ماتم، احتجاج
هُهِين = هونئن ئي، هروڀرو، ايئين ئي، اجائي
هَٿَ هَڻَنِ = پِٽِنِ، مُنهُن مٿو پِٽِنِ، ماتم ڪن

بيت جو پس منظر

~ ڏکويل تيسين نہ گڏبيون آهن، جيسين ڪو ماتم نہ ٿئي.
~ ٻيون اجايو هٿ هڻنديون آهن، منهن مٿو تہ ڏکن واريون پٽينديون آهن.

سمجهاڻي

پنهونءَ جو وڇوڙي کان پوءِ جڏهن سسئي آسرو لاهي مايوس ۽ نااميد ٿي تڏو وڇائي پار ڪڍي روئڻ لڳي هئي، تہ سهيليون کيس دلجاءِ ڏيڻ لاءِ اچي گڏ ٿيون هيون. پر سسئيءَ جي سڏڪن، آنهن، دانهن، رڙين ۽ وڇوڙي جي ورلاپن ۾ جيڪو درد سمايل هو، اُهو سندس سهيلين جي ڏيکاءَ واري ڏک ۾ نظر نٿي آيو.
ڀٽائي هن علامتي بيت ذريعي سمورن مظلوم ۽ محڪوم قومن ۽ ماڻهن کي گڏ ٿي، هر ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي خلاف احتجاج ۽ جدوجهد ڪرڻ جو سڏ ڏئي ٿو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
بهترين سمجهاڻي سائين
 
Back
Top