ٰڪشمير بن ڪي رهي گا پاڪستانٰ. اڄ ميرپورخاص ۾ هڪ عجيب صورتحال ڏسڻ ۾ آئي. جيئن ئي اسڪول پڳاسين ته خبر پئي ته آفيس مان فون آيو آھي ته اڄ ڪشميرين سان اظھار يڪجهتي جو ڏھاڙو ملهائڻو آھي سو سڀ استاد ٻارن کي ساڻ ڪري بلديا سينٽر جي مٿان پارڪنگ ايريا ۾ پهچو. بس پوءِ دير ڇا جي اسان ديرئي ڪانه ڪئي پري پري کان پڙھائي لاءِ ڪڙھي آيل ٻارڙن کي موڪل ڏئي وڃي بلديا سينٽر جي ڇت تي قائم پارڪنگ ايريا ۾ پهتاسين ۽ اتان کان ريلي جي صورت ۾ پريس ڪلب وياسين ۽ پوءِ ڏاڍا نعرا هڻي شغل ڪري واپس اچي گهر آرامي ٿياسين. اسان ڪڏھن به اهو نٿا چاهيون ته ڪشمير آزاد نه ٿي ڪشمير اسان کي جان کان به وڌيڪ عزيز آھي ۽ اسان هر محاذ تان ڪشمير جي آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ ڪندا رهنداسين. ٰڪشمير بن ڪي رهي گا پاڪستانٰ. پر مون کي ڪير اهو ٻڌائي ته صرف سرڪاري تعليمي ادارا بند ڪري توهان ڪيئن سوچيو ٿا ته ڪشمير آزاد ڪرائي وٺنداسين جڏهن سرڪاري اسڪولن جا ٻار ريلي ۾ نعرا هڻي رهيا هئا ٺيڪ ان وقت پرائيوٽ اسڪولن جا ٻار پنهنجي پڙھائي ۾ مشغول هئا بازارون مارڪيٽون معمول موجب کليل هيون ٻيا سمورا ادارا معمول موجب هلي رهيا هئا ته پوءِ تباھ حالي جي شڪار تعليم کاتي تي اهو نزلو ڇو ڪيرايو ويو ڇا تعليمي عمل ۾ رڪاوٽ وجهي ڪشمير ڪاز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هونئن به چوندا آهن ڪنهن قوم کي تباه ڪرڻو هجي ته ان قوم جي تعليم کي تباھ ڪريو سو اهو ڪم اسان پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪري رهيا آھيون. پاران باشعور عوام