اصولن جو صاحب، بردبار، دلير، ڪنهن جي پرواهه نه ڪندڙ،بهترين تعليمدان،بهترين استاد، بهترين فنڪار،۽ بهترين هڪ انسان، سائين ڪمال الدين سولنگي، جنهن جو ڪمال. به ڪو ڪمال هو، دادو جا وڏا وڏا ڏيا وارا ماڻهون به سندس عزت ڪندا هئا، مجال آ جو ڪير سندس سامهون ٿئي، پاڻ هميشه ڊيوٽي ڏيڻ جو به پابند ته ڊيوٽي وٺڻ جو به پابندرهيا، سياسي ڇوڪرا به سندس عزت ڪندا هئا، ذاتي زندگي ۾ بلڪل سادا، هوندا هئا، ۽ اسڪول کان گهر ۽ گهر کان اسڪول به پنڌ ويندا هئا، ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍندا هئا،، ۽ شاگرن جي نه صرف پڙهائي ۾ دلچسپي رکندا هئا،مگر انهن جي تربيت ۾ به دلچسپي وٺي ڪري سختي سان عمل ڪرائيندا هئا، ڪمال الدين سولنگي صاحب دادو جي بهترين استادن جي فهرست ۾ ٽاپ آف دي لسٽ آهن، سولنگي صاحب پنهنجي استادي پيشي دوران هزارين شاگرد پيدا ڪيا، جن ۾ ڪيترائي قابل عالم، اديب، ڪامورا، ۽ سياستدان آهن، ڪمال الدين سولنگي جهڙا استاد اسان جي معاشري ۾ ورلي پيدا ٿيندا آهن.۽ اهڙن استادن جو اسان جي سنڌ ۾ ته وڏو ڏڪار آهي،۽ اهيا اسان جي بد قسمتي آهي، دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين. ڪمال الدين سولنگي صاحب جو مختصر تعارف. سائين ڪمال الدين سولنگي صاحب ولد مولوي جمال الدين سولنگي صاحب 21 ڊسمبر 1932 ۾ ڳوٺ شاهه آباد تعلقه دادو ۾ جنم ورتو، سندس والد هڪ وڏو عالم دين هو، جنهن جون ديني خدمتون به نمايان حيثيت رکن ٿيون، ڪمالدين صاحب شروعاتي تعليم شاهه آباد دادو مان حاصل ڪئي، ۽ 1951 ۾ دادو هاء اسڪول مان ميئٽرڪ پاس ڪيائين،تنهن کانپوء بي اي ايم اي پڻ ڪيائين. سندس لاڙو شروع کان کان ئي علم ادب ۽ تعليم ڏانهن هو، ڪمال صاحب پنهنجي زندگي جا 26 سال تعليم ڏيندي صرف ڪيا، پاڻ نه صرف تعليم دان هئا مگر پاڻ هڪ موسيقار پڻ هئا، اسان جي ڪلاس فيلومحترم محرم ناز ( جيڪو سنڌ جي ٻيجل سرمند سنڌي سان سازن ۾ سنگت جو ڪردار ادا ڪندو هو، ۽ ساڻ ڪيسيو آپريٽ ڪندو هو ) سان گڏ راڳ جي روح رهاڻ پڻ ڪندا رهندا هئا۔ ڪمال الدين صاحب هڪ ايماندار ۽ سخت قسم جا استاد هوندا هئا۔ کين انگريزي زبان تي عبور حاصل هو،محمد سليم سولنگي سندس شاگرد رهيو آهي جنهن شيخ اياز جي ڪجهه شاعري کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي جنهن جو ذڪر شيخ اياز صاحب پنهنجي ڪتاب ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون ۾ ڪيو آهي۔ ڪمال الدين صاحب راقم ( متاز علي وگهيو ) جا به استاد رهيا آهن زندگي۔ جي آخر ۾ دادو پرمانند هاء اسڪول دادو ۽ طالب الموله اسڪول دادو جا هيڊ ماسٽر پڻ رهيا آهن۔ڪمال الدين صاحب 4 جون 1999 ۾ وفات ڪري ويا۔