شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جي صنفن جو ٽيبل ذريعي سُر وار جائزو سارنگ جويو شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سونهاري سنڌ جو اهو نمايان ستارو آهي، جيڪو سنڌي قوم جو قومي شاعر ۽ عالمي شاعر هجڻ سان گڏ سنڌ جو قومي رهبر ۽ مفڪر آهي؛ جنهن جي شاعريءَ ۾ انقلاب، آزادي، ٻولي، ثقافت، جاگرافي، طب، نفسيات، سماجيات، سماجي برابري، عشق، محبت، قرباني، جدوجهد، رواداري بلڪه سماج جي هر موضوع ۽ مسئلي تي پنهنجي شاعريءَ ذريعي تبديليءَ، انقلاب ۽ آزاديءَ جو سڏ ڏنو آهي، سندس شاعري ڪلاسيڪل شاعريءَ ۽ عالمي شاعريءَ جي معيارن تي دنيا جي سڀني وڏن شاعرن جهڙوڪ، شيڪسپيئر، گوئٽي، هومر، ڪاليداس، ٽئگور ۽ ٻين جي شاعريءَ کان اڳري ۽ اعليٰ پائي جي آهي، جنهن جو ثبوت علامه آءِ آءِ قاضي جو مقالو، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جي دنيا جي عظيم شاعرن سان ڀيٽ آهي“، جنهن ۾ دنيا جي اهم شاعرن جي شاعريءَ جي عالمي معيارن تي شاهه لطيف کي دنيا جو وڏو شاعر قرار ڏنو ويو. بهرحال هتي منهنجو موضوع آهي، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جي صنفن جو ٽيبل (Chart) ذريعي سُر وار جائزو“. ان حوالي سان شاهه لطيف جي شاعري موسيقيءَ ۽ شاعريءَ جي علم ”ڇند وديا“ جي نالي سان به مشهور آهي، شاهه لطيف جي شاعري ”ڇند وديا“ جي علم مطابق نج ڪلاسيڪل صنفن تي مشتمل آهي، جيڪي صنفون هي آهن: 1. دوهو 2. سورٺو 3. بيت 4. وائي مٿي ڏنل ڪلاسيڪل شاعريءَ جي صنفن جي وصف بيان ڪنداسين ته، جيئن پڙهندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهن. 1.دوهو: دوهو نج هندي صنف آهي، جيڪا هند مان ئي اسان وٽ آئي آهي، هي علم ”ڇندوديا“ تي آڌاريل ٻن سٽن جو بيت آهي، جنهن جي ٻنهي سِٽن جي آخر ۾ هم ڪافيا لفظ يعنيٰ هڪ جهڙا لفظ استعمال ٿين ۽ اهي ٻه سٽون علم ”ڇند وديا“ موجب 48 ماترائن/ آوازن تي مشتمل هجن ته ان کي دوهو چئجي ٿو. مثال طور؛ 13 _ 11 13 _ 11 وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪو ڪاري، هن پن پنهنجا ساريا، هوءَ هنجون هڏن لئه هاري. 2. سورٺو: سورٺو به نج هندي صنف آهي، جيڪا هند مان ئي اسان وٽ آئي آهي، هي به علم ”ڇند وديا“ جي 48 ماترائن/ آوازن تي مشتمل ٻن سِٽن جو اهو بيت آهي، جنهن جي ٻنهي سٽن جي وچ ۾ هم ڪافيا/ هم آواز لفظ اچن ته ان کي سورٺو چئبو آهي، ٻين لفظن ۾ ائين چئون ته دوهي کي ابتو لکڻ سان سورٺو ٿيو پوي. مثال طور: 11 _ 13 11 _ 13 نهائين کان نينهن، سکُ، منهنجا سُپرين، سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري. 3. بيت: بيت نج سنڌي صنف آهي، جيڪا اوائلي صورت ۾ اسان وٽ ڳاهه جي صورت ۾ ملي ٿي، بيت دراصل دوهي ۽ سورٺي جي صنفن جي ميلاپ سان جديد صورت ۾ آيو، بيت جي لغوي معنيٰ ”درجا ٻه تاڪ آهي“ هي به هندي علم ”ڇند وديا“ تي لکيو ويندو آهي. بيت ٻن سٽن کان يارهن سٽن تائين لکيو ويو آهي. بيت جي پهرين سِٽ جي دوهي واري هوندي ته وري آخري سِٽ لازمي سورٺي واري هوندي. اهڙي طرح وري بيت جي پهرين سٽ جي سورٺي واري هوندي ته وري آخري سٽ لازمي طرح دوهي واري هوندي، جن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا: مثال (1): ————— ،—————x ————— x—————. مثال (2): ————— x—————، ————— ،—————x جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهن نيو من لائين، پريان سندي پيچري. وائي: وائي به نج سنڌي صنف آهي، جيڪا علم ”ڇند وديا“ سان گڏ ”علم موسيقي“ ۽ هاڻ جديد دور ۾ شيخ اياز جي تجربن کان پوءِ ”بحر وزن“ ۾ به لکيون ويون آهن، وائي معنيٰ ”درد ۽ سوز واري ڳالهه“ يعني عشق کي درد ۽ سوز واري انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. وائيءَ جا مختلف گهاڙيٽا/ فارميٽ آهن، جهڙوڪ هيڪوڻي، ڏيڍوڻي يا وري بند کان پوءِ وراڻي وغيره. مثال(1) : وائي سڀڪا پرين ڪون پوڄي، نينهن نيڻين ڳڙ ڳالهه وو! جا چتا يم چت ۾ سڄڻ ساٿو ٻجهي، نينهن نيڻين ڳڙ ڳالهه وو! لات جا ”لطيف“ جي، سڏ تنهن جو سجهي نينهن نيڻين ڳڙ ڳالهه وو! (سر ڪلياڻ وائي (1) ڪتاب وايون ۽ ڪافيون (ليکڪ: جي ايم سيد) مثال (2): وائي ور سا ويڄ ويچارا، دل ۾ درد پرينءَ جو اٿو ويڄا! م وهو، وڃو ڊڀ کڻي دل ۾ درد پرين جو ٻڪيي ڏيندا ٻاجهه جي، آيام سور ڌڻي آيا جيءَ جيارا دل ۾ درد پرينءَ جو (سُر يمن ڪلياڻ وائي (1) ڪتاب وايون ڪافيون (ليکڪ جي ايم سيد) نمبر سُر جو نالو داستان بيت سورٺا دوها ٽوٽل وايون بيت سورٺا دوها ٽوٽل وايون 1 سر ڪلياڻ پهريون 21 02 -- -- 1 ٻيو 24 07 -- -- 1 ٽيون 19 02 -- -- 1 2 سر يمن ڪلياڻ پهريون 14 6 -- -- 1 ٻيو 14 6 -- -- 1 ٽيون 19 5 -- -- 1 چوٿون 26 4 -- -- 2 پنجون 30 9 -- -- 2 ڇهون 17 2 -- -- -- ستون 17 3 -- -- 1 اٺون 19 7 -- -- 1 نائون 8 - -- -- -- 3 سر کنڀات پهريون 19 7 -- -- 3 ٻيو 43 5 -- -- 3 4 سر سورٺ پهريون 14 -- -- -- 1 ٻيو 15 -- -- -- 1 ٽيون 19 -- -- -- 1 چوٿون 16 -- -- -- 1 5 سر آسا پهريون 18 1 -- -- 1 ٻيو 14 13 -- -- 1 ٽيون 17 10 -- -- 2 چوٿون 40 8 -- -- 2 6 سر پرڀاتي پهريون 28 6 -- -- 2 7 سر رامڪلي پهريون 42 2 -- -- 1 ٻيو 12 - - -- 1 ٽيون 12 1 -- -- 1 چوٿون 26 -- -- -- 1 پنجون 13 1 -- -- 1 ڇهون 13 1 -- -- 1 ستون 23 -- - - 1 اٺون 17 2 -- -- 1 نائون 18 2 -- -- 1 ڏهون 28 6 -- -- 1 8 سر کاهوڙي پهريون — 5 - - 1 ٻيو — 6 -- -- 1 ٽيون — 6 -- -- 2 9 سر پورب پهريون 33 -- -- -- 1 ٻيو 13 -- -- -- 1 10 سربلاول پهريون 13 3 -- -- 1 ٻيو 16 5 -- -- 1 ٽيون 14 1 -- -- 1 چوٿون 11 2 -- -- 1 11 سر سارنگ پهريون 33 -- -- -- -- ٻيو 8 -- -- -- 1 ٽيون 9 2 -- -- 1 چوٿون 22 -- -- -- 1 12 سر سريراڳ پهريون 16 -- -- -- 2 ٻيو 19 -- -- -- 1 ٽيون 11 2 -- -- 1 چوٿون 17 3 -- -- 1 پنجون 21 3 -- -- 1 ڇهون 6 9 -- -- 1 13 سر سامونڊي پهريون 17 23 -- -- 2 ٻيو 12 10 -- -- 3 ٽيون 9 16 -- -- 2 14 سرڪاموڏ پهريون 28 -- -- -- 1 ٻيو 12 1 -- -- 1 15 سرسسئي آبري پهريون 16 1 -- -- 2 ٻيو 17 11 -- -- 2 ٽيون 11 3 -- -- 2 چوٿون 9 3 -- -- 2 پنجون 15 4 -- -- 2 ڇهون 14 1 -- -- 2 ستون 15 -- -- -- 1 اٺون 9 2 -- -- 2 نائون 8 5 -- -- 1 ڏهون 18 1 -- -- 1 يارهون 16 -- -- -- 1 16 سر معذوري پهريون 11 1 01 -- 1 ٻيو 9 7 01 -- 1 ٽيون 19 2 -- -- 1 چوٿون 11 -- -- -- 2 پنجون 12 3 -- -- 1 ڇهون 22 -- -- -- 1 ستون 15 -- -- -- 1 17 سرديسي پهريون 26 2 -- -- 1 ٻيو 13 -- -- -- 1 ٽيون 21 2 -- -- 1 چوٿون 20 -- -- -- 1 پنجون 18 5 -- -- 1 ڇهون 14 -- -- -- 2 ستون 15 1 -- -- 4 18 سر ڪوهياري پهريون 11 2 -- -- 1 ٻيو 12 7 -- -- 1 ٽيون 12 -- -- -- 1 چوٿون 12 -- -- -- 1 پنجون 11 -- -- -- 1 ڇهون 9 2 -- -- 2 19 سرحسيني پهريون 9 1 -- -- 1 ٻيو 6 13 -- -- 1 ٽيون 8 4 -- -- 1 چوٿون 5 7 -- -- 2 پنجون 9 3 -- -- 2 ڇهون 14 10 -- -- 1 ستون 9 6 -- -- 1 اٺون 12 6 -- -- 1 نائون 10 13 -- -- 1 ڏهون 10 9 -- -- 3 يارهون 19 12 -- -- 2 ٻارهون 30 19 -- -- 1 20 سر ليلا چنيسر پهريون 14 5 -- -- 1 ٻيو 19 2 -- -- 1 ٽيون 15 1 -- -- 1 21 سر مومل راڻو پهريون 16 1 -- -- 1 ٻيو 11 -- -- -- 1 ٽيون 23 -- -- -- 1 چوٿون 15 3 -- -- 1 پنجون 13 1 -- -- 1 ڇهون 16 3 -- -- 1 ستون 17 -- -- -- 1 اٺون 23 1 -- -- 1 نائون 7 -- -- -- 1 22 سربروو سنڌي پهريون 22 -- -- -- 1 ٻيو 13 2 -- -- 1 ٽيون 11 -- -- -- 1 23 سر ڏهر پهريون 6 13 -- -- 1 ٻيو 4 13 -- -- 1 ٽيون 10 9 -- -- 1 چوٿون 22 35 -- -- 1 24 سر گهاتو پهريون 16 1 -- -- 1 25 سرڪاپائتي پهريون 26 6 -- -- 2 26 سررپ پهريون 9 18 -- -- 1 ٻيو 6 10 -- -- 2 27 سر ڪارايل پهريون 28 -- -- -- 1 ٻيو 10 -- -- -- 1 28 سر مارئي پهريون 14 -- -- -- 1 ٻيو 12 -- -- -- 1 ٽيون 23 1 -- -- 1 چوٿون 18 2 -- -- 1 پنجون 11 -- -- -- 1 ڇهون 18 1 -- -- 1 ستون 14 -- -- -- 1 اٺون 18 -- -- -- 1 نائون 13 1 -- -- 1 ڏهون 22 3 -- -- 1 يارهون 8 3 -- -- 1 29 سر سهڻي پهريون 20 1 -- -- 1 ٻيو 14 1 -- -- 1 ٽيون 15 1 -- -- 1 چوٿون 23 -- -- -- 1 پنجون 14 3 -- -- 1 ڇهون 26 1 -- -- 1 ستون 17 -- -- -- 1 اٺون 23 1 -- -- 1 نائون 24 7 -- -- 1 ڏهون 11 -- -- -- 2 يارهون 23 2 -- -- 1 علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو، سنڌي ادبي بورڊ پاران 1961ع ۾ پهريون ڇاپو شايع ڪيو ويو، تنهن وقت سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري شمشير الحيدري صاحب هو. علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي هن ترتيب ڏنل رسالي ۾ شاهه لطيف جا ٻيا ۡاڪثر بيت سٽاءَ جي لحاظ کان دوهي بنياد تي نه چيل آهن، هن سڄي رسالي ۾ رڳو سر معذوري جي داستان پهرين ۽ ٻئي ۾ ٻه اهڙا بيت ملن ٿا جيڪي دوهي جي سٽاءُ ۾ چيل آهن سي هي بيت آهن: (1) ڪتو ڪرٽي هڏيون، جوان مرد جگر کاءِ، الدنيا جنيه وطلابها ڪلاب اي هئين سين لاءِ. (2) وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري، هن پن پنهنجا ساريا، هيءَ هنجون هڏن لئه هاري. پر چون ٿا ته ڪنهن ٻئي رسالي ۾ دوهي سٽاءُ وارا بيت ڪجهه وڌيڪ ملن ٿا، ان خيال کان معلوم ٿئي ٿو ته ڀٽائيءَ دوهي جي سٽاءَ ۾ بيت نه چيا آهن، البته ڀٽائيءَ جي بيتن جي سٽاءَ تي نظر وجهجي ٿي ته ان ۾ سورٺي وارا ڪافي بيت ملن ٿا. شاهه جي رسالي جي هر سُر جي تقريبن هر داستان ۾ ڪجهه نه ڪجهه اهڙا بيت ملن ٿا، جيڪي سورٺي جي سٽاءُ وارا بيت آهن. اهڙن سورٺن جهڙن بيتن جو تعداد علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي ترتيب ڏنل رسالي موجب 542 ٿئي ٿو ۽ بيتن جو تعداد 2362 آهي ۽ واين جو تعداد 180 آهي. هن ر سالي موجب شاهه لطيف جي بيتن، سورٺن، دوهن ۽ واين سميت ٽوٽل تعداد 3084 آهي. حوالا: سيد، جي. ايم- ”لطيف جون وايون ۽ ڪافيون“ قاضي، علامه آءِ آءِ - ”شاهه جو رسالو“ - سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو- 1961 مهراڻ رسالو-سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو-1955 نمبر(2)