ڳوٺاڻن پريس ڪلب پهچي حيسڪو پاران ٽرانسفارمر نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو. گذريل سال ڊسمبر دوران واپڊا وارن ڪجه ڳوٺن جا ٽرانسفارمر لاهي ويا هيا جنهن ۾ اسان جو ڳوٺ سومرا ( پنوعاقل) به شامل هيو وري مارچ جي آخر ۾ ٻيهر ٽرانسفامر هڻي ڏنو ويو جيڪو ٻن مهينن کانپوءِ ٻوڏ دوران نامعلوم هٿياربند چور لاهي ويا هڪ سال ۾ اسان جي ڳوٺ کي ٻه مهينا بجلي ڏني وئي ۽ واپڊا وارا سڄو سال بجلي هلائڻ جا لکين روپين جا بل موڪليا. سومرا ڳوٺ ۾ اڄ به ٽرانسفارمر ۽ بجلي ناهي، پر هر مهيني بل ايندا رهن ٿا.