ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن

اسلام عليڪم سائين محترم سليمان وساڻ صاحب۔(ميمبر سنڌ سلامت فورم )
ڀاء منهنجا وساڻ صاحب اميد ته خيريت سان هوندا.
ادا وساڻ صاحب ڪافي وقت کان توهان سان ملاقات ناهي ٿي، ۽ شايد اخري ملاقات توهان جي شادي ۾ ٿئي هئي يا پوء ڊرگ روڊ واري هوٽل سلاطين وٽ آخري ملاقات ٿئي آهي، ادا وساڻ صاحب توهان سنڌي ادب تي جيڪو ڪم ڪري رهيا آهيو اهو ڪم تعريف لائق آهي، ۽ توهان وڃي ٿا جهر جهنگ گهمون ۽ اسان کي صلاح ئي ڪو نه ٿا ڪريو،
هن ڀيري آرٽ ڪائونسل(09.10.11 نومبر 2015) ۾ به توهان سان ملاقات ٿئي نه سگهي،باوجود توهان جو آرٽ ڪائونسل اچڻ جي، ادا توهان سنڌ سلامت تي جيڪو اليڪٽرانڪ ڪتاب وارو ڪم ڪري رهيا آهيون اهيو هڪ بهترين ڪم آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي،
وساڻ صاحب توهان سنڌ جي اديبن جي سوانح عمري ۽ آتم ڪهاڻي تي به تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهيو، ان کان علاوه فيسبڪ تي توهان هر شخص جي سالگرهه تي کيس مبارڪ پيش پيا ڪريو، ( سهڻي انداز ڊزائين ۽ تصوير سان ) اهيو به هڪ وڏو ڪم آهي، جنهن لاء توهان ٽائيم ڪڍو ٿا، وڏي ڳالهه آهي، وساڻ صاحب وڏي ڳالهه...........
ادا اسان جو پڙهندڙ شايدڪنهن به تخليقڪار بابت اهوڄاڻڻ چاهي ٿو ته هن پنهنجي تخليقي عمل کي ڪيئن وقت ڏنو آهي،۽ پنهنجو ڪم ڪهڙين حالتن ۽ لمحن ۾ هن تخليق ڪيوآهي منهنجي علم مطابق دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سائنسدان، سياستدان سرڪاري ڪامورا، ۽ اداڪار پڻ پنهنجون آتم ڪٿائونلکندا رهيا آهن ۽گڏيل نموني اهي به گهڻيون پڙهيون وينديون آهن، سنڌي ادب ۾ به اسان جن ڪيترن اديبن پنهنجون پنهنجون آتم ڪهاڻيون لکيون آهن، مگر انهن جو انداز پنهنجو آهي، مگر سنڌ جي هن عظيم شخصيت ۽ شاعرشيخ اياز صاحب جيڪو آتم ڪهاڻي جو انداز اپنايو آهي اهو ڪجهه الڳ آهي،اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ڪنهن به ترتيب سان ناهي لکي، پر اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي جو انداز هڪ مولوي واري واعظ جهڙو رکيو آهي، جيڪو هڪ بيان کان ٻئي بيان تائين ڪٿان کان ڪٿي نڪري ٿو وڃي۔۔ اياز جي آتم ڪهاڻي ۾ اياز صاحب نه پنهنجو احوال ترتيب سان ڏنو آهي نه وري پنهنجن دوستن عزيزن جو، بس آتم ڪهاڻي لکندو ويو آهي، شايد ان ڪري ته کيس اهيو ڊپ رهيو ته هاڻ مون وٽ ٽائيم تمام گهٽ آهي، سو آتم ڪهاڻي کي گهمائيندو ويو آهي۔اياز صاحب جي آتم ڪهاڻي جا چارئي جلد مون پڙهيا آهن، ۽ اياز صاحب انهن ۾ پنهنجا عيب ثواب به تمام گهڻا لکيا آهن، عشق محبت مذهب، ۽ عياشي وارن ڪمن جو به ذڪر ڪيو آهي، مذهب تي به پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن،۽ وري اسلام ڏانهن موٽ کائڻ تي پنهنجي دوستن جي تنقيد جو به ڏک ڪڍيو اٿس۔جنهن کي پڙهڻ سان پڙهندڙ کي هڪ دلچسپي پڻ ٿئي ٿي۔ اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي جا ڪجهه قصا پنهنجن هنن ڪتابن ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون ـــــــــــــــــ ۽ ساهيوال جيل جي ڊائري ۾بيان ڪيو آهن۔اياز صاحب جا مون وٽ ڪافي ڪتاب آهن نثر توڙي نظم ۾، اياز منهنجي پسند جو شاعر ۽ نثر نويس آهي، باقي اهيا هڪ حقيقت آهي ته اياز جهڙي شاعري سهڻي آهي اهڙو وري نثر سهڻو آهي۔سندس آتم ڪهاڻي جي مطالع مان اهيا چکي ريت پروڙ پوي ٿي ته اياز جو مطالعو تمام وڏو هو۔ جنهن جا عڪس سندس لکڻي مان ظاهر آهن، اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندي لکندي سنڌ جي سورن جي ڳالهه به تمام سهڻي نموني ڪري ويو آهي۔۽ سنڌ جي عورت تي ٿيندڙظلمبي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جا.جي روين جي به تمام سهڻي نموني ڳالهه ڪري ويو آهي۔جيڪا ڳالهه سندس شاعري ۾ به نظر اچي ٿي۔
اڄ لال لَهوءَ جي سَرگم تي، ٿــــي مُنهنـــجي ڌرتي رقص ڪَـــري،
مُنـــــهن هيڊ ٿيا غَـــــــدارن جا، بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جا.
هِي ماڻــــــهو وِھَه جـــــو ڍُڪّ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تئن رُڪ ٿيا،
اڄ آزاديءَ جي نـــــــعري ســـــان، ســـــڀ درد ويا دلـــــگـــيـــرن جا.
هَر دوکي جي ديوار ڊَٺي ۽ اُن جــــــي سِـــــرَ ســــــِرَ ســـــان نه ملي،
اڄ ڊوڙي هـــــــر ڪــــــــــو ديــــــــوانو ٿــو کـــــولي بند اسيرن جا.
اڄ هر ڪــــــــــــنهن جو هـــــي رايو آ، تو نينهنُ ’ايــاز‘ نڀــــايو آ،
تو ڳــــــــاتا گيت بغاوت جا ، تو لاٿا زنگَ ضميرن جا .
................. ڀاء وساڻ صاحب مان ته اهيو چوندس ته اياز صاحب جو نثر توڙي نظم هر سنڌي کي پڙهڻ گهرجي، وري به توهان کي شابس آهي جو توهان ايترو وقت ڏئي ڪري تمام سهڻو ڪم ڪري رهيا آهيو، ادا وساڻ صاحب اياز صاحب سان ته جيئري ملاقات ٿئي نه سگهي، باقي اگر توهان امر جليل صاحب سان ملاقات ڪرائيندو ته توهان جي مهرباني ٿيندي.امر صاحب سان ملاقات لاء دل تمام گهڻو چوندو آهي، مگر مون ٻڌو آهي ته امر صاحب هر ماڻهون سان ناهي ملندو.وڌيڪ توهان کي معلومات هوندي،
توهان جو دعاگو ۽ دعا جو طالب
ممتاز علي وگهيو ڪراچي.
