خبر آئي آهي ته عمران خان ۽ ريحام خان ۾ طلاق جو فيصلو ٿي چڪو آهي. هن ئي سال جنوري ۾ اها شادي ٿي هئي جنهن ۾ عمران جو ڀينرون به شامل ڪونه ٿيون هيون، هنن کي خبر ئي نه هئي جو عمران خان ٽي وي تي ڪم ڪندڙهڪ معروف صحافي عورت ۽ اڳ ئي طلاق يافته ريحام خان سان شادي ڪري ورتي. ٻئي سياسي پروگرامن، سماجي پروگرامن، دعوتن، جلسن ۾ گڏ رهيا ۽ ريحام گهڻو سرگرم رهندي نظر آئي. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي عمران خان ريحام کي سياسي سرگرمين کان الڳ رهڻ جو چيو. هاڻي وري خبر آئي ته ٻنهي ۾ طلاق ٿي آهي ۽ ريحام ڪالهه ئي عمران جو گهر ڇڏي چڪي آهي. عمران خان ٽئٽر تي پيغام ڇڏيو آهي ته هي مون لاء، ريحام لاء اسان جي خاندان لاء ڏک وارو مرحلو آهي. سڀني کي اسان جي پرائيويسي جو احترام رکڻ گهرجي. ريحام پنهنجي ٽئيٽ ۾ لکيو آهي ته اسان ٻنهي الڳ الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پر اسان جي ميڊيا لاء ته هي هڪ نئون در کُلي پيو ..... بريڪنگ نيوز جي ڊگهي لائين آهي ...