سَسُئِي حُسَينِي مارِيو جَي مَعذُورِ، ته هَيڪارِي هَوَرُ لَهَي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
مارِيو جَي مَعذُورِ، ته هَيڪارِي هَوَرُ لَهَي
ساڄَنَ ! اَهُجَي سُورِ، ڪَينَ جِيان ٿِي ڪَيچِيا


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

مَعذُورِ = هيڻي، ڪمزور، نٻل
هَيڪارِي = ويتر، پاڻ وڌيڪ، مورڳوئي
هَوَرُ = اُڊڪو، ڳڻتي، فڪر، پريشاني، چنتا
ساڄَنَ = سڄڻ، جانب، پرين، محبوب
سُورِ = درد، پيڙا، اذيت
ڪَيچِيا = ڪيچ وارا، پنهون ۽ سندس ڀائر

بيت جو پس منظر

~ جي هن هيڻيءَ کي ماري وڃو ها، تہ ويتر ڳڻتين کان آجي هجان ها.
~ او ڪيچان آيل محبوب ! اوهان جا درد جيئڻ ئي نٿا ڏين.

سمجهاڻي

ڪڏهن ڪڏهن ايئين ٿيندو آهي تہ ماڻهون پنهنجو پاڻ مان اچي ڦاسندو آهي. زندگيءَ مان خوشيون، لطف ۽ مزو ختم ٿي ويندو آهي. زندگي زهر لڳندي آهي. ڇو ۽ ڪنهن لاءِ جيئڻ گهرجي؟ اهي سوال ڪاريهر جيان ڪَرُ کڻي ڏنگيندا آهن. جيڪڏهن اهي اذيتون ۽ پيڙائون سر ساھ جي مالڪ محبوب طرفان ملنديون آهن تہ زندگي ويتر عذاب بڻجي پوندي آهي.
پنهونءَ کان پوءِ سسئي ڏاڍي اداس، غمگين ۽ غمن ۾ گهيريل آهي. تڏهن ئي تہ هوءَ پنهون کي ميارون ۽ ڏوراپا ڏيندي چئي ٿي :

او منهنجا ڪيچان آيل محبوب ! هينئن ڇني ڌار ڪرڻ کان اڳ جيڪڏهن ماري ڇڏين ها تہ هنن رولاڪن ۽ عذابن کان جان آجي ٿي پئي ها.
او محبوب ! تنهنجي وڇوڙي ۽ جدائيءَ ۾ تہ نہ جي سگهان ٿي ۽ نہ وري موت ٿو ماري.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
شاھ سائين ماروي لاءِ جيڪا بيتن جي تخليق ڪئي آھي، ان ۾ سائين ماروي جي احساسن جذبن ۽ دل جي حال کان ڪيئن واقف ٿيا........... ؟ ھڪ عاشق ۽ محبوب ئي ھڪ ٻئي کي سمجھي ٿا سگھن ۽ ھڪ ٻئي جو حال دل ڄاڻين ٿا.
 
Back
Top