
جيڪب آباد ڌماڪي سبب اسان کان وڇڙي ويل 15 ورهين جي انمول لاشاري جي مُرڪندڙ حياتيءجي تصوير
انمول ڌماڪي کانپوء گهر پهتي ۽ چيائين هُن کي ڪجهه ناهي ٿيو پر بعد ۾ خبر پئي ته هن کي ڪجهه نه ڪجهه ٿيو آهي
-
اسپتال پهتا ته ڊاڪٽرن چيو هِن کي ننڍو زخم آهي، فوجي اسپتال پهتا ته انمول کي ڪراچي کڻي وڃڻ لاء چيائون، ڪراچي پهتا ته چيائون اوهان اچڻ ۾ دير ڪئي آهي، انمول پنهنجي حياتيء جا آخري پل جئي پئي
-
انمول پيء جي فرمائش تي آخري دفعو مرڪي ته سندس مُرڪ تصوير ۾ قيد ٿي وئي
-
انمول کي ڪن جي پردي ۾ ڇُرو لڳو هو جيڪو نيٺ موت جو سبب بڻيو
-
او ۔۔ انمول۔۔ اسان کي معاف ڪج
ساگر سهندڙو جي فيسبوڪ وال تان ورتل