• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سَسُئِي حُسَينِي آن جَي ڏِٺا هُونِ، اَلله ڪارَڻِ ڳالِ ڪَرِيو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jbxDTpGSaZ4CoF.jpg

آن جَي ڏِٺا هُونِ، اَلله ڪارَڻِ ڳالِ ڪَرِيو
نَيڻَ مُهِجا رُونِ، راتو ڏِيها اُنِ کَي


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

آن = اوهان، توهان
هُونِ = هجن
ڪارَڻِ = خاطر، لاءِ، واسطي
نَيڻَ = اکيون
مُهِجا = منهنجا
رُونِ = روئن
راتو ڏِيها = رات ڏينهن
اُنِ کَي = انهن کي، هنن کي، قافلي وارن کي

بيت جو پس منظر

~ اوهان جَي ڏٺا آهن تہ خدا جي واسطي ڳالھ ڪريو.
~ جن لاءِ منهنجيون اکيون رات ڏينهن پيون روئن.

سمجهاڻي

جڏهن ڪنهنجي ڪا قيمتي شئي وڃائجي ويندي آهي، تہ پهريائين گهر، اوڙي پاڙي ۽ پوءِ ايندن ويندن کان پيو پڇائون ڪندو آهي .
سسئيءَ جو محبوب پنهون جڏهن کانئس ڇني ڌار ڪيو ويو. اٺ تي چاڙهي گم ڪيو ويو تہ هوءَ قافلي پويان پيرن جي نشانن تي سندس ڳولا ڪندي پئي وڃي. رستي هلندي جڏهن ڪي پانڌيئڙا کيس دڳ ۾ مليا تہ سسئي کين چئي ٿي:
اوهان کي خدا جو واسطو آهي مونکي ٻڌايو رستي ۾ ڪٿي منهنجي پنهونءَ جو قافلو تہ اوهان کي ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو هو.
جنهن پرينءَ لاءِ هي اکيون رات ڏينهن روئي روئي ٿڪجي پيون آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
Back
Top