sarmadjosh
سينيئر رڪن
سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هنياو سان هنڊائجـانءِ
خواب چچريل منھنجا تعبير تائين پڄائجانءِ.
سوچ تي گوليون وٺيون هن هر رات گذري راڙ ۾
جلاد هن ستا وڃي اوچ جي ست ماڙ ۾
بيرڪون جلي ويون بارود جي بوڇاڙ ۾
جذبن جو قيدي آهيان ٿو مارجان ڪنھن آڙ ۾
پر هيئن ته منھنجي موت تي تون اڄ نه ڳوڙها ڳاڙجانءِ.
آواز ٿا گھٽيا وڃن ۽ ڀونءِ سڄي آ چوءکنڀي
ڏاڍ جي هٿن ۾ آ ڏات جي ڳچي ڏنڀي
ضرب آ سنگين جي ۽ تون ٿي اکيون ڇڀين
مان ته قيد ۾ پکي ۽ تون به قيد ۾ سڙين
چپ سبين متان چري گيت ۾ گھرائجان
آڪاش ۾ بٺيون ٻريون تارا نچي سمھي پيا
ڏٺئي ته اڀ سڄي مٿان وري وري وڄون ڪريون
ڏسي اتر ڏکڻ منجھان ارمان جا ڪڪر وسيا
رات ٿڌڙي جي هجي ۽ سوڳ ۾ خوشيون هجن
هانو تي تري اچانءِ ته چنڊ ۾چتائجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هانوَ سان هنڊائجانءِ
ياد جيئن ٿي اچي گھاءُ تيئن ٿو ڪُرين
ڏينھن ٻه ٽي ڏکيا هن تون به پير آءُ ڀري
ڌر تتي جيان دليون ذرو ذرو پيون ٻري
سنڌ ديوي جي رسم شروع ۾ ٿي رت گھري
ڪفن منھنجو وٽيون ڪري ڏيئا لھوءَ مان ٻارجانءِ
راڳ جي جٽاو مان باک جي ڦٽي پوي
آزاد سنڌ ٿئي جڏهن ۽ رات هي کٽي پوي
تنھنجا به پير ناچ ۾ ڇير ئي ڇني ڇڏن
خوشي ۾ سڀ وڄي وڄي تنبور ئي ٽٽي پون
ساز ماٺ ٿئي متان چڳون ورائي چاڙهجانءِ
پڙاڏا پيار جا ڦٽي پون ڀٽن مُھاڙ تي
چنڊ جڏهن چڙهي اچي سج لٿي ڪِراڙ تي
بندش نه ڪا هجي جڏهن، راڳ جي اڏام تي
تنھنجا به ڪٺل اچي وڃن، سونھن جي سلام تي
نماڻي کي به نيڻ مان انهن سندي نھارجانء
سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هانوَ سان هنڊائجانءِ
خواب چچريل منھنجا تعبير تائين پڄائجانءِ.
نماڻو سنڌي
خواب چچريل منھنجا تعبير تائين پڄائجانءِ.
سوچ تي گوليون وٺيون هن هر رات گذري راڙ ۾
جلاد هن ستا وڃي اوچ جي ست ماڙ ۾
بيرڪون جلي ويون بارود جي بوڇاڙ ۾
جذبن جو قيدي آهيان ٿو مارجان ڪنھن آڙ ۾
پر هيئن ته منھنجي موت تي تون اڄ نه ڳوڙها ڳاڙجانءِ.
آواز ٿا گھٽيا وڃن ۽ ڀونءِ سڄي آ چوءکنڀي
ڏاڍ جي هٿن ۾ آ ڏات جي ڳچي ڏنڀي
ضرب آ سنگين جي ۽ تون ٿي اکيون ڇڀين
مان ته قيد ۾ پکي ۽ تون به قيد ۾ سڙين
چپ سبين متان چري گيت ۾ گھرائجان
آڪاش ۾ بٺيون ٻريون تارا نچي سمھي پيا
ڏٺئي ته اڀ سڄي مٿان وري وري وڄون ڪريون
ڏسي اتر ڏکڻ منجھان ارمان جا ڪڪر وسيا
رات ٿڌڙي جي هجي ۽ سوڳ ۾ خوشيون هجن
هانو تي تري اچانءِ ته چنڊ ۾چتائجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هانوَ سان هنڊائجانءِ
ياد جيئن ٿي اچي گھاءُ تيئن ٿو ڪُرين
ڏينھن ٻه ٽي ڏکيا هن تون به پير آءُ ڀري
ڌر تتي جيان دليون ذرو ذرو پيون ٻري
سنڌ ديوي جي رسم شروع ۾ ٿي رت گھري
ڪفن منھنجو وٽيون ڪري ڏيئا لھوءَ مان ٻارجانءِ
راڳ جي جٽاو مان باک جي ڦٽي پوي
آزاد سنڌ ٿئي جڏهن ۽ رات هي کٽي پوي
تنھنجا به پير ناچ ۾ ڇير ئي ڇني ڇڏن
خوشي ۾ سڀ وڄي وڄي تنبور ئي ٽٽي پون
ساز ماٺ ٿئي متان چڳون ورائي چاڙهجانءِ
پڙاڏا پيار جا ڦٽي پون ڀٽن مُھاڙ تي
چنڊ جڏهن چڙهي اچي سج لٿي ڪِراڙ تي
بندش نه ڪا هجي جڏهن، راڳ جي اڏام تي
تنھنجا به ڪٺل اچي وڃن، سونھن جي سلام تي
نماڻي کي به نيڻ مان انهن سندي نھارجانء
سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هانوَ سان هنڊائجانءِ
خواب چچريل منھنجا تعبير تائين پڄائجانءِ.
نماڻو سنڌي