خوني بواسير خطرناڪ پر قابل علاج...!!!

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏29 آڪٽوبر 2015۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد

    [​IMG]
    هن تحرير جو مقصد عام ماڻهن تائين خوني بواسير جا نقصان ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ مسئلن بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن معاشري ۾ رهندڙ هر هڪ ماڻهو ۽ خود بواسير جا مريض هن اهم بيماري بابت بنيادي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ۽ وقت سر هن خطرناڪ بيماري جو علاج ڪرائي معاشري ۾ هڪ سٺي صحتمند زندگي گُذاري سگهن.

    خوني بواسير متعلق اسان جي معاشري ۾ ڪافي غلط ڳالهيون به پکڙيل آهن.خاص طور تي اسان جا حڪيم حضرات هن مرض متعلق غلط قسم جي ڄاڻ پهچائي عوام کي گمراهه ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا آهن.
    ڪافي حڪيم ته خوني بواسير جو شرطيه علاج ۽ بواسير جو جڙ کان خاتمو وغيره وغيره جهيڙيون دعوائون به ڪندا آهن.هن قسم جا بورڊ ۽ اعلان ته هر ڪنهن جي نظرن مان ضرور گذريا هوندا.



    [​IMG] [​IMG]

    خوني بواسير ڇا آهي....!!!؟؟؟؟

    بواسير کي عام انگريزي ۾ پائيلز (Piles)، عام رواجي سنڌي ۾ موڪا ۽ ميڊيڪل ٽرمنالوجي ۾ هيمرهائيڊز (Hemorrhoids) به چوندا آهن.

    هي بيماري اصل ۾ رت جي رڳن جي بيماري آهي. انساني جسم جي وڏي آنڊي جو آخري حصو جيڪو ريڪٽم (Rectum) سڏجي ٿو ، ان ۾ موجود رت جون ڪجهه مخصوص رڳون (Blood Vessels) سُڄي وينديون آهن.


    [​IMG]

    ريڪٽم (Rectum) ۾ موجود رت جون اهي مخصوص رڳون جڏهن ڪافي سڄيو وڃن ته نهايت ڪمزور ٿي زخمي (Ulcerative) به ٿيو وڃن، خاص طور تي قبض ۾ سخت پاخاني جي گذرڻ سان آنڊي جو اهو آخري حصو تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿو ۽ ان مان وقت به وقت رت جو اخراج ٿيڻ لڳندو آهي.




    [​IMG]


    خوني بواسير جو وقت سر علاج ڪرائڻ بيحد ضروري آهي ڇاڪاڻ جو مريض جي جسم مان رت جو لاڳيتو ضايع ٿيڻ هڪ تمام خطرناڪ صورتحال آهي. علاج ۾ سستي ڪرڻ سان مريض ۾ خون جي شديد گهٽتائي ۽ ڪمزوري لاحق ٿي ويندي آهي ۽ رت جون اهي سڄيل رڳون آنڊي کي به ڪمزور ڪريو ڇڏين. اهڙي صورتحال ۾ خوني بواسير جي مريض کي پيٽان رت اچڻ سان گڏوگڏ آنڊي جو ڪجهه حصو ٻاهر نڪري اچڻ جي تڪليف به ٿي ويندي آهي.

    خوني بواسير ڇو ٿيندي آھي....؟؟؟


    انساني جسم جا سڀ نظام هڪ ٻئي تي دارومدار رکن ٿا، جيڪڏنهن ڪنهن هڪ نظام ۾ گڙٻڙ ٿئي ته ان سان ٻين تي به برو اثر پوندو آهي. خوني بواسير به انهن مرضن مان هڪ آهي جيڪو جسم جي ٻين نظامن جي گڙٻڙ جي نتيجي ۾ شروع ٿئي ٿو. بواسير جا ڪارڻ مختلف مريضن ۾ مختلف هوندا آهن.

    خوني بواسير جو مرض عام طور تي هيٺين سببن سان ٿيندو آهي.

    • پراڻو قبض.
    • ٿولهه.
    • هڪ ٻئي پٺيان حمل ٿيڻ.
    • سگريٽ نوشي.
    • دست، اسهال.

    [​IMG]

    هلندڙ.....
    (اڳتي خوني بواسير جا مختلف قسم ،حفاظتي تدبيرون ۽ علاج جو ذڪر ايندو.)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 نومبر 2015
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    خوني بواسير جا قسم

    [​IMG]
    ڄاڻڻ گهرجي ته بواسير جو مرض هر مريض ۾ هڪ ئي قسم جو نه هوندو آهي.

    ميڊيڪل ڄاڻ موجب بواسير جا 3 قسم آهن ، ان کان علاوه بواسير جي هر قسم جا وري مختلف اسٽيج يا مرحلا به هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو بواسير جو علاج تجويز ڪرڻ کان اڳ هن بيماري جو مڪمل تفصيل ۽ مريض جو جسماني معائنو ڪرڻ تمام ضروري هوندو آهي ته جيئن مرض جو قسم ۽ اسٽيج وغيره معلوم ڪري سگهجي. اها معلومات انڪري به ضروري هوندي آهي جو بواسير جي مختلف قسمن جو علاج به مختلف هوندو آهي.

    بواسير جا قسم

    1. لڪل بواسير Internal hemorrhoids
    2. ظاهر بواسير External hemorrhoids
    3. مڪمل بواسير Mixed hemorrhoids

    1. لڪل بواسير Internal hemorrhoids

    ”لڪل بواسير“ سڀ کان وڌيڪ عام مرض آهي. هن مرض ۾ رت جون اهي رڳون سڄي وينديون آهن جيڪي پاخاني جي جاء ”مقعد“ کان ڪافي اندر (لڪل) هونديون آهن.
    بواسير جي هن قسم جي شروعاتي مرحلن ۾ مريض کي صرف پيٽان رت اچڻ جي شڪايت هوندي آهي، ليڪن سور يا تڪليف بلڪل نه ٿيندي آهي.

    لڪل بواسير جا چار اسٽيج يا مرحلا هوندا آهن.

    • پهريئن اسٽيج يا مرحلي ۾ رت جون اندريون لڪل رڳون سڄيل ۽ سوزش زده ٿي وينديون آهن ۽ مريض کي صرف پيٽان رت اچڻ جي شڪايت هوندي آهي.
    • ٻئين اسٽيج يا مرحلي ۾ رت جي رڳن جي اها سوڄ ۽ سوزش ڪافي وڌي ويندي آهي ۽ مريض جڏهن پاخانو ڪندو آهي ته آنڊي جو ڪجهه حصو ٻاهر لڙڪي پوندو آهي پر ازخود واپس هلي ويندو آهي.
    • ٽئين اسٽيج يا مرحلي ۾ رت جون اهي سڄيل رڳون آنڊي سميت ٻاهر لڙڪيل رهجيو وڃن ۽ ازخود واپس نه وڃي سگهنديون آهن. انهن جي واپسي لاء مريض کي هٿ سان اندر دٻاء ڏيڻو پوندو آهي.
    • چوٿون مرحلو تمام تڪليف ده مرحلو آهي، ڇاڪاڻ جو ٻاهر نڪتل آنڊو جنهن ۾ سوزش زده سڄيل رڳون موجود هونديون آهن ، اهو مريض جي ڪوششن باوجود واپس اندر نه وڃي سگهندو آهي.

    [​IMG]
    هن تصوير جي مدد سان پڻ بواسير جا اسٽيج آساني سان سمجهي سگهجن ٿا
    بواسير جا مريض عمومن لڪل بواسير جي مرض ۾ ئي مبتلا هوندا آهن ، ڪو به علاج تجويز ڪرڻ کان اڳ مريض جي بيماري جو اسٽيج مٿي ٻڌايل علامتن جي مدد سان معلوم ڪرڻ نهايت ضروري آهي.

    2.ظاهر بواسير External hemorrhoids

    جڏهن وڏي آنڊي جي بلڪل آخري حصي ۾ موجود رت جون اهي رڳون سوزش زده ۽ سڄي وڃن جيڪي ”مقعد“ جي بلڪل ويجهو هجن ته اهڙي حالت کي ميڊيڪل جي ٻولي ۾ ظاهر بواسير External hemorrhoids چوندا آهن. ظاهر بواسير جي مريضن کي شديد تڪليف ٿيندي آهي ڇاڪاڻ جو رت جون اهي رڳون ٻاهرين کل تائين سڄيل هونديون آهن ۽ جسم جي انهن حصن تي تڪليف محسوس ڪرائيندڙ دماغ جون تنتون وڌيڪ فعال هجن ٿيون.


    [​IMG]

    ظاهر بواسير جي مريضن کي هلڻ، ويهڻ ۽ سمهڻ ۾ به شديد تڪليف ٿيندي آهي جنهنڪري اصل علاج کان اڳ سور ختم ڪرائيندڙ دوائون به تجويز ڪيون وينديون آهي.
    لڪل بواسير جي مقابلي ۾ هن قسم جي بواسير External hemorrhoids جا مريض ڪجهه گهٽ هوندا آهن.


    3.مڪمل بواسير Mixed hemorrhoids
    جنهن مريض ۾ بواسير جي ٻنهي قسمن (لڪل ۽ ظاهر بواسير ) جون علامتون هڪ ئي وقت موجود هجن ته ميڊيڪل جي ٻولي ۾ اهڙي حالت کي مڪمل بواسير ( Mixed hemorrhoids) چوندا آهن.
    مڪمل بواسير جو مرض وقت سر تشخيص نه ٿئي ته پيٽان رت اچڻ ۽ شديد تڪليف سان گڏوگڏ مريض کي مختلف خطرناڪ مسئلا به پيدا ٿي سگهن ٿا. خاص طور تي آنڊي جو ٻاهر نڪري مڪمل خراب ٿي وڃڻ، طاقتور جراثيمن جا حملا ۽ لاڳيتو رت جو ضايع ٿيڻ وغيره. اهڙن مريضن جو علاج به ڪافي پيچيده هوندو آهي.


    هلندڙ.....
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏7 نومبر 2015
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    خوني بواسير کان بچاء جون حفاظتي تدبيرون

    [​IMG]
    1.قبض کان بچاء:
    ڄاڻڻ گهرجي ته بواسير ٿيڻ جو سڀ کان اهم ڪارڻ قبض آهي. رفع حاجت دوران سخت پاخاني جي اخراج لاء گهڻو زور سڌوسنئون آنڊي جي آخري حصي تي خراب اثر وجهي ٿو، نتيجي ۾ ان حصي ۾ موجود رت جون رڳون سُڄيو وڃن ۽ جسم مان رت جو ضايع ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو، ان کان علاوه وقت گذرڻ سان گڏوگڏ آنڊي جي ڪمزوري ۽ ٻاهر نڪري اچڻ جهيڙي تڪليف به لاحق ٿيو وڃي. آنڊي جي هن تڪليف جو نالو ئي ”خوني بواسير “ آهي.

    قَبض کان بچاء اصل ۾ بواسير کان بچاء آهي ۽ قبض کان بچڻ لاء اسان کي پنهنجي غذا تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. خاص طور تي غذا ۾ فائبر جو استعمال وڌائڻ يعني ڀاڄين جو وافر مقدار ۾ استعمال قبض جو قدرتي علاج آهي. پنهنجي روزمره جي خوراڪ ۾ دالين ۽ ميون جو استعمال به آنڊي جي حرڪت کي نارمل رکي ٿو. ان کان علاوه پاڻي جو استعمال وڌائڻ سان به قبض ۾ آرام ملي ٿو.


    [​IMG]

    اها هڪ ثابت ٿيل حقيقت آهي ته قبض وارن مريضن جي غذا تبديل ٿيڻ شرط سندن سخت پاخانو نرم ٿي وڃي ٿو ۽ بواسير جا اهي مريض جيڪي شروعاتي اسٽيج تي هجن انهن جي رڳو غذا تبديل ٿيڻ سان ئي کين مڪمل افاقو به ملي وڃي ٿو.

    2. ٿولهه کان بچاء :
    جسم جو وزن جيڪڏهن گهڻو وڌي وڃي ته مختلف جان ليوا مرضن جو باعث بڻجي ٿو. بواسير جا اهي مريض جيڪي ٿولهه جو شڪار هجن ته کين پهرين فرصت ۾ پنهنجي وزن کي گهٽائڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو بغير وزن گهٽ ڪرڻ جي بواسير جو علاج ممڪن نه آهي.

    بواسير کان بچاء جون ڪجهه آسان ۽ ساديون تدبيرون
    • خوراڪ ۾ اهڙين شين جو استعمال جيڪي قبض ٿيڻ کان بچائين.
    • رات جي ماني کان پوء پنڌ ڪرڻ جي عادت.
    • روزانو مقرر وقت تي هلڪي ورزش.
    • پاخانو ڪرڻ وقت گهڻو زور ڏيڻ کان پرهيز.
    • قبض ڪشا دوائن کان پرهيز. ( دستن سان پڻ آنڊي جي رڳن کي نقصان پهچي ٿو.)
    • روزانو 8 کان 10 ڪلاڪ جي ننڊ.
    • پاڻي جو وافر مقدار ۾ استعمال.
    هلندڙ....
    (اڳتي خوني بواسير جي علاج جو ذڪر ايندو.)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 نومبر 2015
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    خوني بواسير جو علاج
    عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته ميڊيڪل ۾ رڳو آپريشن سان ئي بواسير جو علاج ڪيو وڃي ٿو ۽ خوني بواسير جو بنا آپريشن علاج صرف حڪيمن وٽ ئي آهي ۽ بدقسمتي سان اڄ به خوني بواسير جا مريض پهرين حڪيمن کان ئي پنهنجو علاج ڪرائيندا آهن جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

    هن خطرناڪ بيماري جي مختلف قسمن ۽ مرحلن کي ڄاڻڻ کانسواء ڪنهن کان به علاج ڪرائڻ صرف ۽ صرف پنهنجو نقصان ڪرڻ ئي آهي. ڀلا جيستائين مرض جي اصل نوعيت معلوم نه هجي ان جو علاج ڪيئن ممڪن آهي...؟

    ياد رهي ته خوني بواسير جو علاج شروع ڪرڻ اڳ مريض جي بيماري جي مڪمل تفصيل ۽ سندس جسماني معائنو ڪرڻ نهايت ضروري هوندو آهي ڇاڪاڻ جو اڄ جي جديد دور ۾ خوني بواسير جي شروعاتي اسٽيج ۽ مرحلن جو علاج صرف ڪجهه احتياطي تدبيرن ۽ ڪجهه مخصوص دوائن ۽ ڪريمن سان ئي ممڪن بڻجي چڪو آهي.

    خوني بواسير جي تقريبن هر مريض کي هيٺيان اهم مشورا ۽ دوائون تجويز ڪيون وينديون آهن.

    • روزانو گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽ هلڪي گرم پاڻي ۾ ويهڻ.
    • غذا ۾ تبديلي ۽ ڀاڄين جو زياده استعمال.
    • لڊوڪين هيمرهائيڊل ڪريم (lidocaine) جو استعمال.
    • سور ختم ڪرائيندڙ دوائن (Nonsteroidal anti-inflammatory drugs) جو استعمال.
    • پاخانو نرم ڪندڙ دوائن جو استعمال.


    [​IMG] [​IMG]
    خوني بواسير جي علاج ۾ سستي ڪرڻ يا حڪيمن جي دوائن پٺيان گهڻو وقت وڃائڻ جي نتيجي ۾ هي مرض ڪافي وڌي وڃي ٿو ۽ مٿي ٻڌايل ٽئين يا چوٿين اسٽيج جي آخري مرحلن تائين پهچي ڪيترائي تڪليف ده مسئلا پيدا ڪري ڇڏيندو آهي ، پوء ان جو علاج به ڪافي پيچيده ٿيو وڃي.

    جيڪڏنهن خوني بواسير احتياطي تدبيرن ۽ عام دوائن سان ختم نه ٿئي ته ڪجهه مخصوص علاج تجويز ڪرڻا پوندا آهن.
    مثال طور

    • رٻڙ بينڊ لائگيشن (Rubber Band ligation)
    • انجيڪشن اسڪليروٿراپي. (Injection Sclerotherapy)
    • الٽراسائونڊ گائيڊيڊ هيمرهائيڊل آرٽري لائيگيشن. (Ultrasound guided Hemorrhoidal Artery Ligation)
    • هيمرهائيڊيڪٽومي. (Hemorrhoidectomy)
    رٻڙ بينڊ لائگيشن (Rubber Band ligation)

    خوني بواسير جي علاج جو هي طريقو تمام گهڻو مشهور آهي ڇاڪاڻ جو هن طريقه علاج سان مريضن کي ٻين آپريشن وارن طريقن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ تڪليف ٿيندي آهي ۽ مختصر وقت ۾ (عمومن 2 کان 7 ڏينهن ۾) رت جي انهن سوڄ وارين رڳن مان نجات به ملي ويندي آهي.


    [​IMG] [​IMG]

    رٻڙ بينڊ لائگيشن (Rubber Band ligation) ۾ هڪ خاص قسم جي اوزار جي مدد سان هڪ تمام سوڙهي رٻڙ کي رت جي سُڄيل رڳن واري ماس جي پاڙ ۾ پهچايو ويندو آهي جتي اهو رٻڙ ايتري مضبوطي سان جڪڙجي ويندو آهي جو ماس جي خون جي وهڪري کي مڪمل بند ڪريو ڇڏي نتيجي ۾ رت جي سڄيل رڳن جو اهو سڄو ماس ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پاڻ مرادو ڇڻي پاخاني سان گڏ خارج ٿي وڃي ٿو.

    [​IMG]


    رٻڙ بينڊ لائگيشن جي ڪاميابي جو امڪان 60 کان 80 سيڪڙو تائين آهي.

    هلندڙ..…
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 نومبر 2015
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    انجيڪشن اسڪليروٿراپي
    ( injection sclerotherapy)

    جڏهن احتياطي تدبيرن، عام دوائن يا ڪريمن لڳائڻ باوجود خوني بواسير جو مرض جان نه ڇڏي ته هي طريقه علاج تجويز ڪيو ويندو آهي پر ان کان پهرين مريض جو مڪمل معائنو ڪري اهو معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته وڏي آنڊي جي آخري حصي ۾ موجود رت جون اهي مخصوص رڳون ڪيتريون سُڄيل آهن. تمام وڏي ماپ وارين رڳن لاء مٿي ٻڌايل رٻڙ بينڊ لائگيشن ئي بهتر علاج آهي پر جيڪڏهن اُهي رڳون ننڍيون هجن ته انهن تي رٻڙ بينڊ لائگيش ڪرڻ ممڪن نه هوندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ انجيڪشن اسڪليروٿراپي هڪ ڪامياب علاج سمجهيو وڃي ٿو.

    هن علاج ۾ هڪ ڪيميڪل اسڪليروسنٽ ”sclerosant“ هڪ مخصوص انجيڪشن جي مدد سان سُڄي ويل رڳن ۾ لڳايو ويندو آهي. هي دوا سُڄي ويل رڳن ۾ هڪ قسم جو ري ايڪشن ڪرائيندي آهي جنهن سان اهي رڳون سُڪڙجي وينديون آهن ۽ ڪجهه ئي عرصي ۾ (اندازن 10کان 14ڏينهن ۾) پاڻ مرادو خارج ٿي جسم مان نڪريو وڃن. مختلف تحقيقي رپورٽن مطابق انجيڪشن اسڪليروٿراپي سان گڏ احتياطي تدبيرن تي مڪمل عمل ڪرڻ سان خوني بواسير جو سڄي زندگي لاء مڪمل خاتمو ٿي وڃي ٿو.

    ڄاڻڻ گهرجي ته انجيڪشن لڳڻ کان پوء هڪ ٻن هفتن ۾ رت جون اهي سُڄيل رڳون سُڪڙجي جسم مان نڪريو وڃن ان عرصي دوران ٿوري مقدار ۾ رت جو خارج ٿيڻ هڪ عام ڳالهه آهي پر جيڪڏھن ڪافي مقدار ۾ رت ضايع ٿيندو رهي ته فورن سرجن سان مشورو ۽ ان جو علاج ڪرائڻ گهرجي.


    [​IMG] [​IMG]

    عام طور تي انجيڪشن اسڪليروٿراپي هيٺين مريضن ۾ تجويز ڪئي ويندي آھي.
    • اهي مريض جن کي احتياطي تدبيرن ، دوائن ۽ ڪريمن جي استعمال سان ڪو به فائيدو نه پهتو هجي.
    • لڪل بواسير جا اهي مريض جن جون سڄيل رڳون ننڍيون هجن.
    • اهي مريض جيڪي جسماني طور تي تمام ڪمزور هجن ۽ وڏي آپريشن لاء فٽ نه هجن.
    • 70 سال کان وڏي عمر وارا مريض.

    الٽراسائونڊ گائيڊيڊ هيمرهائيڊل آرٽري لائيگيشن
    (Ultrasound guided Hemorrhoidal Artery Ligation)

    خوني بواسير جو هي هڪ تمام جديد طريقه علاج آهي. اهي مريض جيڪي اسٽيج ٻئين ۽ اسٽيج ٽئين جي مرض ۾ مبتلا هجن ته انهن لاء هي علاج بيحد فائيديمند سمجهيو وڃي ٿو . ڪن حالتن ۾ اسٽيج چوٿين وارن مريضن لاء به هي علاج تجويز ڪيو ويندو آهي پر انهن مريضن ۾ سندن سڄي ويل رڳن جي ماس مٿان ڪجهه ٽاڪن لڳائڻ جي به ضرورت پوندي آهي ته جيئن اسٽيج 4 ۾ آنڊي جي بلڪل ڪمزور ٿي ٻاهر نڪري اچڻ کي روڪي سگهجي.


    [​IMG] [​IMG]


    ڊاپلر الٽراساؤنڊ (رڳن جي وهڪري کي چيڪ ڪندڙ الٽراساؤنڊ) جي مدد سان آنڊي جي سڄي ويل رڳن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ سندن اها شاخ به ڳولهي ويندي آهي جيڪا انهن سڄي ويل رڳن کي رت پهچائي ٿي، جنهن کان پوء ان اصل رت پهچائيندڙ رڳ کي وڏي احتياط سان هڪ خاص قسم جي ڌاڳي سان بند ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح خوني بواسير جون سُڄي ويل رڳون رت نه ملڻ ڪري ٿوري عرصي ۾ ئي سُڪڙجيو ختم ٿيو وڃن.

    هي علاج خاص طور تي لڪل بواسير جي مريضن لاء 90 سيڪڙو تائين ڪامياب آهي.



    هلندڙ…
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 نومبر 2015
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    هيمرهائيڊيڪٽومي
    (Hemorrhoidectomy)

    خوني بواسير جي علاج جو سڀ کان اهم آپريشن هيمرهائيڊيڪٽومي (Hemorrhoidectomy) آهي. جڏهن مٿي ذڪر ڪيل سڀ طريقا ڪامياب نه ٿين يا مريض بدقسمتي سان خوني بواسير جي ٽئين يا چوٿين اسٽيج تي پهچي وڃي ته مختلف احتياطي تدبيرون يا ٻيا علاج جا طريقا ڪو خاص فائيدو نه ڏئي سگهندا آهن.انهن مريضن لاء
    خوني بواسير جو آخري ۽ سڀ کان مؤثر علاج هي آپريشن آهي.

    [​IMG]
    ماضي ۾ هي آپريشن تمام گهڻو تڪليف ده هوندو هو ڇاڪاڻ جو ان وقت سور ختم ڪندڙ دوائون جو ڪو به وجود نه هو ۽ مريضن کي ڪافي ڏينهن تائين اسپتال ۾ ئي رهڻو پوندو هو پر اڄڪلهه ڪيترن قسمن جون اهڙيون طاقتور ۽ محفوظ دوائون اچي ويون آهن جو مريض کي آپريشن کان پوء تمام گهٽ تڪليف ٿيندي آهي ۽ اڪثر مريض آپريشن واري ڏينهن يا ان جي ٻئي ڏينهن گهر وڃڻ جي قابل به ٿي ويندا آهن.

    [​IMG] [​IMG]
    هي هڪ اهڙو آپريشن آهي جنهن ۾ خوني بواسير وارين سڄيل رڳن ۽ آنڊي جي وڌيل ماس کي سرجري جي خاص طريقن وسيلي جڙ کان وڍي الڳ ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اهو حصو وڏي ماپ جو هجي ته ڪن مريضن ۾ رت ضايع ٿيڻ جي خطري ڪارڻ ان جاء جي چوڌاري ٽاڪا پڻ هنيا ويندا آهن. مريض جي سُڄيل رڳن جي ماپ، آنڊي جي ڪمزوري، بواسير جو قسم يعني لڪل ، ظاهر يا مڪمل بواسير مطابق هي آپريشن مختلف طريقن سان ڪيو وڃي ٿو.

    اسٽيپلڊ هيمرهائيڊيڪٽامي (Stapled Hemorrhoidectomy) هڪ جديد ترين طريقه علاج آهي جنهن ۾ رت جي سُڄيل رڳن ۽ آنڊي جي وڌيل ماس کي هڪ خاص قسم جي اوزار سان نه صرف ڪٽيو ويندو آهي پر پٺيان وارو زخم ساڳئي وقت بند به ٿي ويندو آهي. جنهنڪري اڪثر مريضن ۾ رت جو هڪ ڦڙو به ضايع نه ٿيندو آهي.

    هن آپريشن هيمرهائيڊيڪٽومي (Hemorrhoidectomy) جي ڪاميابي جو امڪان ٻين سڀني طريقن کان وڌيڪ آهي. مختلف تحقيقي رپورٽن مطابق هي آپريشن 95 سيڪڙو خوني بواسير جي سوڄ وارين رڳن ۽ ٻاهر لڙڪي آيل آنڊي کان مڪمل نجات ڏياري ٿو.

    هن آپريشن سان مختلف مريضن کي مختلف تڪليفون پڻ ٿي سگهن ٿيون.

    آپريشن واري جاء تي شديد سُور ( Severe pain) : قدرتي طور تي هر ڪنهن مريض جي جسم ۾ سور برداشت ڪرڻ جي سهپ الڳ هوندي آهي. اڄ جي جديد دور ۾ سور ختم ڪرائيندڙ دوائن جي مدد سان اها تڪليف ختم ٿي ويندي آهي.

    پيشاب ۾ رڪاوٽ (Urinary retention): هي هڪ عارضي تڪليف آهي، جيڪا ڪنهن به آپريشن کان پوء ٿيڻ ممڪن آهي، جيڪڏهن پاڻ مرادو پيشاب نه اچي سگهي ته پوء دوائن ۽ پيشاب جي نلڪي لڳائي اهو مسئلو حل ڪيو ويندو آهي.

    مقعد جو تنگ ٿي وڃڻ (Anal stenosis) : ڪجهه مريضن ۾ آنڊي جي زخم ڀرجي وڃڻ کان پوء مقعد تمام سوڙهو ٿي وڃي ٿو ، جنهنڪري پاخاني جو نيڪال نهايت مشڪل بڻجي ويندو آهي پر هڪ سادي آپريشن جي مدد سان اهو مسئلو به آساني سان حل ٿي ويندو آهي.

    پاخاني ۾ ڏکيائي : هي پڻ هڪ عام تڪليف آهي. آپريشن کان پوء مريض کي پاخانو نرم ڪندڙ دوائون ۽ فائيبر مليل غذائون (ڀاڄيون) استعمال ڪرائڻ سان افاقو ملي ويندو آهي.

    رت جو اخراج (Bleeding) : هونء ته هي هڪ عام مسئلو آهي ۽ آپريشن کان پوء 3 کان 5 ڏينهن تائين گهٽ مقدار ۾ رت جو اخراج ضرور ٿيندو آهي، پر جيڪڏهن گهڻي مقدار ۾ رت ضايع ٿيڻ لڳي ته بنا دير آپريشن ڪندڙ سرجن سان مشورو ڪرڻ گهرجي ته جيئن وقت سر ان جو علاج ڪجي. ٻي صورت ۾ مريض جي جان کي به خطرو ٿي سگهي ٿو.

    نوٽ: خوني بواسير بابت هي مضمون ميڊيڪل جي مختلف ڪتابن جي مدد سان لکيو ويو آهي ۽ تصويرون نيٽ تان ورتل آهن ته جيئن هن خطرناڪ مرض کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي سگهي. درست تشخيص ۽ وقت سر علاج سان هي مرض مڪمل طور تي قابل علاج آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وڌ ۾ وڌ ماڻهن تائين هي معلومات پهچائي وڃي ته جيئن بواسير جا مريض اشتهاري حڪيمن وٽ وڃي پنهنجو وقت ۽ پئسو زيان ڪرڻ بدران ڪنهن ڪواليفائيڊ ماهر سرجن کان علاج ڪرائي صحت مند زندگي گذاري سگهن.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 نومبر 2015
    عبيد ٿھيم، سليمان وساڻ ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب ....سچ ته انتهائي ڄاڻ وارو موضوع آهي. هن ليک جي لنڪ فيسبوڪ تي شيئر ڪيم ته اتي به پذيرائي مليس.

    اميد ته اڳتي به اهڙا قرب ڪندا رهندا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هي انتهائي خطرناڪ بيماري آهي.
    تمام ڄاڻ وارو موضوع آ..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو