يارو، مونسان هڪ مسئلو اهو آهي ته اڪثر دوست سماجي ويب سائيٽ جي ذريعي ملندا آهن جن کان ڏاڍو متاثر به ٿيندو آهيان پر روبرو ملڻ مهل سمجه نه ايندو آ ته ڇا ڳالهائجي. ايئن ڇو ٿيندو آ.؟
جيڪڏهن توهان جو دوست حجت ڪندڙ هُجي ته بي حجاب ٿي اُها ئي ڪچهري ڪريوس جيڪا سماجي ويبسائٽن تي ٿيندي رهندي آهي. پر جيڪڏهن ڪو دوست ادبي آهي اُن سان ادبي ڳالهيون ڪريو، چور آهي ته اُن سان چوري جون ڳالهيون ڪريو، لوڦر آهي ته اُن سان لوڦرن واريون ڳالهيون ڪريو، جيڪڏهن پوليس ۾ آهي ته اُن سان جُرم کي ختم ڪرڻ متعلق ڪچهري ڪريو.. پر جيڪڏهن ڪا ڇوڪري آهي ته پو طبعيت ڏِسي ڳالهائجوس.. ڇو ته عورت جي فطرت سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.. پاڻ اڻڄاڻ ان معمي کان .
يار ڪمال ٿو ڪرين... تون پنهنجي هڪ سوشل فرينڊ سان ئي ملڻ ۾ گهٻرائين پيو... هڪ انگريز دينل ته پنهنجي 730 دوستن سان ملڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي.. کائنس رابطو ڪيو اميد ته سڀ سچ سچ ٻڌائي صلاح به ڏيندوَ
يار مونسان ملندو ڪر ..... مليا به اهيون، باقي رشيد سان ملين ته احتياط ڪجان ، بس هو ئي ڳالهائيندو رهندو، تون بس ٻڌڻ جو حوصلو ڌارجان.
فون تي ڳالهيون ٻُڌجن ته رشيد جون ، ڳالهه کي صفا کولي سمجهائي صفا مطمئن ڪريو ڇڏي.. ڪافي سارا سوال پو به رهجي ويندا آهن پر وقت ڪٿي ٿو مِلي ! .. اسان جي موبائل فونن ۾ اها طاقت ئي ناهي جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٽري هلائين.“!!!!
هاهاها... نه يار اسان نه محبوبن ۾ نه محجوبن ۾، پوءِ ڇا جو شرم، ڇا جو حجاب... بس مسئلو ڪجهه نفسياتي آ ...
تنهنجو مطلب ته سانڊي وانگر رنگ مٽائجي؟ يار ڇوڪريون پهريان ملن ته سهي ته فطرت موجب ڳالهائجي... باقي تنهنجي منهنجي نصيب ۾ انڊونيشيا ۽ ڦلپائن جون پوڙهيون آهن.
جي هتي پاڪستان ۾ هجي ها ته 3 سان ملي توبنهن ڪري ڇڏي ها.... باقي هن کان مشورو هن جي فرينڊ لسٽ ڏسي ئي ڪندس ... خبر پئي ته زائفائون ڪيترون اٿس دوستن ۾....
سائين اوهان ته Celebrity آهيو. سدائين مداحن جي گهيري ۾ هوندا آهيو پروگرامن ۾ باقي رشيد وٽ ڪو جادو آهي، جنهن سان ملندو ان جي ئي مطلب جي موضوع تي شروع ٿي ويندو. جادوگر آهي.
ڇڏ يار، بس تون ماڻهو مزيدار ناهين... گهڻو پري ته ڪونه آهيان تو کان... .لڳي ٿو تنهنجي پگهار بند ڪرڻي پوندي. پوءِ ڊُڪندو ڊُڪندو ايندين... ههههههههه