• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سَسُئِي حُسَينِي واڪِيو واڪِيو وِکَ، پاٻوهِيو پَيرُ کَڻَي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
واڪِيو واڪِيو وِکَ، پاٻوهِيو پَيرُ کَڻَي
سَي نہ چَڙهندِيُون ڏِکَ، موڙَي پَيرُ مُڙَنِ جَي


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

واڪِيو
= واڪا ڪندي، سَڏَ ڪندي، پڪاريندي
وِکَ = قدم
پاٻوهيو = مرڪندي، خوشيءَ مان
پَيرُ کَڻَي = اڳتي وڌي، هلندي وڃي، پيرن جا نشان جاچي
ڏِکَ = مشاهدو، منزل، سرخروئي
موڙَي پَيرُ = پير پوئتي ورائي

بيت جو پس منظر

~ سسئي هر قدم تي قافلي وارن کي پڪاريندي، مرڪندي ٿي وڃي.
~ جيڪي پير پوئتي ڪري واپس اينديون سي محبوب جو مشاھدو ماڻي نہ سگهنديون آهن.

سمجهاڻي

سسئي پنهونءَ جي قافلي پويان قدم قدم تي کين سڏيندِي ۽ پڪاريندي ٿي وڃي. هوءَ ڪڏهين بہ بيزار، تنگ يا ڪَڪِ نٿي ٿئي. پر قدم قدم سرهائي ۽ خوشي محسوس ٿي ڪري. سندس منهن ۽ چپن تي مرڪ ڦهليل هجي ٿي.
هن پنڌ اُهي ڪڏهن سرخرو نہ ٿينديون ۽ محبوب جو مشاهدو نہ ماڻينديون، جيڪي پويان پير واپس موٽي اينديون.
ڀٽائي اسان کي درس ٿو تہ محبوب ۽ منزلن جي تلاش ڪندي اڌ پنڌ ۾ ٿڪجي واپس ورڻ وارا ڪڏهن ڪاميابيون، محبوب ۽ منزلون ماڻي نہ سگهندا آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
Back
Top