سپيم ميسيجنگ..

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هتان جي عوام لاءِ موبائيل رکڻ ڪو سهانگو سودو ناهي.. ڇو ته مهانگائي جو دور جنهن ۾ گهر جي روزي روٽي لاءِ ئي سور ڪافي آهن مٿان سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڀرڻ جو ڌنڌو به اهو ئي موبائيل آهي.. ڪالز کان ايس ايم ايس تائين ٽيڪس رڳو ايترو ئي نه پر ڪارڊ لوڊ ڪرائڻ جو به ٽيڪس... ان کان علاوه موبائيل جي کسجي وڃڻ جو خوف به هر دفعي موجود رهي...
    پر دوستو ڳالهه اتي به بس ناهي.. جو مون چڱن ڀلن ساٿين کي موبائيل ڪري طبيعت تي واضح فرق ٿيندي ڏٺو آهي.. بلڊ پريشر جو مرض رکندڙن کي ته ڊاڪٽرن جو هميشه موبائيل کان پري رهڻ جو مشورو هوندو آهي... خير رڳو مريض ئي نه پر هاڻي ته عام ماڻهون جو به دماڳ گهميو وڃي جڏهن وقت تي ضروري ڪال وقت ڪمزور سگنلس، گهٽ ڪوالٽي رکندڙ آواز ۽ بيلينس جو تيزي سان ڪرڻ پوڻ اصل چڪرائي وجهي.. مٿان وري اڻ ڄاڻ نمبرن تان ڪالز جو اچڻ يا وري مس ڪالز جي اچڻ جا سور به ڪجهه گهٽ ناهن...
    پر ساٿيو سور ختم ڪاٿي ٿا ٿين... وڌي ته ان وقت به ويندا آهن جڏهن سپيم قسم جا ميسيج .. ڪمپنين جا هرو ڀرو وارا اشتهار ايندا هجن...
    ڪڏهن ڪڏهن ته سوچيندو آهيان ته رڳو منهنجن ئي نمبرن تي سپيم ميسيج ٿا اچن ڇا...؟ هتي ڪجهه عام ايندڙ ميسيجز جا اسڪرين شاٽ موڪلجن ٿا... پڇڻو اهو آهي ته انهن ميسيجز جي لاءِ مان اڪيلو ئي آهيان يا توهان به شڪار آهيو...

    مبارڪون ... ۽ ... واڌايون
    [​IMG]
    سولا نمبر مهانگي قيمت​

    [​IMG]

    بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا مبارڪبادي پيغام​


    [​IMG]

    يوفون جو حسابي پيغام وارو هرو ڀرو جو سلسلو​

    [​IMG]

    وزن وڌايو... نه ته وزن گهٽايو...​

    [​IMG]

    ۽ پنڻ جو سڀ کان مشهور ۽ جديد طريقو...​


    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ها ها ها ها ها...:D:p
    ادا ذيشان...رڳو توهان سان نه پر سڀني سان ساڳيو ظلم آهي.اهڙن پيغامن کي پڙھي پڙهي هاڻ ته دل به پڪي ٿي وئي آهي.:cool:
    بس ادا...پاڪستان زنده باد...:)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ان کان علاوه خود موبائل ڪمپني جون فضول آفرس ۽ ٽيون لڳائڻ لاءِ ڪالز جو عذاب الڳ.
    هڪ دفعي اسان واري يار يونس ملڪاڻي موبلنڪ وارن کي ڪال ڪري چيو ته ڪا به آفر هُجي ان جو ميسيج يا ڪال مون کي نه ڪجو. اڳيان ڪال سينٽر تي ويٺل مائي پريشان ٿي وئي. چئي اهو ممڪن ناهي توهان نظر انداز ڪندا ڪريو. هن چيس ڪو هڪ اڌ دفعو هُجي ته ڪجي. اوهان ته ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا ٿا اهڙا ميسيج ڪريو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پاڻ واري دوست گورڌن ولاسائي صلاح ڏني آهي ته موبائيل ۾ ڊيفالٽ ميسيج ۽ ڪال ڊائلر بجاءِ Tru Caller ايپ استعمال ڪريو... ان ايپليڪيشن جي خصوصيت اها آهي ته اڻ ڄاڻ نمبرن مان لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو نمبر ان جي ڊيٽا بيس ۾ موجود هجڻ ڪري پاڻمرادو نالو کنيو اچن جڏهن ته اشتهاري ايندڙ ميسيجز کي بلاڪ ڪندا وڃو ۽ جان کي آجو ڪندا وڃو... في الحال اها ايپليڪيشن آزمائش هيٺ آهي.. پسند آئي ته دوستن اڳيان ريويو سميت پيش ڪبي..
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    اھو سڀ ڪجھ ته سھندا ھُئاسين اڄ ڪلھ ته زونگ وارا ٽائيم ڏسڻ بنا سسٽم ڪال ڪري آفر ايڪٽو ڪرائڻ لڳا آھن، جيڪڏھن ننڊ ھجي يا آفيس ۾ ھجي ڪافي مصروف ھجي بس ھڻ ڪال سڀني سورن کي ڏسندي به اڄ ڪلھ فون کان بغير رھڻ ناممڪن آھي.
    توڙي جو ڪاوڙ ۾ موبائيل ڀڄي به ڇڏجي پر ٻئي ڏينھن وري نئين وٺڻي پوندي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    يار اها TrueCaller ايپ آهي ته شاندار پر مسئلو آهي ته هر وقت انٽرنيٽ کليل رکڻي پوندي. وري اسان جي موبائل جا سڀ جا سڀ contact پنهنجي ڊيٽابيس ۾ رکي ٿو ڇڏي....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو