(لاڙ جي مشهور و معروف ڀلوڙ مزاحمتي شاعر عبدالمبين پنائي جي 11 هين ورسي جي موقعي تي ڀيٽا طور) ڪو دور هو جڏهن لاڙ جي مهان تاريخدان اديب شاعر محقق شيخ محمد سومار جي سربراهي ۾ لاڙ جي سر زمين جي چپي چپي تي ادبي ثقافتي محفلون توڙي رس رهاڻيون رچنديون هُيون ان دور ۾ عبالمبين جو هڪ بيت سڄي سنڌ ۾ گُونجيو هواهو اڄ منهنجي ڪنن ۾ ٻري ٿوجنهن جو عنوان“ واهه بديڻا تُنهنجا ڀاڳ ” هو ۽ هرڪنهن هنڌ اهو بيت ايترو مقبول ٿيو جو نه رُڳو “واه بديڻا تنهنجا ڀاڳ ساٿي تنهنجا ٿيا سُجاڳ” جي تات هر ذهن تي طاري هُئي پر ان موضوع تي ڪيئي ڪالم مضمون پڻ لکيا ويا بعد ۾ واهه بديڻا تنهنجا ڀاڳ جي موضوع تي هڪ ڪتاب پڻ شايع ٿيو. انهن عظيم ماڻهن جون ساروڻيون ساري اکين جي سمنڊ جي اُٿل کي نٿو روڪي سگهجي انهن جي زنده دلي جو ذڪر ڪجي انهن جي سادگي تي لکجي يا پنهنجي ڌرتي جي مٽي جي ذري ذري سان سندن لازوال محبت جو بيان اورجي؟ انهن جي شخصيت جي ڪيئي رُخن بابت گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. ادب ثقافت تهذيب ۽ تمدن جي آبياري واسطي انهن جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان کي سڄي سنڌ قابلِ تحسين سمجهي ٿي انهن کي اسين ٻيو ڪُجهه نٿا ڏيئي سگهون پر انهن جي ڏنل ڏات ۽ سکايل واٽ تي هلندي کين لفظن جا ايوارڊ ته ڏيئي سگهون ٿا. سندس اعليٰ خيال ۽ انقلابي واٽ جو مظهر سندس شاعري هي بهترين سٽون به آهن: “غريبن کي ککن جو گهر ڪڏهن آهي ڪڏهن ناهي، وري ڪا بوند ڀونگن ڀر ڪڏهن آهي ڪڏهن ناهي، اڙي مظلوم جا ماري اوهان جي لاءِ اسان جي پير ۾ پادر ڪڏهن آهي ڪڏهن ناهي”. اليڪشن جي موسمي ڏيڏرن لاءِ هن جو خيال اتم آهي اهو خيال اڄ به سنڌ جي سمورن ذهنن جي ترجماني ڪري ٿو اهو سڀ ڪجھ هيٺين بيت جي مطالعي کان پوءِ ظاهر ٿئي ٿو: “ويهه سالون اڳ مئل جي ، هاڻ ڦاتا هيل ٿي، هل هلون هن جي بٺي تي، ڪوه کن ڪاڇيل ٿي، ووٽ آيا تنهن ڪري، واهر سندن هن ويل ٿي، هڪ صاحب ساڻ چمچو، ٻئي لٿا اڃ ٻيلهه ٿي، ڀانهه ڀانيان، هو وڏيرو ووٽ خاطر پيو اچي، سوٽ سالي ساڻ گڌجي، سيٺ ساگهر پيو اچي، ڪو ته موٽر ڪار ۾ ، ڪن جا ڊڊا ڊڪ ڊوڙ ۾ ،اڌ مٿي جو سور ڪنهن کي، ڪو ته ورتل ڪوڙه ۾،ٿا ٻڌون ٻيلي، ڪٿي ٺونگا لڳا ٿن ٺوڙه ۾،ست ڄڻا هڪ سيٽ تي، سهڪن پيا سڀ سوڙه ۾،ووٽ خاطر پڻ وري ، جاني لٿو آ جيپ مان،چانهه ڪونهي ڪيئين ڪريان، ڦاٿس اچي هن ٽيپ مان” (مٿيون بيت فيس بوڪ تان محترم سائين محمد خان سمون جي وال تان کنيل آهي) لاڙ بلڪه سنڌ جي هن سپوٽ شاعر بابت لاڙ جي بي مثال کوجنا ڪندڙ محقق شيخ محمد سومار جيڪو هن جو ويجهو ساٿي پُڻ هو پنهنجي شايع ٿيل ڪتاب “ شيخ قرهيو ڀانڊاريءَ کي ڳائيندڙ شاعر ” ۾ لکي ٿو ته : “عبدالمبين ولد محمد حسن سن 1935 ع ۾ پني ۾ڄائو سانوڻ فقير جي سرزمين جو هي لال لاڙ جو لاثاني شاعر آهي هن ڀلاري شاعر جو والد 1951 ع ۾ وفات ڪري ويو ساڳئي سال هن سنڌي فائنل جو امتحان ٽنڊي باگي ۾ ڏنو ۽ استاد مقرر ٿيو 1956 ع ۾ ٽريننگ ڪاليج مان ايس وي پاس ڪيائين، سندس تصنيف “جذبات پنائي” لاڙ ادبي سوسائٽي طرفان شايع ٿي آهي سندس اڻ ڇپيل ڪلام جا چار خطي بياض پڻ آهن سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس شعر تمام گهڻا شايع ٿيا آهن. “هوائون هير واريون هتي هٻڪار هيڪاري، ٻَڌي ٿي سوڀ جا سَهرا سدائين سنڌ سُونهاري. ڀٽائي بادشاه توڙي سچل جي سيم ساڳوڻي، هنيو ڇاتي مٿان ڇاپو ڀلاري پير ڀانڊاري. سمايو ساه ۾ سهڻو ڪيائين سون ٽامي کي، “پنائي” جي ڪندو پارس “پني” ۾ پِير پوءَ واري.