ڪتاب هڪ قوم جي تهذيب، ثقافت، معاشي، سائنسي ۽ عملي ترقي جو آئينو ۽ ان سان گڏوگڏ انسان جو بهترين دوست به آهي. ڪتابن سان دوستي رکڻ وارو ماڻهو ڪڏهن به پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪندو آهي. ڪتاب ان وقت به ساٿ ڏيندا آهن جڏهن سڀئي دوست ۽ پيار ڪرڻ وارا ڇڏي ويندا آهن. جيتوڻيڪ هن وقت ٽيليويزن، انٽرنيٽ ۽ موبائل ماڻهن جي ذهنن تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي پر پوءِ ڪتاب جي اهميت پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي. نئين نسل جو ڪتابن سان لڳاءُ جو رجحان تمام گهٽ آهي. ٻارن کي ان طرف راغب ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. ماهر نفسيات موجوده دور ۾ وڌندڙ نفسياتي مسئلن کان بچڻ لاءِ ٻارن کي مطالعو ڪرڻ لازمي قرار ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته سٺا ڪتاب شعور وڌائڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻين فضول مشغولين کان بچائن ٿا. اڄ جو نوجوان مطالعي کان گريز ڪري رهيو آهي. انسان جڏهن اڪيلو هوندو آهي ته اهڙي وقت ۾ ڪتاب ئي ان جي دل وندرائيندا آهن. ڪتاب انسان جا صرف بهترين دوست ۽ ساٿي نه پر معلومات جو بي بها خزانو پڻ آهن. ڪتابن سان دوستي وڌائڻ جي سخت ضرورت آهي. هيءَ هڪ حقيقت آهي ته ڪو به درسگاهه ۽ تعليم يافته معاشرو ڪتاب جي ضرورت کان بي نياز نٿو رهي سگهي. چون ٿا ته ڪتاب جو انسان سان تعلق تمام پراڻو آهي ۽ هي انسان جي علم، هنر ۽ ذهنيت ۾ بي پناهه اضافو ڪندو آهي ۽ پنهنجي اردگرد جي حالتن ۽ واقعن جي کان پڻ آگاهه ڪندو آهي. لائبريرين کي ڏسڻ کان پوءِ اندازو ٿيندو آهي ته اسان جي ملڪ جي لائبريرين ۽ مطالعي جي شوق جي رجحان ۾ ڪيتري قدر گهٽتائي ٿي رهي آهي. تازو ئي هڪ سروي مطابق پاڪستان ۾ صرف 27 فيصد عوام مطالعي جو شوق رکي ٿي، جڏهن ته 73 فيصد عوام مطالعي کان پري آهي. دانشور طبقي جو چوڻ آهي ٽيڪنالاجي جي اچڻ سان ڪتاب جي اهميت ۾ گهٽتائي نه آئي آهي. مطالعي جي گھٽتائي جي وڏي وجه ڪتابن جي قيمتن ۾ اضافو آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته انهن کي مطالعي جو شوق ته آهي مگر ڪتاب هاڻ عام ماڻهوءَ جي خريدڻ کان زور آهي. ڪتاب سان دوستي شعور جي نئين منزلن سان روشناس ڪرائيندي آهي. جهڙي طرح هوا ۽ پاڻيءَ جي بغير جيئن ممڪن ناهي، ان ئي طرح ڪتاب کان بغير انساني بقا ۽ ارتقا محال آهي. ڪتاب هر دور ۾ علم جي فروغ ۽ سوچ جي وسعت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪتابن سان دوستي شعور جي نئين منزلن کان روشناس ڪرائيندي آهي. جهڙي طرح هوا ۽ پاڻي۽ جي بغير زنده رهڻ مشڪل آهي اهڙي طرح ڪتاب کان بغير انساني بقا ۽ ارتقا محال آهي. ڪتاب علم جي فروغ ۽ سوچ جي وسعت لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. دنيا جڏهن تحرير جي فن کان روشناس ٿي ته انسان پٿرن، وڻن جي ڇوڏن، جانورن جي هڏين ۽ کلن، کجين جي پنن، هاٿي جي ڏندن، ڪاغذ مطلب ته هر ان شيءِ لکڻ لاءِ استعمال ڪئي جنهن سان اهو پنهنجي دل جي ڳالهه ٻين تائين پهچائي سگهي. ڪتابن جو داستان به عجيب آهي ڪڏهن انهن کي باهه ۾ ساڙيو ويو ته ڪڏهن درياءَ ۾ ڦٽي ڪيو ويو. ڪڏهن چوارايوويو ته ڪڏهن دفنايو ويو. ڪڏهن شاهي درٻارن جي زينت بڻيو ته ڪڏهن فوٽ پاٿ تي ڀڳڙن جي مُٺ تي وڪڻيو ويو. ڪتاب ۽ علم دوستي معاشي خوشحالي ۽ معاشرتي امن جي ضامن آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنهن قوم علم ۽ تحقيق جو دامن ڇڏي ڏنو اها پستي جي طرف هلي وئي. ڪتاب انساني زندگيءَ تي تمام سٺا اثر مرتب ڪندو آهي. ادب انساني مزاج ۾ نرمي پيدا ڪندو آهي. ان لاءِ ڪتابن کي فروغ ڏياري دهشت گردي جي جذبن ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. ڪتابن جي حوالي سان موجود ڪيترن ئي مسئلن جي باوجود اسان جي ملڪ ۾ ڪتابي ميلا، دنيا جي بهترين ڪتابن جي ترجمن جي اشاعت، اي بڪس، آن لائن بڪ اسٽور، ريڊرس ڪلب وغيره ڪتابن جي دنيا جا نوان رجحان آهن. ياد رهي ته اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ادارا ڪتابن جي مطالعي کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. اسان کي پنهنجي اندر مطالعي جو شوق پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ ان سان گڏوگڏ سٺا ڪتاب لکڻ وارن ليکڪن جي حوصله افزائي پڻ ڪرڻ گهرجي.