چونڊ سنڌي بيت

محمد ع سومرو

سينيئر رڪن
ڪجه بيت لکان ٿو، دوستن کي گذارش آهي ته اهي ب ڪجه وڌيڪ بيت لکن ت بيتن جو گلدستو جوڙيؤن

اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا
ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس ن ڪن
سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي ن لهي
 
ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪهه ڄاڻان ڪهڙا پرين
سهسين سج الهي، واجهائندي ويام
تن رئ سال پيام، جن رئ ساعت ن سري

ڪهه ڄاڻان جي ڪهه ۾ ڪ تي پيش آهي
الهي جي الف تي ب پيش آهي
 
جي منجهان منهنجي روح
وڃي ساجن نڪري (يا) وسري
ت مر لڳي لوء ٿر پاٻيهو ٿي مران

مر ۾ ميم تي زبر آهي ۽ ر تي يش آهي

لوء جو مطلب آ ”سخت گرم هوا“

ٿر ۾ ٿ ۽ ر ٻنهي تي زبر آ

پاٻيهو ٿر جو پکي آهي جڏي مرڻ وارو ٿيندو آ ت اڏرندو اڏرندو تمام گهڻو مٿي اڏري ويندو آهي اتان چيٽان (رڙيون) ڪندو هيٺ ڪرندو آهي جيڪو ڏسڻ وارن لاء انتهائي دردناڪ منظر هوندو آهي
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top