ادا محمد ع سومرو...توهان تمام سٺي معلوماتي وڊيو ونڊ ڪئي آهي.
ان سلسلي ۾ مون کي چند تحفظات آهن.
جڏهن به ڪا نئين دوا عام استعمال ۾ شروع ڪئي ويندي آهي ته ان دوا جو مڪمل فارمولو، جسم ۾ ان جو ڪم ڪرڻ جو طريقو، جسم ۾ ان جا خراب ۽ سٺا اثر ، استعمال ڪرڻ جي مقدار ۽ ڪنهن بين الاقوامي مڃيل جرنل يا رسالي ۾ ان دوا تي ٿيل مختلف تحقيقي رپورٽون به دنيا آڏو پيش ڪيون وينديون آهن.
مڪمل تفصيل ڄاڻڻ کانسواء ڪنهن به دوا تي اعتبار ڪرڻ يا رڳو انڊيا جي حڪومتي ادارن جي چوڻ تي اکيون ٻوٽي ڪا به دوا استعمال ڪرڻ پنهنجي صحت جو رسڪ ئي ٿيندو.