• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل پاران ائنڊروئيد ۽ ڪروم آپريٽنگ سسٽم کي ملائي ڪري نئون آپريٽنگ سسٽم ٺاهڻ جو اعلان

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
گوگل پاران پنهنجي ٻن آپريٽنگ سسٽمن ائنڊروئيد ۽ ڪروم (ديڪسٽاپ لاءِ)ٻنهي کي ملائي ڪري هڪ نئون آپريٽنگ سسٽم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.
yFSkatlsC4F3PHUFnQ-Qy0Vbo9U3wte_6GJdmLXHszVYsuc3Y-vOJx1onlMt-4NulHbmis4PVszziiQnpUXf3iRXzUVHhXTvKUgtkx7PSPfnPGGdd5nZGj2-83-h7HdZfGsQaWKpz2A=w230-h230-nc
ذريعن موجب ڪروم سسٽم کي ائنڊروئيد ۾ ضم ڪيو ويندو.جنهن کان پوءِ هڪ نئون آپريٽنگ سسٽم وجود ۾ ايندو.اهو نئون آپريٽنگ سسٽم 2017ع ۾ متعارف ڪرايو ويندو.
نئين آپريٽنگ سسٽم ٺاهڻ جو مقصد ائنڊروئيد سسٽم کي ڊيڪسٽاپ ڪمپيوٽر ۽ ليپٽاپ تي متعارف ڪرائڻ آهي،ان سان گڏوگڏ پلي اسٽور کي ڪمپيوٽر تي به سپورٽ شامل ڪرڻ آهي.

هن نئين آپريٽنگ سسٽم جو ديمو گوگل پنهنجي سالانه ڪانفرنس ايندڙ سال 2016ع ۾ پيش ڪندي.
 
ڪروم آ. س. به مفت ۽ اوپن سورس هوندو؟ جي ايئن آهي ته ماڪروسافٽ وارن لاء سٺو سنوڻ ناهي. اسان به چوري جي خفت کان ٿورو آجو ٿينداسين :D
 
اهو ٿي پئي ته ڀلو. هڪ ته ونڊوز فون ۾ سنڌي لکڻ جو مسئلو حل ٿيندو ۽ دوستن جي ڏينهن رات هڪ ڪري ٺاهيل ائنڊرائڊ لاءِ سنڌي لکڻ جو ٺِڪري تي پاڙ جهڙا سافٽويئر به مستحڪم ٿي ويندا.
 
دوستو توهان غلط سمجهيو آ.. مٿي فاروق نئين آپريٽنگ سسٽم جي ڳالهه ڪئي آهي... ڪروم جي ورجن جي نه... اها ڳالهه فاروق اڳ به ٻڌائي چڪو آهي..
ڇا توهان ونڊوز کي ڇڏي ڪنهن نئين آپريٽنگ سسٽم کي پنهنجي ڪمپيوٽر تي انسٽال ڪرڻ لاءِ تيار به آهيو...
جي آزمائڻ ئي چاهيو ٿا ته ته ڪروم آپريٽنگ سسٽم ڏسو... ونڊوز سان ڪمپيئر ڪريو... ۽ پوءِ جا تصور ڪريو... :)


20417B454DD5D9E30DCFB6
 
Back
Top