الطاف حسين جوکيو استاد سنڌي شعبو گورنمنٽ ڊگري ڪاليج محراب پور. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ اصطلاح ’مخفّف‘ جو تقابلي اڀياس. سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي ٻوليءَ جا ڪافي لفظ، اصطلاحن(Terms) طور ڪم آندا ويندا آهن جن ۾ ’مخفّف‘ کي به ڳڻيو ويندو آهي. هن لفظ جي بدل ۾ ’محذوف‘ لفظ به ڪم آندو ويندو، ڇاڪاڻ ته ’مخفّف‘ ۽ ’محذوف‘ لفظن جي وياڪرڻي حيثيت ساڳي يعني اسم مفعول واري آهي ۽ معنى به تقريباً ساڳي اٿس. اصطلاح جي حيثيت رکندڙ عربي ٻوليءَ جو لفظ ’مقصور‘ به ساڳي معنى ۽ حيثيت رکندڙ لفظ آهي. انگريزي لفظabbreviation جي به ساڳي مخفّف واري مراد ورتي ويندي آهي؛ ان کان علاوه انگريزيءَ ۾ مختصر روپ لاءِ ساڳي نوعيت جا اصطلاح elision ۽contraction ؛ acronym ۽ initialism؛ truncation، clipping، blends ۽ short form جا لفظ به ٿوري گھڻي فرق سان انگريزي صورتخطيءَ ۾ مستعمل آهن. اهي اٺئي لفظ Abbreviation جي دائري ۾ شامل ڪيا ويندا آهن. انگريزي ٻوليءَ ۾ Abbreviation جا ڪي دائرا به مقرر آهن ۽ ان جو لغتون به ڇپيل آهن. ظاهر آهي ته ان جي مستعمل صورتخطيءَ (Orthography) ۾ به ڪا حيثيت هوندي آهي! سنڌي ٻوليءَ ۾ صورتخطيءَ جي حوالي سان اهڙي انداز سان ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي، انلاءِ ٿيڻ اهو کپي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ مخفّف جا ڪي اصول ۽ دائرا متعين ڪجن ۽ ان بعد ڪي صورتخطيون مقرر ڪري ان جي ڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت تيار ڪجي! ’لغات سنڌي مخفّفات‘ مصنّف ’طالب المولى‘ ان حوالي سان سنڌي صورتخطيءَ جي گھرج پوري ڪرڻ کان قاصر آهي؛ البت، سنڌي صورتخطيءَ جي حوالي سان مخفّفات تي ڪم ڪرڻ لاءِ اڪسائڻ جو ڪم بيشڪ ڪيو ويو آهي. ’لغات سنڌي مخفّفات‘ کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ پيڙه جو پٿر هجڻ جو شرف حاصل آهي. ڪنهن ٻوليءَ ۾ مستعمل اهڙن لفظن جي معنى ۽ مفهوم جاچڻ لاءِ يقيني طور تي ان لفظ جو سماجي ڪارج جاچڻو پوندو آهي. ضروري ناهي ته لفظ جي جيڪا لغوي معنى هوندي ته سماج ۾ اهو لفظ ڪو لغوي مفهوم سان ڪم ايندو هجي؛ ان خيال کان ڪم ڪرڻ وري ڪنهن ٻئي باب کي کوليندو. هت سنڌي مخفّف جي دائرن متعين ڪرڻ لاءِ مختصر تقابلي اڀياس ڪجي ٿو: ’مخفّف‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن لفظ جي روپ کي گھٽائڻ جو نالو آهي؛ سنڌي صورتخطيءَ ۾ اهي روپَ ٿلهي ليکي ٻارهن نوعيَتن/ طريقن سان ڪم آندا ويندا آهن: پهريون قسم: ڪن لفظن جا صرف پهريان اکر وٺڻ، ليڪن ورتل اکرن جي وچ ۾ پورو دم يا ٽٻڪو ڪم آندو ويندو آهي؛ مثال: قبل مسيح جو مخفّف = ق. م (عام صورتخطي) غلام مرتضى سيد جو مخفّف= جي.ايم سيد. (عام ميڊيا) محبوب علي جوکئي جو مخفّف = م.ع جوکيو. (عام ميڊيا) پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن = پ. ٽ. الف. (عام ميڊيا) (مٿئين ڄاڻايل پهرين قسم جي مخفّف ۾ ڪنهن لفظ جو پهريون اکر ورتو ويندو آهي ۽ انهن جي وچ ۾ پورو دم ڏنو ويندو آهي؛ هي نمونو اڪثر اسم خاص ۾ ڪم آندو ويندو آهي. هن کي ’اڳياڙي مخفّف يا ’حرفي مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو، امريڪي انگريزيءَ ۾ initialism جي ڪن مخفّفات ۾ پوري دم جو استعمال ٿيندو آهي/ هيو، جيئن: U.S.A يا U.K، جنهن ڪري هن کي ان سان ڀيٽ ڏئي سگهجي ٿي؛ ٻي صورت ۾ initialism ۾ عام طور تي پوري دم/ ٽٻڪي جو استعمال ڪونه ٿيندو آهي، جيئن: UNO ) ٻيون قسم: ڪن لفظن جا صرف پهريان اکر ته وٺڻ، ليڪن ورتل اکرن کي ملائي لفظ جي صورت ڏني ويندي آهي؛ مثال: صلي الله عليہ وسلم جو مخفّف = صَلعَم (سليم، 1981: 55) سنڌي ادبي سنگت جو مخفّف = ساس. (عام ميڊيا) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن = سَگا (عام ميڊيا) سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررز ايسوسيئيشن جو مخفّف = سَپلا. (عام ميڊيا) گورنمنٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوسئيشن = گسٽا (عام ميڊيا) جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مخفّف = جِساف. (عام ميڊيا) جيئي سنڌ قومي محاذ جو مخفّف = جِسقم (عام ميڊيا) (مٿئين ڄاڻايل ٻئين قسم ۾ وينجنن ۽ ننڍن سرن سان گڏ ڊگھن سرن جو استعمال يعني ’ا، و، ي‘ جو استعمال به آهي، جنهن سان لفظ اچارڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. هن کي ’اچاري مخفّف‘ يا ’ملفوظي مخفّف‘ جو نالو ڏئي سگھجي ٿو. هي نمونو انگريزيءَ ۾ به آهي، جنهن کي acronym چيو ويندو آهي، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريزيءَ جي خاصيتن واري initialism جهڙو تز مثال ڪونه ٿو ملي، ضرور ان جا به ڪي سبب آهن.) ٽيون قسم: ڪنهن لفظ جي ڪنهن آواز/ اکر يا آوازن/ اکرن کي گھٽائڻ، جنهن سان لفظ جي حيثيت ڪنهن حد تي برقرار رهي؛ مثال: لوهڪار جو مخفّف = لوهار/ لوهر. (ڀيرومل، 1956: 344 ) ڪنڀڪار جو مخفّف = ڪنڀار/ ڪنڀر. (ڀيرومل، 1956: 344 ) ساٿاري جو مخفّف = ساٿي. (طالب المولى، 1991: 35) رولاڪ جو مخفّف = رول (طالب المولى، 1991: 34) (ٽئين قسم جي لفظن ۾ ڊگھا سُر يا ڪي وينجن آواز حذف ڪيا ويندا آهن، هن نموني جو تعلق ٻوليءَ جي مڙني لهجن سان هوندو آهي، هنن مخفّفن سان انگريزي اصطلاحن جا ترتيبوار elision، contraction، truncation ۽ Clipping جا نمونا ڀيٽي سگھجن ٿا. هن قسم کي ’محذوف مخفّف‘ چئي سگهجي ٿو.) چوٿون قسم: لهجي آهر ڪنهن لفظ جو سسيل اچار وٺڻ، جنهن کي عام صورتخطيءَ ۾ ڪونه ڳڻيو ويندو آهي؛ مثال: رنڌڻو جو مخفّف = رڌڻو. (طالب المولى، 1991: 34) هاڻوڪين جو مخفّف = هاڻوڪن. (حوالوساڳيو: 81) ڪاتين جو مخفّف = ڪاتن. (حوالوساڳيو: 74) وڙهيو جو مخفّف = وڙيو. (لاڙي لهجي موجب/ بحر وزن جي تقطيع موجب) (چوٿين قسم جي مخفّف ۾ ڊگھا سر، گُھڻا سر ۽ وسرڳ ڪيرايا ويندا آهن، هن فرق جو تعلق ٻوليءَ جي لهجاتي فرق سان آهي. هن قسم کي ’لهجاتي مخفّف‘ يا ’رواجي مخفّف‘ چئي سگهجي ٿو. انگريزي اصطلاحن elision ۽ contraction ۾ اهڙي قسم جا آواز ڪيرائڻ جا مثال ملن ٿا.) پنجون قسم: ڪنهن آواز جو قريب مخرج واري ٻئي آواز ۾ ضم ٿِي مشدّد ٿيڻ، جنهن جو ڪنهن حد تي مستعمل صورتخطيءَ سان تعلق هوندو آهي؛ مثال: بدتر جو مخفّف = بتّر. (الانا، 1991: ر) اِوتِحاد جو مخفّف = اتّحاد. (عربي صَرف جي اصول موجب) اِوتِفاق جو مخفّف = اتّفاق. (عربي صَرف جي اصول موجب) (پنجين قسم جو تعلق ٻوليءَ جي بدل آوازن سان آهي، هن ۾ اڪثر قريب مخرج آواز ٻئي آواز جي جڳهه والاريندو آهي، هي سهل پسنديءَ وارو انداز مڙني ٻولين ۾ ڏٺو ويو آهي. خاص ڳالهه اها به نوٽ ڪرڻ واري آهي ته هن انداز ۾ اکر ته گھٽائبو آهي پر آواز گھٽائبو ڪونهي؛ اهو آواز ڀر واري آواز جي صورت وٺي مشدّد ٿي ويندو آهي. هي مخفّف جو انداز ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڄاڻايو آهي، پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب ان قسم جي مخفّف کي متقاربين ادغام ۾ ڄاڻايو آهي. (جتوعي، 1996: 83) انگريزيءَ ۾ اهڙي قسم جي عمل کي Assimilation (سَنڌي/ ادغام) جي عمل ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. هن قسم کي ’سَنڌي/ ادغامي مخفّف‘ يا ’مخرجي مخفّف‘ چئي سگهجي ٿو. ڇهون قسم: عربي صورتخطيءَ پٽاندر سنڌيءَ ۾ اختيار ڪيل هڪ اکرا مخفّف، جيڪي علامت طور ڄاتا ويندا آهن؛ مثال: ﷺ جو مخفّف = ؐ (رسول الله ﷺ جن سان مخصوص ڪيل) عليہ السلام جو مخفّف = ؑ (نبين ۽ چوڏهن معصومين لاءِ مخصوص ڪيل) عيسويءَ جو مخفّف = ع (عيسوي سن سان عام لڳايو ويندو آهي، جيئن: 2010ع) هجريءَ جو مخفّف = هه (هجري سن سان عام لڳايو ويندو آهي، جيئن: 1431هه) ڏهائيءَ جو مخفّف = ء (پراڻي رياضيءَ توڙي سنڌي نصاب ۾ ڪم ايندڙ مخفّف) *(سنڌي پنجون ڪتاب، 2009: 51) مين جو مخفّف = ۾ (عام سنڌي صورتخطي، ٻه اڀيون زيرون ڊگھي گھُڻي سُر لاءِ) اَئين جو مخفّف = ۽ (عام سنڌي صورتخطي، ٻه اڀيون زيرون ڊگھي گھُڻي سُر لاءِ) (هن قسم جا مخفّفات عربي ٻوليءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيل آهي ۽ ڪي سنڌ جي عالمن سنڌي صورتخطيءَ جي رواج ۾ آندا آهن، اهي اڄڪلهه عام طور تي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪم آندا وڃن ٿا. هن قسم جا مخفّفات صرف هڪ اکر تي مبني هوندا آهن. انگريزي ٻوليءَ ۾ به هڪ اکري مخفّف جو تصور آهي، جيئن: and لاءِ & وغيره، جن کي symbols ۾ شمار ڪيو ويندو آهي؛ ان ليکي تحت هن قسم کي ’علامتي مخفّف‘ يا ’مُفردي مخفّف‘ چوڻ ئي بهتر ٿيندو.) ستون قسم: عربي صورتخطيءَ جا سنڌيءَ ۾ اختيار ڪيل مخفّف، جيڪي ٻه يا ٽي اکرا ٿين ٿا؛ مثال: رضي الله تعالى عنہ/ عنہٗ = رضه (اصحابن سڳورن لاءِ مخصوص ڪيل) رحمة الله عليہ جو مخفّف = رح (بزرگ هستين لاءِ مخصوص ڪيل) (سليم، 1981: 55) (هن قسم جا عربي ٻوليءَ وارا مخفّفات سنڌيءَ ۾ به ڪم آندا ويندا آهن. انهن کي ’توصيفي مخفّف‘ يا ’تمجيدي مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. هن قسم جهڙا مخفّف انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ Clipping ۽Contraction جي اصطلاحن سان سڃاتا ويندا آهن.) اٺون قسم: الى آخره جو مخفّف = الخ (هي مخفّف ڪنهن ڪم جي لڳاتار هجڻ لاءِ لکيو ويندو آهي) افراط و تفريط جو مخفّف = افراتفري (عربيءَ کي مخفّف بڻائي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آندو ويو.) نسخ و تعليق جو مخفّف = نستعليق (ٻن خطن کي ملائي مخفّف بڻايو ويو.) (هن قسم کي انگريزي اصطلاح ’Blends‘ سان ڀيٽي سگھجي ٿو، جنهن ۾ ٻن لفظن جو مخفّف بڻائي هڪ لفظ جوڙيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ هن قسم کي’متّصل مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو.) نائون قسم: ڪنهن ترتيب کي ياد رکڻ لاءِ لفظن جا پهريان اکر جوڙي هٿ ٺوڪيا لفظ بيهارڻ، جن جو مستعمل صورتخطيءَ سان ڪوبه تعلق نه هوندو آهي؛ مثال: مقرب فرشتن جا نالا: جبرئيلؑ، ميڪائيلؑ، اسرافيلؑ ۽ عزرائيلؑ جو مخفّف = جِماع (پرائمريءَ ۾ ٻارن کي فرشتن جي ترتيب ياد ڪرائڻ لاءِ اهو طريقو ڪم آڻيندا آهن، هيءَ ٽيڪنڪ پرائمري اسڪول محراب پور جي استاد اعجاز احمد ميمڻ کي پڙهائيندي ڏٺي وئي.) فعل جي: هئڻ، ڪرڻ، سهڻ، ٿيڻ، پوڻ جو مخفّف = هُڪسَٿِپ. (پرائمري اسڪول محراب پور مان نوٽ ڪئي وئي.) جاندار جون خاصيتون: ساه کڻڻ، کاڌو کائڻ، واڌ ڪرڻ، چرپر ڪرڻ، نسل وڌائڻ، احساس رکڻ ۽ نيڪال ڪرڻ جو مخفّف = سِکوچُنان. (هيءَ ٽيڪنڪ پرائمري استاد ترتيب ياد ڪرائڻ لاءِ ياد ڪرائيندا آهن. هيءَ پڻ استاد اعجاز احمد ميمڻ وٽان نوٽ ڪئي وئي.) سيارو- ربيع، اونهارو- خريف جو مخفّف = سِراخ. (هيءَ ٽيڪنڪ پرائمري استادن پاران عام طور تي ٻارن کي ياد ڪرائڻ لاءِ ڪم آندي ويندي آهي، هيءَ پڻ استاد اعجاز احمد ميمڻ کي پڙهائيندي ڏٺي وئي. هن ٽيڪنڪ جو واسطو لفظن جي ترتيب سان هوندو آهي، اهو انداز انگريزيءَ ۾ به آهي، جيئن: رياضيءَ ۾ ڏنگين ڇڏائڻ واري ترتيب لاءِ BODMAS وارو مخفّف ياد ڪرايو ويندو آهي، جنهن جا اصل لفظ هوندا آهن:Braces, Of, Division, Multiplication, Addition, Subtraction ؛ يا انڊلٺ جي رنگن جي ترتيب جيڪا Wave length جي ليکي تحت هوندي آهي ان ترتيب کي ياد ڪرڻ لاءِ VIBGYOR جو لفظ ڪم آندو ويندو آهي. هن مخفّف کي ’ترتيبي مخفّف‘ يا ’تدريسي مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. انگريزيءَ ۾ مبادا Short form ان قسم لاءِ ڪم آندو ويندو هجي!) ڏهون قسم: ڪنهن قاعدي پٽاندر ڪن اکرن کي ياد رکڻ لاءِ پاڻ ۾ جوڙي ڪو هٿرادو لفظ ٺاهڻ؛ مثال: ’ي، ت، س، م، ن، و، ا‘ = ’يتسمنوا‘/ ’ناموسيت‘ (عربي لفظن جي بنياد لهڻ لاءِ زائد اکرن جو مجموعو) يا، را، ميم، لام، واو، نون = ’يرملون‘. (ادغام جي عربي قاعدي موجب اکرن جو مجموعو، جنهن جا ٻه قسم آهن: ۱، ادغام ناقص مَع الغنه ۲، ادغام تام بِلا غنه.) يا، نون، ميم، واو = ’يـنـمـو‘. (عربيءَ ۾ انهن اکر وارن حرفن وقت نون کي غنو ڪري پڙهبو. ان کي ’ادغام مع الغنہ‘ چئبو آهي؛ مثلاً: مِنۡ يَّومٍ، مِنۡ نُّورٍ، مِنۡ مَّلَڪٍ، مِنۡ وّالٍ. (سرهيو، 1976: 31) (مٿئين ڄاڻايل ڏهين قسم جي مخفّف ۾ ڪنهن اصول کي ياد ڪرڻ لاءِ گھربل آوازن/ اکرن کي پاڻ ۾ ملائي لفظ کي هٿرادي صورت ڏني ويندي آهي ۽ ان کي ڪنهن حد تي صورتخطيءَ ۾ به جاءِ ڏنل هوندي آهي. هن ٽيڪنڪ جو واسطو اکرن سان هوندو آهي. هيءُ ’قاعدي وارو مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. هيءَ ٽيڪنڪ گھڻي قدر عربي ٻوليءَ ۾ ڪم آندي ويندي آهي.) يارهون قسم: ڪنهن لفظ يا لفظن جي مجموعي جا ابجدي تعداد ڪڍڻ سان مخفّف بيهارڻ، جيڪو عام رواج ۾ مستعمل به هجي؛ مثال: ’?‘ جو مخفّف = 786 (ابجد موجب عددن سان مخفّف بڻايو ويو) ’يا علي مدد‘ جو مخفّف = 110 (ابجد موجب عددن سان مخفّف بڻايو ويو) (هن قسم جو مخفّف به عربي آئيويٽا جي ابجد ترتيب تحت ڪنهن به لفظ، جملي يا فقري جو ابجد جي عددن موجب جوڙ بيهاريو ويندو آهي. عربيءَ ٻوليءَ جي تقليد موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪم آندو ويندو آهي. هن کي ’ابجدي مخفّف‘ ئي چئي سگھجي ٿو. ٻارهون قسم: ڪنهن لغت/ فرهنگ ۾ چند علامتن جي صورت ۾ مخفّف ترتيب ڏيڻ، جيڪي مخصوص لغت سان لاڳو سمجھي ويندي آهي؛ مثال: سنسڪرت جو مخفّف = سن. (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) هندي ٻوليءَ جو مخفّف = هه. (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) پراڪرت ٻوليءَ جو مخفّف = پرا. (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) بلوچي ٻوليءَ جو مخفّف = بل. (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) انگريزي ٻوليءَ جو مخفّف = انگ. (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) عربي ٻوليءَ جو مخفّف = ع. (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) فارسي ٻوليءَ جو مخفّف = ف. (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) اترادي لهجي جو مخفّف = (ت) (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) لاڙي لهجي جو مخفّف = (ل) (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) ڪوهستاني لهجي جو مخفّف = (ڪ) (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) ٿري لهجي جو مخفّف = (ٿ) (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) لسٻيلي جي لهجي جو مخفّف = (لس) (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) مذڪر جو مخفّف = ذ (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) مؤنث جو مخفّف = ث (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) وغيره. (جامع سنڌي لغات، 1960: و ۽ز) (هن قسم جا مخفّفات لغتن يا فرهنگن ۾ نشانين/ علامتن طور ليکڪ/ مرتِّب ترتيب ڏيندا آهن، جيڪي گھڻو ڪري مخصوص متعلقه لغتن يا فرهنگن سان لاڳو سمجھيون وينديون آهن يا گھڻي قدر سنڌي لغتن ۾ ساڳيا مخفّف به ڪم آڻيندا آهن. هن کي ’لغاتي/ فرهنگي مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. انگريزيءَ ۾ اهڙي قسم لاءِ abbreviation جو لفظ/ اصطلاح ئي ڪم آيو آهي.) ٿلهي ليکي مخفّف جا اهي ٻارهن (12) انداز/ قسم محسوس ڪيا ويا آهن. جن تي لسانيات جي ماهرن پاران باقاعده ڪم ٿيڻ گھرجي. ڏٺو اهو ويو آهي ته علم عَروض يا ڇَند وِديا ۾ آوازن جي تخفيف يا انهن جي ماپ تور تي ٻوليءَ جي اصولن تحت ڪم ڪونه ٿيو آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ اصطلاح ’مخفّف‘ کان به اسان جو نئون نسل چڱيان واقف ناهي يا ائين کڻي چئجي ته ان لاءِ اسان ڪي دائرا يا صورتخطي مقرر ڪونه ڪئي آهي. اهو خيال ذهن ۾ رکي لفظ مخفّف ۽ ان جي قريب معنى رکندڙ لفظن جو اشتقاق ۽ معنى مفهوم جاچي ان کي ٻوليءَ جي ماهرن اڳيان تنقيد لاءِ پيش ڪجي ٿو ته جيئن لفظ ’ مخفّف‘ جو مفهوم چڱيان واضح رهي ۽ ان جا ڪي اصول متعين ٿي سگھن. مُخَفَّف: [ مُخَفَّف- مُفَعَّل- اسم مفعول ( خَفَّ = هو هلڪو ٿيو)] هلڪو ڪيل، گھٽايل، ڇڻيل، ڇانگيل؛ جيئن: ’انشاء الله‘ جو مخفّف ’شال‘ مَحذُوف: [ محذوف- مَفعُول- اسم مفعول- (حَذَفَ = هن ڪيرايو)] ڪيرايل، گھٽايل، پري ڪيل؛ علم عَروض موجب ڪنهن وزن مان سبب خفيف (ٻه آواز هڪ متحرڪ ٻيو ساڪن يعني ٻه حرف) ڪيرايل؛ جيئن: ’مفاعيلن‘ مان ’مفاعي/ فعولن‘. مقصُور: [ مقصُور- مَفعُول- اسم مفعول (قَصَرَ = هن گھٽايو، محدود ڪيو، ننڍو ڪيو)] گھٽايل- سُسايل،ننڍو ڪيل- محدود ڪيل- علم عَروض موجب: ڪنهن وزن مان سبب خفيف جو آخري ساڪن آواز يعني هڪ حرف گھٽايل؛ جيئن: ’مفاعيلن‘ مان ’مفاعيل‘. ڄاڻايل ٽي اصطلاح سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آندا ويندا آهن، جن جون معنائون تقريباً ساڳيون ئي بيهن ٿيون؛ ليڪن مفهوم يا سنڌي ٻوليءَ جي سماجي ڪارج آڌار مختلف آهن. منهنجي خيال ۾ مخفّف هڪ گڏيل لفظ آهي جنهن ۾ مختلف اندازن سان گھٽايل/ سُسايل لفظ شمار ڪري سگھبا آهن. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’محذوف‘ و ’مقصور‘ علم عَروض موجب ڪنهن وزن کي گھٽائي شعر ۾ لفظ کي هم- وزن بيهاريو ويندو آهي. واضح رهي ته شعر جي تقطيع جو واسطو اکرن سان نه پر آوازن جي تور سان آهي، جنهن کي اسين عام سمجھ موجب اکرن جو ڪيرائڻ چوندا آهيون. ان کان علاوه شعر جي ’تقطيع‘ ۾ به اهڙا آواز ڪيرائڻا هوندا آهن جن سان لفظ جي معنى توڙي مفهوم ۾ ڪا رنڊڪ نه پوي. اهڙن اصطلاحن موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ لهجاتي فرق سبب ڪنهن لفظ ۾ سُر، گُھڻا سر، مختفي ’ه‘ يا وسرڳ ڪيرائڻ شامل ڪري سگھجن ٿا. واضح اهو ٿيو ته ’مخفّف‘ جي لفظ جو دائرو وسيع آهي، جڏهن ته ’حذف‘ يا ’قصر‘ ڪرڻ جو دائرو صرف آوازن جي وزن سان منسلڪ هوندوآهي. ان صورت ۾ ڪنهن لفظ مان ڪو آواز ڪيرائڻ لاءِ ’حذف‘ جو اصطلاح ڪم آندو ويو آهي/ آڻڻ کپي. تازو ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ ’سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ مخفّف/ حذف ٿيل الفاظ‘ جي عنوان سان مجاهد حسين سولنگيءَ مذڪوره اصطلاحن کي ساڳئي مفهوم وارا لفظ ڄاڻائيندي انهن لفظن جو ڇيد ڪيو آهي، صاحب موصوف وضاحت ڪندي لکي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ جي ’گھٽ صورت‘ لاءِ ٻه نالا ملن ٿا، هڪ ’مخفف‘ ۽ ٻيو ’حذف‘، پر ٻنهي جي معنى ۽ مطلب ساڳيو آهي … مُخفف = عربي ٻوليءَ جي مخفف مان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنى هلڪو، گھٽ ۽ ڪٽڻ آهي ۽ مخفف جي معنى آهي هلڪو ڪيل، گھٽ ڪيل، ٿورو ڪيل. (بحوالا: جامع سنڌي لغات) حذف = حذف عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى گھٽتائي يا ڪمي ڪيل آهي. (بحوالا: جامع سنڌي لغات)“ (سولنگي،مهراڻ-2، 2009: 113) صاحب موصوف ”مخفف = عربي ٻوليءَ جي مخفف مان ورتو ويو آهي“ ڄاڻايو آهي ۽ حوالو وري جامع سنڌي لغات جو ڄاڻايو اٿس، جڏهن ته جامع سنڌي لغات ڏسڻ سان پتو پيو ته لفظ ’مخفّف‘ جي ’ف‘ تي شدّ آهي، جڏهن ته صاحب موصوف لفظ شدّ سان ڪٿي به ڪم نه آندو آهي. اصل ۾ عربي ٻولي يا ڪنهن به ٻي ٻوليءَ جي لفظ لکڻ مهل ان ٻوليءَ جي مزاج ۽ هِجي جو وڏو خيال رکڻو پوندو آهي، لفظ ’مُخفّف‘ ۾ ’ف‘ تي شدّ سان گڏ زبر ( َ ) به ايندي آهي، وري جيڪڏهن شدّ واري ’ف‘ تي زير ( ِ ) ڏبي ته لفظ جو مفهوم ئي مٽجي ويندو، يعني لفظ فاعل جي صورت وٺي بيهندو ۽ معنى ٿيندس: ’گھٽائيندڙ، هلڪو ڪندڙ! حذف جي معنى ۾ گھٽتائي يا ڪمي ڪيل ڄاڻايو اٿس، جڏهن ته اهو لفظ مصدر جي صورت ۾ گھٽتائي ته درست آهي، ليڪن ڪمي ڪيل نه ٿيندي. محذوف (مفعول) جي معنى ڪمي ڪيل ٿيندي آهي. انلاءِ عربي جي وزن ۽ ان جي حيثيت کي ذهن ۾ رکي لفظ جي معنى ۽ مفهوم بيان ڪئي ويندي آهي، ٻي صورت ۾ ڀلا، لفظ جو حوالو ته درست اتارجي! اهڙي ڪوتاهي لفظ ’حذف‘ ۾ پڻ ڪئي وئي آهي، جنهن جي معنى ’مفعول‘ واري ڄاڻائي وئي آهي. جامع سنڌي لغات ڏسڻ سان پتو پوي ٿو ته ان ۾ معنى مفهوم توڙي صيغو درست ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته سولنگي صاحب ان جي معنى ۾ پنهنجو ڌُڪو هنيو آهي. علمي لحاظ کان اها ڪوتاهي انتهائي هاڃيڪار آهي، ڇو ته پڙهندڙ يا لکندڙ هڪ معياري مخزن کي نظر ۾ رکي ساڳي معنى ۽ مفهوم ئي حوالي طور اڳتي ڪندو ۽ اهڙين غلطين جي هڪ نه ٽٽندڙ قطار جڙي پوندي آهي. اصطلاح ’مخفّف‘ جي مفهوم جو دائرو حذف يا قصر کان ڪي قدر وسيع آهي، سولنگي صاحب ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو حوالو به پنهنجي اضافي سان ڏنو آهي، جيڪو پڻ علمي لحاظ کان گمراه ڪندڙ آهي؛ سولنگي صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر غلام علي الانا ’لغات سنڌي مخففات‘ جي مقدمي ۾ وصف لکي آهي ته ”يا ڪو سُسائڻ، گھٽائڻ يا ننڍو ڪرڻ يعني ڪنهن لفظ مان ڪو آواز، صوتيو يا ڪو سر حذف ڪرڻ يا گھٽ ڪرڻ کي مخفف يا حذف سڏجي ٿو“ (سولنگي، مهراڻ-2 2009: 114) ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڏنل وصف ۾ ڏسجي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب اهو ڄاڻايو ئي ڪونهي ته ’حذف ڪرڻ يا گھٽ ڪرڻ کي مخفف يا حذف سڏجي ٿو‘. ڊاڪٽر صاحب ’لغات سنڌي مخفّفات‘ جي مقدمي ۾ ڄاڻايو آهي ته : ”لغات جي حوالي سان مخفّف جي معنى ۽ مفهوم ٿيندو: ڪنهن لفظ کي سسائڻ، گھٽائڻ يا ننڍو ڪرڻ، يعني ڪنهن لفظ مان ڪو آواز، ڪا صوتيه، ڪا صرفيه، ڪو وينجن يا ڪو سر حذف ڪرڻ، گھٽائڻ، ڪيرائڻ يا سسائڻ جيئن اردوءَ ۾ ’بدتر‘ لفظ جو مخفّف يا سسيل اچار يا روپ ’بَتّر‘ ڪيو ويندو آهي.“ (الانا، 1991: ر) حوالي ڄاڻائڻ جو مقصد اهو آهي ته حوالي ڏيڻ وقت لفظن جي ٿورڙي به هير ڦير ڪنهن غلطيءَ جي امڪان کي يقيني بڻائيندي آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڳالهه ڪرڻ جو نچوڙ اهو بيهي ٿو ته: ’ڪنهن لفظ کي سسائڻ، گھٽائڻ يا حذف ڪرڻ کي مخفّف چئبو آهي‘. ڊاڪٽر الانا صاحب اهو قطعاً ڪونه ڄاڻايو آهي ته مخفّف يا حذف ساڳي ڳالهه آهي! ڊاڪٽر الانا صاحب جي وضاحت مان اهوئي خيال ملي ٿو ته ’مخفّف جو دائرو وسيع آهي جڏهن ته حذف جو دائرو محدود آهي‘. البته ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جيڪو اردوءَ جو مثال ڏنو آهي ان ۾ مونجھارو ٿئي ٿو. مثال پنهنجي جڳهه تي مخفّف جي دائري ۾ اَوَس اچي ٿو ليڪن لسانيات جي ماهر هجڻ نسبت سندس وصف ۾ مونجھارو اهو ٿئي ٿو ته فارسي صفت تفصيل (comparative) واري لفظ ’بدتر‘ مان بيهاريل ’بَتّر‘ ۾ ڪوبه آواز، صوتيو، صرفيو يا وينجن يا ڪو سُر حذف نه ٿيو آهي، بلڪه سهل پسنديءَ سبب ’د‘ > ’ت‘ ۾ صورت مٽائي آهي، جنهن سبب ’ت‘ تي شد ڏيڻي پئي ٿي ۽ ڏنل به آهي. ان کي مخفّف ته ضرور چئبو ليڪن حذف واري ڳالهه کي رد ڪرڻو پوندو. واضح رهي ته اکر جي حيثيت صرف آواز جي شڪل آهي. ايترو ضرور آهي ته ’بدتر‘ مان بيهاريل ’بَتّر‘ ۾ اکر جي کوٽ ٿئي ٿي، ليڪن اهو حذف نه ٿيو؛ جنهن سبب ان طريقه ڪار کي مخفّف چوڻ ۾ ڪوبه حرج ڪونهي. ڊاڪٽر الانا صاحب کي به ’اکر‘ جو ذڪر ڪرڻو هو جيڪو شايد ڪري نه سگهيو، جڏهن ته ’صوتيه‘ لفظ به استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ گھربي هيس، انلاءِ ته صوتئي جي مراد ئي اهو آواز آهي جيڪو معنوي فرق/ ويڇو پيدا ڪري. مخفّف ۾ جيڪڏهن معنوي فرق واري ڳالهه به آڻبي ته پوءِ کوڙ ساٿرا مونجھارا ٿي پوندا ۽ صوتئي جي مراد ۽ حيثيت تان به هٿ کڻڻو پوندو. ’د‘ > ’ت‘ ۽ ’ت‘ > ’د‘ جي مٽاسٽا وارا مثال عربي توڙي سنڌي ۾ عام آهن، جنهن ۾ قريب مخرج واري آواز سبب پهريون آواز ٻئي سان ملي ساڳي شڪل اختيار ڪري ٿو، ليڪن حذف، ختم يا ضم نه ٿو ٿئي! هت عربيءَ جي صَرف جا چند لفظ سامهون رکجن ٿا جيڪي گھڻي قدر مصدر’اِفتِعال‘ جي وزن ۾ ملن ٿا جنهن ۾ آواز قريب مخرج سبب هڪڙا ٻئي سان هم- آواز/ هم- شڪل ٿي وڃن ٿا: ازدواج- وزن موجب: اِزتواج > اِزدِواج (ت > د) هن ۾ عربي ٻوليءَ وارن سهل پسنديءَ سبب صرف آواز/ شڪل مٽائي، مخفّف ڪونه بڻايو. اتّباع- وزن موجب: اتتِباع > اتّباع (ت + ت = تّ) هن ۾ ساڳيا آواز ملي مشدّد ٿي ويا، يعني آواز ڪونه ڪريو پر اکر گھٽائڻ سبب هن کي مخفّف چئي سگھبو. اطّلاع- وزن موجب: اطتِلاع > اطّلاع (ت > ط) هن ۾ سهل پسنديءَ سبب ت کي ط سان ملائي ’ط‘ کي مشدّد بڻايو ويو، هن ۾ به آواز ڪونه ڪريو پر هڪ اکر رد ٿيڻ سبب مخفّف ٿيو. اصطلاح- وزن موجب: اصتِلاح > اصطلاح (ت > ط) هن ۾ پڻ سهل پسنديءَ سبب ت کي ط ۾ مٽايو ويو، ليڪن آواز ساڳيا رهيا يعني مخفّف نه بڻيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ ’د‘ > ’ت‘ جهڙا بدل آوازن جا مثال ملن ٿا، جيڪي لهجي جي سهل پسنديءَ سبب آڏو اچن ٿا: سفيد- سپيت (لطيف سائينءَ به مقامي ٻوليءَ کي ڏسي ڪري فارسي لفظ لاءِ اهو اچار ڪم آندو آهي جيڪو عام ٻوليءَ ۾ مستعمل آهي، جيئن: ’سڙه ڌئاري صاف ڪر، صابڻ سان سپيت‘. بحوالا: عباسي، 1989: 31) هن لفظ ۾ ’د‘ > ’ت‘ جي شڪل ورتي. ان کي مخفّف نه چئبو. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ ۾ پليد > پليت (سنڌي نصاب ٻارهين لاءِ)؛ خديجہ > کتيجان؛ مسجد > مسيت وغيره جهڙا لفظ ملندا آهن جنهن ۾ آواز صورت ته مٽائيندا آهن ليڪن مخفّف جي صورت ڪونه وٺندا آهن. ڊاڪٽر الانا صاحب واري مثال مان اهو ئي واضح ٿيو ته ’بتّر‘ لفظ ۾ ’د‘، ’ت‘ جي قريب مخرج هجڻ سبب ’ت‘ سان ملي مشدّد ٿي ويو. جنهن سببان اهو ئي چئي سگھبو ته ساڳي اکر جي شڪل وٺي هڪ اکر ٿي ويو ۽ مشدّد سبب آواز ساڳيا رهيا. هن ۾ ڪوبه آواز ’حذف‘ نه ٿيو، جنهنڪري لفظ ’حذف‘ وارو لفظ/ اصطلاح ڪم آڻي نه سگھبو؛ ڇاڪاڻ ته ان جي مراد صرف ڪي آواز ڪيرائڻا هوندا آهن. جڏهن ته ان مثال کي مخفّف ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو. ان مثال مان اهو به اصول نڪتو ته حذف جو تعلق آوازن سان آهي جڏهن ته مخفّف جو تعلق اکرن توڙي آوازن سان جوڙي سگھجي ٿو. پروفيسر علي نواز جتوئي مرحوم اهڙا مثال ڏنا آهن جيڪي حذف توڙي مخفّف واري زمري ۾ آڻي سگھجن ٿا، مرحوم ڄاڻائي ٿو ته: ” لسانيات جي عالمن ڏٺو آهي ته ڪي آواز ڪن لفظن مان ڪڏهن نه ڪڏهن گم ٿي وڃن ٿا. پٽڙن آوازن مان [ر] آواز اهڙو آهي. اهو آواز جڏهن به پد جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو ته گم ٿي سگھندو، مثلاً: ’برپا‘ مان ’بپا‘، ’گرڀ‘ مان ’ڳڀ‘، ’ڪرشن‘ مان ’ڪشن‘، ’ڀينر‘ مان ’ڀيڻ‘. [ر] جو اهو حال گھڻو ڪري دنيا جي سڀني ٻولين ۾ آهي. معياري انگريزي موجب هيٺين لفظن ۾ [ر] جو آواز ٿئيئي ڪونه: chair, care, there, cargo, etc ڪڏهن ڪڏهن اچار جي آساني خاطر يا ڪم ڪوشش جي ڪري، ڪي آواز لفظن مان گم ٿي ويندا آهن، جيئن ته: ’مزدور‘ مان ’مزور‘، ’ڏاتر ڏنو‘ مان ’ڏاترنو‘ … ’تڏهين‘ مان ’تڏهن‘ يا ’تڏ‘، ’الا ماشا الله‘ مان ’الا ماشي‘، ’انشاء الله‘ مان ’شال‘ يا ’شل‘ وغيره.“ (جتوئي، 1996: 150) جتوئي صاحب لفظن کي ’آوازي يا صوتي تبديليون‘ جي عنوان سان آڏو رکي صرف آوازن جي ڪيرائڻ ۽ مختصر روپ جو تذڪرو ڪيو آهي، منهنجي خيال مطابق ’صوتي‘ لفظ ڪم آڻڻ درست ڪونه هيو، ان سببان جو لفظ ۾ معنوي فرق يا ٻوليءَ ۾ ڪٿي به لفظن جو ٽڪراءُ نه ٿو ٿئي. سندس مثالن ۾ حذف توڙي مخفّف ٻنهي جا انداز ملن ٿا. ڇاڪاڻ ته ’انشاء الله‘ مان ’شال‘ يا ’شل‘ واري مثال سان ’حذف‘ وارو محدود اصطلاح ڪم آڻي نه ٿو سگھجي بلڪه ان لاءِ مخفّف جو اصطلاح بهتر ۽ تز لڳندو. مسٽر مجاهد حسين سولنگيءَ ’سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ مخفف/ حذف ٿيل الفاظ‘ جي عنوان سان ڪم ڪري هڪ شوق جاڳائڻ جو عمل ڪيو آهي ان لاءِ کيس جس هجي. ڪم جو معيار پنهنجي ماڳ پر هن جيڪو بيٺل پاڻيءَ ۾ کڙو اڇلايو آهي سو ضرور سچل تي ڪم ڪندڙن لاءِ نئيون راهون کوليندو. هت سندس ڄاڻايل ’وچ حذف‘ وارن مثالن مان صرف هڪ سُر سسئي، داستان 9، ڪافي 17 جي مثال جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ سندس خيال سڌو ناهي: ” قاصد ڪيچ وڻن ڏنهن آٿت سگھڙو آڻ“ سچل جي مٿين سٽ ۾ ’ڏنهن‘ مان ’الف‘ يعني (ڏانهن) واري لفظ مان حرف يا اکر حذف ٿيل آهي“ (سولنگي، ٽماهي مهراڻ 2- 2009: 115) مذڪوره لفظ ’ڏنهن‘ ۽ وضاحتي لفظ ’ڏانهن‘ ۾ ڪافي فرق آهي، ’ڏَنهن‘ لفظ جي معنى آهي: کان يا طرفان (from) ، جڏهن ته ’ڏانهن‘ جي معنى ’جي طرف‘ يا ’پاسي‘ (to) آهي. ان کي جيڪڏهن جملن ۾ ڪم آڻبو ته: دوستن ڏنهن مون ڏي ڪافي خط آيا آهن. {هن لفظ جي مراد آهي: کان يا طرفان (from)} دوستن ڏانهن مون به ڪافي خط موڪليا آهن. {هن لفظ جي مراد آهي: جي طرف، ان پاسي (to) } اهڙي شڪايت پروفيسر شيخ محمد فاضل مرحوم (سنڌي نصاب لازمي نائين ڏهين ڪلاس لاءِ) سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ حيدرآباد جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽس جي لاپرواهيءَ ڏانهن اشارو ڪندي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته: ”سچل سرمست جي هڪ سٽ هن طرح لکيل آهي: ’تيلهان مون ڏي نه آيا، ڏانهن سنگھارن سلام‘، هونئن ته هن سٽ ۾ ’آئيا‘ کي به ’آيا‘ لکيو ويو آهي، جو بيت جي وزن کي بگاڙي ٿو ڇڏي، پر جي ان کي ڌيان ۾ نه آڻجي ته به ’ڏَنهن‘ (طرفان يا کان) کي ’ڏانهن‘ لکڻ ته هرگز برداشت کان ٻاهر آهي؛ ائين ته بيت جي معنى به بدلجي ويندي.“ (شيخ، 2009: 246) اها وضاحت ڪندي هلجي ته لفظ ’ڏنهن‘ ۽ ’ڏانهن‘ ٻوليءَ ۾ معنوي فرق رکندڙ لفظ آهن، جنهن ۾ ’الف‘ جو اکر يعني ڊگھو سُر آواز، صوتئي جي حيثيت رکي ٿو، ان حالت ۾ اهڙن لفظن جي اکرن/ آوازن کي حذف يا مخفّف جو مزو نه ٿو چکائي سگھجي! ان مثال مان اها ڳالهه واضح ٿي نڪتي ته حذف يا مخفّف جي وصفن ۾ اکرن يا آوازن جي بجاءِ صوتئي جو لفظ/ ا اصطلاح شمار ڪري نه ٿو سگھجي! انگريزي ٻوليءَ ۾ لفظabbreviation جي مراد ساڳي ورتي ويندي آهي، جيڪا گھڻي قدر مخفّف جي آهي، البته ڪو آواز يا حرف ڪيرائڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ ٻيا لفظ به ڪم آندا ويندا آهن، abbreviation جو لفظ صرف ڪنهن لفظ کي گھٽ ۾ گھٽ مختصر صورت ۾ آڻڻ واري عام ٽيڪنڪ جو نالو آهي. An abbreviation (from Latin brevis, meaning "short") is a shortened form of a word or phrase. Usually, but not always, it consists of a letter or group of letters taken from the word or phrase. For example, the word abbreviation can itself be represented by the abbreviation abbr. or abbrev. ( wikipedia encyclopedia- internet) Abbreviationجي وصف Dictionary of English Literature ۾ ٽن وضاحتن سان ڪيل آهي: 1, A shortened spelling or pronunciation or phrase used to minimize effort or conserve space, as bot. for botany, bldg for building, or cab for cabriolet. Note: A written phrase may be shortened by using only the first letter of the key words, as in the acronym NATO for North Atlantic Treaty Organization, or by etc. for et cetera. 2, A shortened form representing a word either by one symbol, as $ for dollar, or by a dwquence of letters or symbols which are not all part of the word being represented, as lb. for pound or Xmas for Christmas 3, The process by which a word is shortened, either in pronunciation or spelling. Cp. Contraction; clipping; acronym. هت ڪوشش ڪبي ته انگريزي ٻوليءَ ۾ abbreviation ۾ شامل مختلف terms جو مختصر اڀياس ڪجي ته جئين سنڌيءَ ۾ ڪم ايندڙ مخفّفات/ مخفّفن جي قسمن جي ڪا ورڇ- بندي ڪري سگھجي! انگريزيءَ ۾ ڪنهن اسم خاص جي پهرين اکرن وٺڻ واري ٽيڪنڪ لاءِ لفظ acronym جو استعمال ٿيندو آهي. آڪسفورڊ ايڊوانسڊ لرنرز ڊڪشنريءَ ۾ ان جي وضاحت هن ريت ڪيل آهي: Acronym: a word formed from the first letters of a group of words, e.g. UNESCO i.e. United Nations Educational, Scientific and Cultural Organization. (Oxford advanced learners Dictionary- 1998) ويبسٽرس ڊڪشنريءَ ۾ ان جي وضاحت هيٺين ريت ڪيل آهي: Acronym: a word formed from the initial syllables or letters of other words, as radar from ‘radio detecting and ranging.’ آڪسفورڊ آسٽريلين اسڪول ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جي وصف هيٺين ريت ڏنل آهي: Acronym: (from Greek akros = top + onyma = name) a word or name formed from the initial letters of other words, ASEAN is an acronym of Association of South East Asian Nations ڊڪشنري آف انگلش لٽريچر ۾ ان جي وضاحت هيٺين ريت ڄاڻايل آهي: Acronym: a word usually formed from the initial letters of words in phrase. SCUBA is an acronym for Self-Contained Underwater Breathing Apparatus. وڪيپيڊيا انسائڪلوپيڊيا ۾ acronym ۽ initialism جي تقابلي ڀيٽ هيٺين ريت آيل آهي: · Acronyms are often referred to with only the first letter of the abbreviation capitalized. For instance, the North Atlantic Treaty Organization can be abbreviated as "Nato" or "NATO", and Severe Acute Respiratory Syndrome as "Sars" or "SARS" (compare with "laser" which has made the full transition to an English word and is rarely capitalized at all). · Initialism are always written in capitals; for example the "British Broadcasting Corporation" is abbreviated to "BBC", never "Bbc". An initialism is similar to acronym but is not pronounced as a word. (wikipedia encyclopedia) Acronym - (a type of abbreviation) A word formed from the initial parts (letters OR syllables OR arbitrary parts) of a name. Examples: NATO (North Atlantic Treaty Organization) Initialism - (a type of abbreviation) A group of initial letters used as an abbreviation for a name or expression, each letter being pronounced separately. For example, "BBC" (British Broadcasting Corporation), or "PBS" (Public Broadcasting System). Truncation - (a type of abbreviation) An abbreviation of a word consisting only of the first part of the word. Most often used in a context (such as for mail) where certain words must be written (and read) repetitively. Examples: Tues. = Tuesday; Dec. = December; Minn. = Minnesota; Eur = Europe, European (wikipedia encyclopedia) · CLASS: abbreviation SUB-CLASSES: - abbr.acronym {speak : normal;} (...say it as a word... ) - abbr.initialism {speak : spell-out;} (...say each letter seperately...) - abbr.truncation {speak : spenall-out;} (...say each letter seperately...) · (wikipedia encyclopedia internet) Acronym جي مختلف وضاحتن ۽ مثالن مان هڪ خاص ڳالهه اها اڀري آئي ته اهڙي abbreviation جيڪا ڪن لفظن جي پهريَن اکرن کي بغير ڪنهن ٽٻڪي يا پوري دم ڏيڻ جي، ائين بيهارڻ جو اهو اڳين اکرن جو مجموعو هڪ لفظ جي صورت اختيار ڪري! يعني ان abbreviation ۾ consonants سان گڏ vowels به اچي وڃن، جنهن سان ان لفظ کي سُرن جي مدد سان اچاري سگھجي! جيئن: WAPDA يا wapda، ڇاڪاڻ ته ان لفظ ۾ consonants سان گڏ vowels به موجود آهن. Initialism جو اصطلاح به Acronym سان هوبهو مشابهت رکي ٿو، فرق صرف اهو آهي ته Initialism ۾ vowels جو هجڻ ضروري ناهي- جن جي مدد سان جڙيل لفظ اچاري سگھجي؛ البته Capital Letters جو هجڻ ضروري آهي؛ مثال طور: British Broadcasting Corporation جو Initialism ٿيندو: "BBC" وڏن اکرن سان ٿيندو، وڏ- ننڍائيءَ موجب: ”"Bbc نه ٿيندو! Acronym ۽ Initialism ۾ واضح فرق هيٺئين مخفّف مان به آسانيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو: مثلاً: National Database Registration Authority جو Acronym آهي ‘NADRA’ يا ‘Nadra’ جڏهن ته ان جو Initialism ٿيندو ‘NDRA’. فرق اهو واضح ٿيو ته پهرين مخفّف ۾ لفظ جي صورت آهي، جنهن ۾ هڪ لفظ National مان ٻه اکر ‘NA’ ورتا ويا، صرف ان لاءِ ته ان جي ملائڻ سان ڪو لفظ اچاري سگھجي؛ يعني ان اچاري صورت کي لفظي صورت وارو چئي سگھجي ٿو. جڏهن ته ٻئي مخفّف ۾ صرف هڪ هڪ اکر اچاربو، جنهن کي لفظ جي صورت ۾ اچاري نه سگھبو؛ ان سبب ان کي اڳياڙي- اکري صورت چئي سگھجي ٿو. ٿلهي ليکي انگريزيءَ جي ان اصطلاح کي به abbreviation ۾ ڳڻيو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پڪ سان نه ٿو چئي سگھجي ته Initialism سان ڀيٽ رکندڙ ڪي مخفّف هجن! ڇاڪاڻ ته اسان جي صورتخطيءَ جي مزاج ۾ اعرابن ڏيڻ جو ڪو عام رواج ڪونهي، جنهن سبب ڪنهن به سنڌي رُکي لفظ کي زيرن زبرن سان سَڻڀو (متحرڪ) بڻائي سگھون ٿا. Truncation جي وضاحت آڪسفورڊ ايڊوانسڊ لرنرز ڊڪشنريءَ ۾ فعلي صورت ۾ هيٺين ريت ڪيل آهي: Truncate: (esp. passive) to make something shorter by cutting off the top or end. ويبسٽرس ڊڪشنريءَ ۾ ان جي معنى هن ريت آهي: Truncate: to shorten by cutting abruptly; to cut short. truncation بابت اهو واضح ٿيو ته ڪنهن به شيءِ جو آڳو يا پيڇو ڪٽڻ واري حالت کي truncation چئجي ٿو؛ انٽرنيٽ جي وڪيپيڊيا انسائڪلوپيڊيا مان پتو پيو ته مذڪوره لفظُ/ اصطلاح ڪنهن لفظ جي آڳي يا پيڇي جي ڪٽڻ سان به لاڳو ڪري سگھجي ٿو. مذڪوره اصطلاح لاءِ اهو نڪتو اخذ ٿيو ته ڪنهن لفظ جي آڳي ڪٽڻ سان به لفظ جو مخفّف ڪري سگھجي ٿو؛ اهڙا مثال انگريزيءَ ۾ گھٽ آهن تڏهن به پنهنجي جڳهه ته هڪ اصطلاح جو جهڙوڪر دائرو مقرر ڪيو ويو آهي. مثال: ‘University’ جو مخفّف ‘versity' يا unive ڪم آندو ويندو آهي، جنهن کي اسان وضاحتن آڌار truncation جو نالو ڏئي سگھون ٿا. اها ڳالهه به سامهون آئي ته Truncation جو اصطلاح وچ جي حيثيت رکي ٿو يعني acronym ۽ initialism جي خاصيتن ۽ elision ۽ contraction جي خاصيتن، ٻنهي سان جوڙ ڳنڍي سگھجي ٿو. مثالن آڌار اهو چئي سگھجي ٿو ته هي اصطلاح هوبهو abbreviation جهڙو آهي يا ان جو ٻيو نالو آهي؛ ڇاڪاڻ ته لغتن ۾ abbreviation جا مثال ساڳئي طرز جا آهن جيڪي truncation جي مزاج جا آهن. مثال: abbrev خود لفظ abbreviation جو abbreviation به آهي ته truncation به آهي؛ ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته abbreviation هڪ جامع لفظ آهي جنهن ۾ مڙني ڍنگن سان بڻايل مخفّف شامل ڪري سگھجن ٿا. هڪ يا وڌيڪ غير ضروري اکرَ يا آواز ڪيرائڻ واري ٽيڪنڪ کي انگريزيءَ ۾ elision ۽ contraction چيو ويندو آهي. هن جي مراد ڪنهن لفظ مان ڪي آواز يا اکر گھٽائڻ هوندو آهي جنهن سان ڳالهايل لفظ ۾ آساني پيدا ٿئي ۽ مفهوم ۾ ڪو مونجھارو پيدا نه ٿئي، لفظن جو هي انداز ڪنهن ٻوليءَ ۾ سماجي حيثيت سان اسرندو ۽ پنهنجي جاءِ وٺندو آهي. آڪسفورڊ ايڊوانسڊ لرنرس ڊڪشنريءَ ۾ elision جي معنى هن ريت لکيل آهي: Elision: the leaving out of the sound of part of word in pronunciation, as in we’ll, don’t and let’s. آڪسفورڊ آسٽريلين اسڪول ڊڪشنريءَ ۾ elision جي معنى هن ريت ڏنل آهي: Elision: omitting part of a word in pronouncing it, e.g. in saying ‘I’m’ for ‘I am’. وڪيپيڊيا انسائيڪلوپيڊيا ۾ elision جي معنى هيٺين ريت ڄاڻايل آهي: Elision is the omission of one or more sounds (such as vowel, a consonant, or a whole syllable) in a word or phrase, producing a result that is easier for the speaker to pronounce. Some time may be elided for euphonic effect. (wikipedia ) ايليزن مان مراد ڪنهن لفظ يا ترڪيب مان ڪو هڪ يا وڌيڪ غير ضروري آواز (جهڙوڪ: سر، وينجن، يا ڪو صرفيو) گھٽائڻ جنهن سان ڳالهائڻ کي اچارڻ ۾ آساني ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندڙ پنهنجي اثر وجھڻ جي به ڪوشش ڪندو آهي، جنهن کي ايليزن چئجي ٿو. ساڳي ويجھڙائپ رکندڙ انگريزي اصطلاح contraction به ڊڪشنرين ۾ ساڳئي مفهوم لاءِ ڄاڻايل آهي، آڪسفورڊ ايڊوانسڊ لرنرز ڊڪشنريءَ ۾ contraction جي وضاحت هيٺين ريت ڏنل آهي: Contraction: (3) a short form of a word: ‘Can’t’ is a contraction of ‘cannot’. ويبسٽرس ڊڪشنري ۾ هيٺين ريت ڄاڻايل آهي: Contraction: a shortened form: ‘aren’t’ is a contraction of ‘are not’. ڊڪشنري آف لٽريري ٽرمس ۾ هيٺين ريت واضح ڪيل آهي: Contraction: a drawing together or into smaller size, it refers often to a shortened form of a word or phrase. I’ll for I will or I s’ll for I shall, exam for examination. It is also applied to a literacy selection which deals with a major theme in a comparatively small space. Elision ۽ Contraction جي مثالن مان اهو گمان ٿئي ٿو ته ’شايد اهي ٻئي اصطلاح ساڳئي قسم جي مخفّف جا ٻه الڳ الڳ نالا هجن‘،ليڪن وڪيپيڊيا اسائڪلوپيڊيا ۾ هيٺيون فرق واضح ڪيل آهي: An example of deliberate elision occurs in Latin poetry as a stylistic device. The elided form of a word or phrase may become a standard alternative for the full form, if used often enough. In English, this is called a contraction, such as can't from cannot. Contraction differs from elision in that contractions are set forms that have morphologized, but elisions are not. ذڪر هيٺ آندل لفظ هڪ ته مختلف ٻولين جا لفظ آهن، جنهن سبب اهو ئي خيال ڪبو آهي ته ڪوبه لفظ پنهنجي ٻوليءَ جي سماجي مزاج سان واڳيل هوندو آهي. Elision لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو خاص لاطيني شاعريءَ سان واڳيل آهي، جڏهن ته Contraction انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي. ٻنهي ۾ فرق صرف اهو آهي ته Contraction اهڙو حذف ڪرڻ جو انداز آهي، جنهن ۾ لفظن جي صرفياتي جوڙن مان ڪو جوڙو/ پد يا ڪنهن صَرف/ پد مان ڪو آواز ڪيرايو يا ڪٽيو ويندو آهي، جڏهن ته Elision ۾ مخفّف لاءِ لفظن جي صرفيات جو ڇيد ڪري ڪونه ڪيرايو ويندو آهي، بلڪه اهي سر يا وينجن ڪيرايا ويندا آهن جنهن سان ڳالهائڻ واري کي اچارڻ ۾ سولائي ٿئي. هن قسم جي مخفّف کي حذف جو نالو ڏئي سگھجي ٿو. Abbreviation جي اڀياس مان هڪ ٻيو به اصطلاح Clipping مليو آهي، جنهن جي مثال ۽ Contraction جي مثال ۾ مماثلت ملي ٿي، جيئن: exam for examination. ‘The Cambridge Encyclopedia of Language’ ۾ لفظ Clipping کي به abbreviation ۾ شامل ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته: Clipping: clippings an informal shortening of a word, often to a single syllable, e.g. ad, gents, flu, telly. (David, 1996: 90) Clipping: (gram) A process of a word formatting in which a new word is produced by shortening (examination exam). (David, 1996: 421) مثالن جي آڌار تي اها وضاحت ملي ٿي ته Contraction ۾ مختصر ڪرڻ جو انداز اهو هئڻ گھرجي جو اهو مخفّف هڪ کان وڌيڪ صرفن/ پدن تي مبني هجي، جڏهن ته Clipping وارو مخفّف هڪ صَرف/ پد تي ٿي سگھي ٿو. ان وضاحت مان اهو ئي لڳي ٿو ته انگريزي ٻوليءَ ۾ سهل پسنديءَ خاطر جيڪي آواز ڪيرائجن ٿا يا حذف ڪجن ٿا تن سان ڳالهائيندڙ لاءِ آساني پيدا ٿئي ٿي، ظاهر آهي ته ٻڌڻ وارو ان حذف ڪيل لفظ کي قبول ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو. ائين ئي مخفّف لفظن جي ڪنهن ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ جاءِ ٺهندي آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙي نموني جا مثال، هيٺين لفظن سان وٺي سگھجن ٿا، جيڪي صورتخطيءَ جو پڻ روپ وٺي چڪا آهن: ’الهه ڏنو/الهه ڏنه‘ مان ’الهنو/ الهنه‘ > ’الانو/ الانا‘ ڪم آندو ويو. عبدالڪريم کي عام استعمال ۾ آڻڻ يا سهل پسنديءَ خاطر ’عبدل > عدُل‘ ۽ پوءِ ’ادَل‘ ڪم آندو ويو. عبدالرّحيم کي عام استعمال ۾ ’ادُريم‘ به پڪاريو ويندو آهي، (ليڪن ڪڏهن سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪم نه آيو آهي.) اقبال بيگم- هن نالي ۾ اقبالِ مؤنث جي صورت ۾ ’بالي‘ ڪم آندو ويو. انشاء الله- هن لفظ جي گھٽ ۾ گھٽ صورت، ٻوليءَ ۾ سماجي مزاج سان بيهندي آهي، هن ۾ پڻ سهل پسنديءَ خاطر پهريائين ’شال‘ ۽ ’شل‘ ڪم اچڻ لڳو. (جتوئي، 1996: 150) سنڌي نالن وارا مثال انگريزيءَ جي Blends مان وٺي سگھجن ٿا، جنهن ۾ ٻه لفظ مخفّف بڻائي پاڻ ۾ ملائي هڪ لفظ بڻايو ويو آهي؛ ‘The Cambridge Encyclopedia of Language’ لفظ/ اصطلاح Blends جي وضاحت هيٺين ريت ڏنل آهي: Blends: Two words merge into each other, e.g. brunch (from ‘breakfast’ + ‘lunch’); telex (‘teleprinter’ + exchange’) ((David, 1996: 90) ٻي صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻايل مڙني مثالن جي ان انداز کي Elision ۽ Contraction جي گڏيل ’مخفّف‘ سان ڀيٽ ڏئي سگھبي؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ لفظ ’حذف‘ ان خيال کان elision جو جُهٽ يا بدل ٿي نه ٿو سگھي جو انگريزيءَ ۾ لفظ کي ايترو مختصر ڪرڻ جي اجازت آهي، جنهن سان ٻڌندڙ توڙي ڳالهائيندڙ جي وچ ۾ ڪو مونجھارو نه ٿئي. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ حذف جو لفظ هڪ کان ٻه آواز ڪيرائڻ واري عمل تائين ته ڪم آندو ويندو آهي، ليڪن elision ۾ اهڙي حدبندي ڪانهي. بهرحال، سنڌي ٻوليءَ ۾ پد يا آواز ڪيرائڻ کي ’حذف‘ جي زمري ۾ آڻي سگھجي ٿو. اصل ۾ علم عَروض ۾ ’حذف‘ ۽ ’قصر‘ گڏوگڏ ڪم آندا ويندا آهن، فرق صرف اهو ته ’حذف‘ جو اصطلاح ٻن آوازن يا اکرن کي ڪيرائڻ لاءِ ڪم ايندو آهي ۽ ’قصر‘ جو اصطلاح هڪ آواز يا اکر کي ڪيرائڻ لاءِ ڪم آندو ويندو آهي. شيخ محمد ابراهيم خليل مرحوم بحر جي رڪنن جي زحافن واري باب ۾ حذف ۽ قصر بابت لکي ٿو ته: ” قصر: جيڪڏهن رڪن مان سبب خفيف جو حرف ساڪن ڪري پوي ۽ متحرڪ حرف ساڪن ٿي پوي ته ان کي قصر سڏبو. ’فعولن‘ مقصور ٿي ’فعول‘ (لام ساڪن)، ’مفاعيلن‘ مقصور ٿي ’مفاعيل‘(لام ساڪن) ۽ ’فاعلاتن‘ (متصل ۽ منفصل) مقصور ٿي ’فاعلات‘(ت ساڪن) ٿيو پون. حذف: جيڪڏهن رڪن مان سڄو سبب ڪيرائي ڇڏجي ته ان کي حذف چئبو. ’فعولن‘ محذوف ٿي ’فعو‘ ٿيو پوي جنهن کي فعل (عين متحرڪ) سان بدلائبو آهي. ’مفاعيلن‘ محذوف ٿي ’مفاعي‘ رهجيو وڃي، جنهن کي ’فعولن‘ سان بدلائبو آهي. فاعلاتن (متصل ۽ منفصل) محذوف ٿي ’فاعلا‘ رهجيو وڃي جنهن کي ’فاعلن‘ سان مٽائبو آهي.“ (ابراهيم خليل) خليل مرحوم جي حوالي بعد اهو ئي چئي سگھجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ عروضي شاعريءَ دوران اهي اصطلاح طور ڪم آيا آهن ۽ ايندا رهندا آهن؛ ان صورت ۾ انهن اصطلاحن کان نرالو ڪم نه ٿو وٺي سگھجي البته، حذف جو لفظ عام طور تي هڪ کان ٻن آوازن جي ڪيرائڻ واري عمل لاءِ ڪم آڻي سگھجي ٿو، باقي صورتن لاءِ مخفّف جو لفظ ئي ڪم آڻي سگھبو، جنهن ۾ حذف وارو عمل به اچي وڃي ٿو. هونئن به حذف اهي آواز ٿي سگھندا آهن جنهن سان لفظ جي معنى يا مفهوم ۾ ڪا تبديلي نه اچي! سنڌي ٻوليءَ ۾ لهجن جي فرق يا علم عَروض آهر وزن جي تور ڪرڻ خاطر ڪي آواز ڪرندا آهن يا ڪيرايا ويندا آهن تن جا به ڪي اصول آهن، جهڙوڪ: شعر جي تقطيع ۾ آوازن جي حذف ٿيڻ بابت: ”لفظ تقطيع جي لغوي معنى آهي ڪٽڻ يا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ. شعر جي تقطيع مان مراد شعر کي ارڪانن جي وزنن موجب ٽوڙي کين بحر موجب بيهارڻ آهي. تقطيع ڪرڻ ۾ هيٺين آوازن کي حذف ڪرڻ جو اختيار استعمال ڪري سگهبو آهي. الف بابت: الف وصل يعني اهو الف جيڪو لفظ جي منڍ ۾ هجي، تنهن کي اڳئين لفظ جي آخري ساڪن حرف سبب ڪيرايو ويندو آهي؛ جيئن: ع _ مگر ايڏو ته عرض آءٌ ڪريانِ، تقطيع: مگر يڏو – فعلاتن، ته عرض آ – مفاعلن، ءُ ڪران – فعلان. الف پڇاڙيءَ ۾ ايندڙ به ڪيرائي سگهبو، سواءِ عربي فارسي لفظ جي. ع _ ڪيا ڪارناما اسان ڪهڙا ڪهڙا، تقطيع: ڪيا ڪا – فعولن، رناما – فعولن، اساڪهه – فعولن، ڙ ڪهڙا – فعولن. الف نون غني (گھُڻي) جي اڳيان وارو به ڪيرائي سگھبو؛ جيئنْ: ع _ جيڪي ستم جا موتي ها تيغ تيغزن ۾ تقطيع: جيڪي س – مفعول، تم جه موتي – فاعلاتن، ها تيغ – مفعول، تيغزن ۾ - فاعلاتن. يا ع _ توڪل سان تـﻫـدل ٿي ٽاڪيان ٽڪر تقطيع: توڪ ڪل – فعولن، سه تـﻫ دل – فعولن، ٿه ٽاڪيه – فعولن، ٽڪر – فعل. واؤ بابت: واو عطفي ڪيرائي سگھجي ٿو؛ جيئن: ع _ اتي عقل و ادراڪ رنجور آهن، تقطيع: اتي عق – فعولن، ل ادرا – فعولن، ڪ رنجو – فعولن، ر آهن - فعولن واؤ ضمه، يعني اهو واؤ جنهنجي اڳئين آواز تي پيش آيل هجي، ۽ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ هجي، توڙي جو مجـﻫـول يا معروف هجي، سو ڪيرائي سگھبو؛ جيئن: ع _ تو جـﻫـڙو سهڻون نايو ڪڏهن ڪو وجود ۾، تقطيع: تو جـﻫـڙو – مفعول، سهڻ نايه – فاعلات، ڪڏهن ڪو وَ – مفاعيل، جود ۾ - فاعلن. واؤ معدوله يعني اهو واؤ جنهن جي اڳيان پيش هوندو آهي سو ڪري پوندو؛ جيئن: اولُو العزم ( ٻيو واؤ). واؤ اشمام ضمه يعني اهو واؤ جيڪو ’خ‘ بعد اچي سو پڻ ڪيرائبو، جيئن: خوش، خويش. اهو واؤ جيڪو عربي لفظن ۾ الف ۽ لام جي اڳيان ايندو. سو به ڪيرائبو؛ جيئن: ذوالجلال، ذوالقرنين. فارسي ۽ عربي لفظن جا واؤ ڪيرائڻ اڪابرن جائز قرار نه ڏنا آهن؛ جيئن: پـﻫـلو، خوشبو، عدو، گيسو، جادو وغيره. ’ي‘ بابت: ’ي‘ مجـﻫـول توڙي معروف ڪيرائي سگھبو؛ جيئن: ع _ مجهول: زماني جٖي ستلن کٖي جاڳائي جلدي، تقطيع: زماني – فعولن، جه سـتلن – فعولن، که جاڳا – فعولن، ءِ جلدي – فعولن. ع _ معروف: ساقِي ڏي مئي جو پيالو تا وڃان سرشار ٿي، تقطيع: ساق ڏي مَئي – فاعلاتن، جو پيالو – فاعلاتن، تا وڃا سر – فاعلاتن، شار ٿي – فاعلن. ’ي‘ مخلوط يعني جنهن جي پٺيان الف يا ي اچي، سا به ڪيرائي سگھبي. ع _ اچي وٽ وهه ته اوريان حال تو ساڻ، تقطيع: اچي وٽ وهه – مفاعيلن، ته اورا حا – مفاعيلن، ل تو ساڻ – مفاعيل. ’نون‘ بابت: نون ٻن قسمن جا آهن، نون اعلان ۽ نون غنه. نون اعلان تقطيع ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، جيئنْ: گلشن، ڀڄن، اچن وغيره. نون غنه تقطيع ۾ شمار نه ٿيندو، جيئن: کان، سان، هتان، چيائين، پينگھو وغيره. اهو نون جنهن بعد ’ب‘ يا ’ڀ‘ جو آواز ايندو ته ’گھُڻي‘ جو آواز ’م‘ ۾ مٽجي ويندو. ڪي عروضي ان کي ڳڻپ ۾ نه آڻيندا آهن؛ جيئن: انب، تنبورو، ڏنڀ، ٿنڀ وغيره. ’هـ‘ بابت: اسم فارسي ۽ عربيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ’هه‘ هوز ايندي آهي ته ان کي ڪيرائي سگھجي ٿو. ع _ شمع رو جي آهين تون، تان پڻ آهيان پروانه آءٌ. تقطيع: شمع رو جي – فاعلاتن، آهه تو تا – فاعلاتن، پڻ آيا پر – فاعلاتن، وان آءُ – فاعلان. ’هه مخلوط‘ يعني اها ’ـهه‘ جيڪا لفظن جي وچ ۾ ايندي آهي ۽ تقطيع ڪرڻ وقت ڪيرائي ويندي آهي؛ جيئنْ: ماڻهو، وڙهيو، سمهي وغيره. سڄي ڳالهه جو تت اهو آهي ته جيڪو حرف شعر جي موزون پڙهڻ ۾ پنهنجو آواز نه ڏئي يعني اچار ۾ نه اچي سو تقطيع ۾ شمار نه ڪيو ويندو. پر اهو حرف اهڙو هئڻ گھرجي، جنهنجو ڪيرائڻ شاعرن جائز ڪيو آهي. يعني ’واؤ‘ يا ’ي‘ مجهول ۽ معروف، الف وصل، نون غنه، الف آخر، الف مد، ’هه‘ هوز وغيره.“ (بحوالا: ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل _ علم عروض) مٿيان شاعريءَ جي تقطيع جا جيڪي مثال ڄاڻايا ويا آهن، تن لاءِ قصر ۽ حذف وارا اصطلاح ئي ڪم آڻيندا آهن، ڪنهن به شاعر يا علم عَروض جي ڄاڻوءَ ان ٽيڪنڪ لاءِ مخفّف جو اصطلاح ڪم نه آندو آهي، البته مصدر ’تخفيف‘ جو لفظ ڪم آندو آهي جنهن بنياد تي مخفّف جو اصطلاح ڪم آڻڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. ’حَذَفَ‘ جو لفظ مصدر ’فَعَلَ‘ تي مبني آهي ۽ معنى اٿس ڪيرائڻ. ڪنهن لفظ مان ڪي آواز ڪيرائڻ لاءِ ڪم آڻجي ٿو، آنجهاني ڀيرومل آڏواڻي صاحب به حذف کي Elision ڄاڻائيندي حذف جا ٽي انداز ڄاڻايا آهن: (1) منڍ حذف (2) وچ حذف (3) پڇاڙي حذف. منڍ حذف جا مثال: اُپٽڻ- پٽڻ؛ الٿو- لٿو؛ اُلهڻ- لهڻ؛ امير- مير. وچ حذف جا مثال: ڪوڪل- ڪوئل؛ پتا- پيءُ؛ ماتا- ماءُ. پڇاڙي حذف جا مثال: ڏنڊ- ڏن؛ رنڊ- رن؛ دوست- دوس؛ حجت- حُج. (ڀيرومل، 1956: 343 ۽ 344) آنجھاني ڀيرومل صاحب آوازن يا اکرن کي ڪيرائڻ لاءِ ’حذف‘ جو لفظ ڪم آندو آهي، جڏهن ته ’تخفيف ڪرڻ‘ يا ’مخفّف‘ جي لفظ کان پرهيز ڪئي اٿس. البته انگريزي لفظ Elision ڪنهن حد تي ’حذف‘ جي ويجھو ضرور آهي ليڪن اها ڳالهه به طئي آهي ته هر ٻوليءَ جو لفظ/ اصطلاح پنهنجي سماجي مزاج مطابق الڳ الڳ دائره رکندو آهي. نتيجو: سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن لفظ جي مختصر روپ لاءِ ٽي حرف ڪم اچن ٿا: مخفّف، حذف، قصر؛ ٻوليءَ ۾ انهن ٽنهي اصطلاحن جو ڪارج الڳ الڳ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ مخفّف ڪنهن به لفظ جي مختصر صورت واري عمل لاءِ ڪم آڻجي ٿو؛ انگريزيءَ ۾ ان کي Abbreviation چئجي ٿو، ان جا به ڪافي روپ آهن ۽ انهن لاءِ مختلف اصطلاح ڪم آندا وڃن ٿا، جهڙوڪ: elision، contraction، acronym، initialism، truncation، clipping، blends ۽ short form، جڏهن ته سنڌي ءَ ۾ مخفّف جا ٻارهن روپ ڄاڻائي سگھجن ٿا: ڪن لفظن جا صرف پهريان اکر وٺڻ؛ ليڪن ورتل اکرن جي وچ ۾ پورو دم يا ٽٻڪو ڪم آندو ويندو آهي، جيئن: غلام مرتضى سيد جو مخفّف= جي.ايم سيد- محبوب علي جوکيو جو مخفّف = م.ع جوکيو. انگريزيءَ ۾ هن قسم جي مخفّف کي initialism چئي سگھجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن کي ’اڳياڙي مخفّف‘ يا ’حرفي مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. ڪن لفظن جا صرف پهريان اکر ته وٺڻ؛ ليڪن ورتل اکرن کي ملائي ’لفظ‘ جي صورت ڏني ويندي آهي، جيئن: سنڌي ادبي سنگت جو مخفّف = ساس؛ جيئي سنڌ قومي محاذ جو مخفّف = جسقم. هن قسم جي مخفّف کي انگريزيءَ ۾ Acronym چئجي ٿو؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جي مخفّف کي ’اچاري مخفّف‘ يا ’ملفوظي مخفّف‘ جو نالو ڏئي سگھجي ٿو. ڪنهن لفظ جي هڪ يا وڌيڪ سُرن يا وينجنن/ اکرن کي گھٽائڻ، جنهن سان لفظ جي حيثيت ڪنهن حد تي برقرار رهي، جيئن: لوهڪار جو مخفّف = لوهار/ لوهر. ڪنڀڪار جو مخفّف = ڪنڀار/ ڪنڀر. هن قسم جي مخفّف سان- ٻوليءَ ۾ سهل پسنديءَ سبب غير ضروري آواز ڪيرائڻ جي بنياد تي- انگريزيءَ جي اصطلاحن elision، contraction ۽ truncation جا نمونا ڀيٽي سگھجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جي مخفّف کي ’محذوف مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. لهجي آهر ڪنهن لفظ جو سسيل اچار هجڻ، جيئن: رنڌڻو جو مخفّف = رڌڻو. هاڻوڪين جو مخفّف = هاڻوڪن. لفظن ۾ ان انداز جو فرق ٻوليءَ ۾ لهجي جي فرق سببان ٿئي ٿو، هن قسم جي آواز/ اکر جي سُسڻ/ گھٽجڻ لاءِ ’حذف‘ جو اصطلاح ڪم آڻي سگھجي ٿو. منهنجي خيال مطابق هي ٻوليءَ جو لهجاتي فرق آهي، سهل پسنديءَ سبب ڪي ننڍا يا ڊگھا سر آواز يا غير ضروري آواز ڪيرايا وڃن ٿا؛ هن قسم کي ’لهجاتي مخفّف‘ يا ’رواجي مخفّف‘ چئي سگهجي ٿو. ان قسم جي سُسايل صورت کي مخفّف ۾ شمار ڪرڻ تي ٻوليءَ جي ماهرن کي ضرور اعتراض هوندا! ان جو اهم سبب ته هي انداز ٻوليءَ جي لهجن سان واسطو رکي ٿو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي معياري صورتخطيءَ جو مسئلو آهي. ’لغات سنڌي مخفّفات‘ جو گھڻي قدر ڪم ان قسم تي ٿيل آهي، منهنجي راءِ مطابق ان تي ڪنهن ٻئي زاويي/ انداز سان ڪم ڪرڻ گھربو هو! ڪنهن آواز جو قريب مخرج واري ٻئي آواز سان هم آواز/ شڪل ٿِي مشدّد ٿيڻ، جيئن: بدتر جو مخفّف = بتّر- اِوتِحاد جو مخفّف = اتّحاد. هي مخفّف جو قسم انگريزيءَ ۾ شمار نه ڪيو ويندو آهي، البته ان لاءِ ٻوليءَ جو اصطلاح Assimilation ڪم آندو ويندو آهي؛ سنڌيءَ ۾ مخفّف جو لفظ ڪم آڻي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته هن قسم جي مخفّف ۾ هڪ اکر گھٽجي وڃي ٿو، ياد رهي ته ٻيو اکر مشدّد ٿيڻ سبب آواز جي کوٽ شمار نه ٿيندي. ان صورت ۾ هن قسم لاءِ ’حذف‘ جو لفظ/ اصطلاح استعمال نه ٿو ڪري سگھجي. هن قسم کي ’سَنڌي/ ادغامي مخفّف‘ يا ’مخرجي مخفّف‘ جي نالي سان پڪاري سگهجي ٿو. هن قسم جا مخفّفات عربي ٻوليءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيل آهي ۽ اڄڪلهه عام طور تي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪم آندا وڃن ٿا. هن قسم جا مخفّفات صرف هڪ اکر تي مبني هوندا آهن. انگريزي ٻوليءَ ۾ به هڪ اکري مخفّف جو تصور آهي، جيئن: and لاءِ & وغيره، جن کي symbols ۾ شمار ڪيو ويندو آهي؛ ان ليکي تحت هن قسم کي ’علامتي مخفّف‘ يا ’مفردي مخفّف‘ چوڻ ئي بهتر ٿيندو. هن قسم جا عربي ٻوليءَ وارا مخفّفات سنڌيءَ ۾ به ڪم آندا ويندا آهن. هن ۾ اڪثر اڳيان اهم ٻن کان ٽي آوازن وارا اکر مخفّف طور ورتا ويندا آهن. هن قسم جهڙا مخفّف انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ Clipping ۽ Contraction جي اصطلاحن سان سڃاتا ويندا آهن. هن کي اهم شخصين سان لاڳو ٿيندڙ لفظن سبب ’تمجيدي مخفّف‘ چئجي ته بهتر! هن قسم جا مخفّف ٻه لفظ ملي هڪ مخفّف لفظ بڻائين ٿا، اهڙي قسم جا مخفّف انگريزيءَ ۾ به آهن جيڪي ‘Blends’ جي نالي سان سڏبا آهن؛ سنڌيءَ ۾ اهڙي قسم جي مخفّفات کي ’متصّل مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. ڪنهن ترتيب کي ياد رکڻ لاءِ لفظن جا پهريان اکر جوڙي هٿرادو لفظ بيهاريا ويندا آهن، جيئن: فعل جي: هئڻ، ڪرڻ، سهڻ، ٿيڻ، پوڻ جو مخفّف = هُڪسَٿِپ (پرائمريءَ ۾ ٻارن کي فعل جي ڪمن جي ترتيب ياد ڪرائڻ لاءِ اهو طريقو ڪم آڻيندا آهن. انگريزيءَ ۾ پڻ اهڙو تصور آهي، جيئن: 5Ws، What, Why, Where, Who, Which)) ان لاءِ انگريزيءَ ۾ گھڻو ڪري Abbreviation جو لفظ ڪم آندو ويندو آهي. مبادا، ان قسم جي مخفّف کي Short form جي نالي سان سڃاتو ويندو هجي! سنڌي ٻوليءَ ۾ هن مخفّف کي ’ترتيبي مخفّف‘ يا ’تدريسي مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. ڪنهن اصول/ قاعدي ۾ ڪم ايندڙ گھربل اکرن کي جوڙي اکرن جو مجموعو (جيئن عربي لفظن جي بنياد لهڻ لاءِ زائد اکرن جو مجموعو: ي، ت، س، م، ن، و، ا = يتسمنوا) بڻايو ويندو آهي، جنهن کي پڻ مخفّف ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو. هن قسم کيُ ’قائدي وارو مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. هيءَ ٽيڪنڪ گھڻي قدر عربي ٻوليءَ ۾ ڪم آندي ويندي آهي، جنهن جو پڻ سنڌيءَ سان لاڳاپو رهي ٿو. هن قسم جو مخفّف به عربي آئيويٽا جي ابجد ترتيب تحت ڪنهن به لفظ، جملي يا فقري جو ابجد جي عددن موجب جوڙ بيهاريو ويندو آهي. عربيءَ ٻوليءَ جي تقليد موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪم آندو ويندو آهي. هن کي ’ابجدي مخفّف‘ ئي چئي سگھجي ٿو. هن قسم جا مخفّفات لغتن يا فرهنگن ۾ نشانين/ علامتن طور ليکڪ/ مرتِّب ترتيب ڏيندا آهن، جيڪي گھڻو ڪري مخصوص متعلقه لغتن يا فرهنگن سان لاڳو سمجھيون وينديون آهن يا گھڻي قدر سنڌي لغتن ۾ ساڳيا مخفّف ڪم آڻيندا آهن. هن کي ’لغاتي/ فرهنگي مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. مخفّف بابت جيڪا وصف، مثال سوڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڪئي آهي سا علمي لحاظ کان گمراه ڪندڙ آهي، ڄاڻايو اٿس ته: ” ”لغات جي حوالي سان مخفّف جي معنى ۽ مفهوم ٿيندو: ڪنهن لفظ کي سسائڻ، گھٽائڻ يا ننڍو ڪرڻ، يعني ڪنهن لفظ مان ڪو آواز، ڪا صوتيه، ڪا صرفيه، ڪو وينجن يا ڪو سر حذف ڪرڻ، گھٽائڻ، ڪيرائڻ يا سسائڻ جيئن اردوءَ ۾ ’بدتر‘ لفظ جو مخفّف يا سسيل اچار يا روپ ’بَتّر‘ ڪيو ويندو آهي.“ مذڪوره وصف هيٺين امڪانن سبب رد ٿيڻ جوڳي ۽ تصحيح طلب آهي: o سندس ڏنل مثال ’بدتر‘ مان ’بَتّر‘ ۾ ڪوبه آواز،o صوتيه،o صرفيه يا وينجن حذف نه ٿيو آهي،o بلڪه هڪ آواز ڀر واري ٻئي آواز جي صورت وٺي مشدّد ٿيو،o جنهن سبب اکر جي کوٽ ضرور ٿي آهي. جنهن بنياد تي مخفّف ته چئبو،o ليڪن حذف نه ٿيو. واضح رهي ته حذف لفظ به آواز سان وابسته ليکيو ويندو آهي. o ڊاڪٽر صاحب جي وصف موجب مخفّف جي دائري ۾ صوتئي جي حذف ٿيڻ جو به اشارو آهي،o منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه گھڻي قدر عالم/ اديب ڄاڻن ٿا ته آواز ۽ صوتئي جو فرق ئي معنوي بنياد تي ڪيو ويندو آهي؛ ’ڪو آواز يا اکر ڪنهن لفظ مان ڪري پوي ۽ معنى يا مفهوم کي ڪا ضرب نه لڳي ته ان کي مخفّف چئجي‘،o ايستائين ته ٺيڪ آهي؛ پر جيڪڏهن ڪنهن آواز يا اکر جي ڪرڻ سان لفظ جي معنى يا مفهوم کي ڌڪ رسي ته ان آواز کي ’صوتئي‘ جي زمري ۾ آڻبو آهي. يعني مخفّف بڻائڻ لاءِ ان آواز يا اکر کي هٽائي نه ٿو سگھجي يا ائين کڻي چئجي ته ان جو مخفّف ٿيندو ئي ڪونه! مخفّف بڻائڻ لاءِ حذف ڪرڻ وارن جزن ۾ ’صوتئي‘ کي شامل ڪري سگھجي ٿو يا نه؟ ان جي وضاحت لاءِ هيٺيون مثال وٺي سگھجي ٿو: o ” قاصد ڪيچ وڻن ڏنهن آٿت سگھڙو آڻ“ سچل جي مٿين سٽ ۾ ’ڏنهن‘ مان ’الف‘ يعني (ڏانهن) واري لفظ مان حرف يا اکر حذف ٿيل آهي“ (سولنگي،o ٽماهي مهراڻ 2- 2009: 115) مذڪوره لفظ ’ڏنهن‘ ۽ وضاحتي لفظ ’ڏانهن‘ ۾ ڪافي فرق آهي، ’ڏنهن‘ لفظ جي معنى آهي: کان يا طرفان ، جڏهن ته ’ڏانهن‘ جي معنى ’جي طرف‘ يا ’پاسي‘ آهي. ان کي جيڪڏهن جملن ۾ ڪم آڻبو ته: o دوستن ڏنهن مون ڏي ڪافي خط آيا آهن. (هن لفظ جي مراد آهي: کان يا طرفان) o دوستن ڏانهن مون به ڪافي خط موڪليا آهن. (هن لفظ جي مراد آهي: جي طرف،o ان پاسي) ڄاڻايل لفظ ۾ ’ا‘ جي شڪل ڊگھي سُر واري آهي، ان آواز جي فرق سان معنوي فرق پيدا ٿئي ٿو، جنهن سبب ان آواز جي حيثيت ’صوتئي‘ (Phoneme) واري ٿيندي! ان بنياد تي چئي سگھجي ٿو ته ڪنهن لفظ کي مخفّف ڪرڻ لاءِ حذف ڪرڻ وارن جزن ۾ ’صوتئي‘ جو شمار ڪرڻ غلط آهي. · حذف ۽ قصر جا اصطلاح خاص طور تي علم عَروض ۾ ڪم آندا ويندا آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن ڪم آندا آهن،· ان سببان انهن کان ڪو الڳ ڪم نه ٿو وٺي سگھجي؛ البته ’حذف‘ جو لفظ ٻوليءَ ۾ ڪنهن آواز يا آوازن کي ڪيرائڻ/ گھٽائڻ لاءِ ڪم آڻي سگھجي ٿو،· سو به ان بنياد تي جو ڪافي سنڌي ٻوليءَ جي عالمن ۽ اديبن اهو لفظ اصطلاح طور ڪنهن لفظ جي اڳيان،· وچيان يا پويان آواز ڪيرائڻ لاءِ ڪم آندو آهي. · ’حَذف‘’حَذَفَ‘ جو لفظ مصدر ’فَعَلَ‘ تي مبني آهي ۽ معنى اٿس ڪيرائڻ. ڪنهن لفظ مان ڪي آواز ڪيرائڻ لاءِ ڪم آڻجي ٿو،· آنجهاني ڀيرومل آڏواڻي صاحب به حذف کي Elision ڄاڻائيندي حذف جا ٽي انداز ڄاڻايا آهن: (1) منڍ حذف (2) وچ حذف (3) پڇاڙي حذف. آنجھاني ڀيرومل صاحب آوازن کي ڪيرائڻ لاءِ ’حذف‘ جو لفظ ڪم آندو آهي، جڏهن ته ’تخفيف ڪرڻ‘ يا ’مخفّف‘ جي لفظ کان پرهيز ڪئي اٿس. البته انگريزي لفظ Elision ڪنهن حد تي ’حذف‘ جي ويجھو ضرور آهي؛ ليڪن اها ڳالهه به طئي آهي ته هر ٻوليءَ جو لفظ/ اصطلاح ڪنهن ٻوليءَ جي سماجي مزاج مطابق الڳ الڳ دائره رکندو آهي. بهرحال ڀيرومل جي ڏسيل راه مان اهو خيال ملي ٿو ته ڪنهن لفظ مان اکر ڪيرائڻ کي حذف نه، بلڪه آواز ڪيرائڻ کي حذف ڪوٺجي. · سڄي بحث جي آخر ۾ ’مخفّف‘ جي مختصر وصف جي دائري متعين ڪرڻ جو مونجھارو رهيو،· جيڪا هن ريت بيهڻ کپي: ’مُخَفَّف عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي حيثيت ڄاڻڻ لاءِ اشتقاق ٿيندو: [مُخَفَّف- مُفَعَّل- اسم مفعول ( خففَ > خَفَّ = هو هلڪو ٿيو) ] هلڪو ڪيل، گھٽايل، ڇڻيل، ڇانگيل. تخفيف، مصدر ’تفعيل‘ جي وزن تي آهي، ۽ معنى ٿيندس: هلڪو ڪرڻ، گھٽائڻ، ڇانگڻ. مخفّف جي معنى ۽ مفهوم ٿيندو: ’ڪنهن لفظ کي سسائڻ، گھٽائڻ يا ننڍو ڪرڻ، يعني ڪنهن لفظ مان ڪو هڪ يا وڌيڪ آوازَ (وينجن توڙي سُر) يا اکر حذف ڪرڻ، گھٽائڻ، ڪيرائڻ يا سسائڻ، جنهن سان لفظ جي حيثيت برقرار رهي.‘ *********************** حوالاتي ڪتاب: آڏواڻي ڀيرومل مهرچند (1956) - سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. الانا غلام علي، ڊاڪٽر (1991)- مقدمو، لغات سنڌي مخفّفات- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (1984)- جامع سنڌي لغات، جلد ٽيون- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (1988)- جامع سنڌي لغات، جلد پنجون- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. جتوئي علي نواز (1996)- علم لسان ۽ سنڌي زبان- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو. سولنگي مجاهد حسين (2009)- ٽماهي مهراڻ 2- سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ مخفّف/ حذف ٿيل الفاظ- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. شيخ محمد فاضل، پروفيسر (2009) سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد. عباسي تنوير (1989)- شاه لطيف جي شاعري- نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد. عبدالهادي سرهيو (1976ع)- علمي تحفو- هادي پبليڪيشنس لاڙڪاڻو. محمد زمان طالب المولى، مخدوم (1991)- لغات سنڌي مخفّفات- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. محمد سلیم پروفیسر (۱۹۸۱) ۔ اردو رسم الخط ۔ مقتدرہ قومی زبان کراچی۔ ملڪ قيوم (1979)- اردو مين عربي الفاظ کا تلفظ- نيشنل بڪ فائونڊيشن ڪراچي. سنڌي نصاب (لازمي)- سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو. سنڌي پنجون ڪتاب (2009)- سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو. Jonathan Crowther (1998) - Oxford Advanced Learner’s Dictionary- Oxford University press. Shahid Hussain Sayed (year?) – The Dictionary of Literary Terms – Kitab Mahal Lahore. Rajni Sahgal (year?) – Dictionary of English Literature. David Crystal (1996) - The Cambridge Encyclopedia of Language- National Book Foundation Islamabad. wikipedia encyclopedia internet. Altaf Hussain Jokhio Lecturer in Sindhi Govt. Degree College Mehrabpur, Distt. Nausharo Feroze. Cell: 0301-3427500, 0300-3621619
جواب: سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ اصطلاح ’مخفّف‘ جو تقابلي اڀياس سائين الطاف صاحب جن جو هي ليک يقينن سنڌي ٻولي جي واڌ ۽ سنڌي لغات ۽ گرامر ۾ بنيادي حيثيت رکي ڇڏي آهي مٿان وري ايترن قابل اعتبار حوالن ان ٽاپڪ ۾ ڄڻ جان وجهي ڇڏي ۽ انهن قيمتي حوالن جي ڪري مقالي اهميت ۾ زبردست اضافو ٿيو آهي مهرباني ادا اهڙي مقالي کي شيئر ڪيو اوهان
جواب: سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ اصطلاح ’مخفّف‘ جو تقابلي اڀياس ادا ڪاشف، اوهانجي مهرباني جو الطاف جوکيي صاحب جو “ سنڌي مخفف” جي اصولن تي ايترو ڪارائتو ليک اوهان ونڊ ڪيو انتهائي معلوماتي ۽ سنڌي ٻولي جي ڄاڻ وڌائڻ لئه انتهائي اهم مضمون آهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔