فيسبوڪ پاران olx جي طرز تي لوڪل مارڪيٽ نالي نئين سروس متعارف ڪرائي رهي آهي،جنهن تحت توهان ڪابه گهر جي شي وڪرو يا خريد ڪري سگهو ٿا. فيسبوڪ هن نئين سروس کي آئي او ايس تي گهٽ پيماني تي ٽيسٽ ڪري رهي آهي،جنهن کان بعد ۾ ائنڊروئيد لاءِ به هي سروس متعارف ٿيندي. لوڪل مارڪيٽ جي ڪيٽگري ۾ اليڪٽرانڪس،ڪتاب،فرنيچر،نواردات ۽ ٻيون شيون دستياب آهن. هي فيچر فيسبوڪ جي اپليڪيشن جي نيوگيشن بار ۾ بٽڻ جي صورت ۾ هوندو جنهن سان توهان اتان ڪابه شي خريد ڪري سگهو ٿا. هن سروس جي متعارف ٿيڻ کانپوءِ olx ۽ ٻين سروسن تي تمام گهڻو اثر پوندو.