• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيڪب آباد ڌماڪي سبب اسان کان وڇڙي ويل 15 ورهين جي انمول لاشاري جي مُرڪ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jrwdUTJ6Va7h4.jpg

جيڪب آباد ڌماڪي سبب اسان کان وڇڙي ويل 15 ورهين جي انمول لاشاري جي مُرڪندڙ حياتيء‌جي تصوير

انمول ڌماڪي کانپوء گهر پهتي ۽ چيائين هُن کي ڪجهه ناهي ٿيو پر بعد ۾ خبر پئي ته هن کي ڪجهه نه ڪجهه ٿيو آهي
-
اسپتال پهتا ته ڊاڪٽرن چيو هِن کي ننڍو زخم آهي، فوجي اسپتال پهتا ته انمول کي ڪراچي کڻي وڃڻ لاء چيائون، ڪراچي پهتا ته چيائون اوهان اچڻ ۾ دير ڪئي آهي، انمول پنهنجي حياتيء جا آخري پل جئي پئي
-
انمول پيء جي فرمائش تي آخري دفعو مرڪي ته سندس مُرڪ تصوير ۾ قيد ٿي وئي
-
انمول کي ڪن جي پردي ۾ ڇُرو لڳو هو جيڪو نيٺ موت جو سبب بڻيو
-
او ۔۔ انمول۔۔ اسان کي معاف ڪج

ساگر سهندڙو جي فيسبوڪ وال تان ورتل
 
هي سين نه ڏيندي چين

هن تصوير دماغ تي ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي .... هي تصوير ۽ مُرڪ ڄڻ ته مونتي کلندي، چٿرون ڪندي ٿي رهي ته او سنڌ جا سنڌيو اوهان ڪيترين نياڻين، پٽڙن، نوجوانن، ڀائرن ۽ بزرگن، دوستن ۽ يارن جا لاش هن مذهبي دهشتگردي، رياستي ۽ سياست جي دهشتگردي ۾ وڃائيندا رهندا ؟؟؟؟ .... ڪيئي سوال آهن جيڪي جيءَ کي جهنجهوڙين ٿا ... مان بيوس ۽ لاچار بڻجي اکين مان لڙڪ ڳاڙي هن ڳالهه کي وسارڻ چاهيان ٿو، پر هي سين اکين اڳيان وڃي ئي نٿو

هي سين نه ڏيندي چين
 
Back
Top