تُرڪي ۾ هن سال ٻيهر ٿيل عام اليڪشن ۾ هڪ دفعو وري رجب طيب اردگان جي پارٽي AKP وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي سامهون آئي آهي. حُڪمران جماعت طور مشهور ٿي ويل هن جماعت جو نالو انگريزي ۾ آهي Justice and development Party پر تُرڪي زبان ۾ جسٽس يا انصاف کي چون ٿا عدالت (Adalet) ۽ ترقي يا ڊولپمينٽ کي چوندا آهن ڪالڪنما (Kalkınma). تنهنڪري هن پارٽي کي Adalet ve Kalkınma Partisi سڏين ٿا ۽ مخفف طور AKP پارٽي جو نالو عام استعمال هيٺ آهي. هونئن لڳ ڀڳ تيرنهن سال کان موجوده حُڪمران جماعت فاتح رهندي تُرڪي ۾ حُڪمراني ڪري رهي آهي ۽ ڪافي مقبول پڻ آهي ڇو ته هن ئي گورنمنٽ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا، ليرا مان ڇهه زيرو ڪڍي ان کي ڊالر جي مقابلي ۾ آڻي بيهاريو ۽ ٻيون اهڙيون پاليسيون به هُيون جن کين ٻه ڀيرا لاڳيتو وؤٽ وٺڻ ۾ ڪاميابي ڏياري. پر ساڳي وقت ڪُجهه ڳالهيون اهڙيون به هُيون جن سان انتشار پئدا ٿيا. جنهن ۾ خاص طور تي رجب طيب اردگان جي ڪنهن قدر ڊڪٽيٽر واري طبيعت ۽ زوري فيصلا ڪرڻ جي عادت ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪنهن قدر مذهبي سوچ رکڻ ڪري يورپي يونين کان دوري ٿيندي ڏسي تُرڪ عوام کي ڪاوڙ پڻ هُئي. ٻيو ته 2014 ۾ هن پارٽي جي ڪُجهه وزيرن جي ڪرپشن جا ڪيس سامهون آيا ته جماعت جي مقبوليت جو گراف ڪِريو ۽ معيشيت تي پڻ اثر پيا. ليرا جي قدر جيڪا ڊالر جي ڀيٽ ۾ اڌ هُئي يعني هڪ ڊالر ۾ ٻه ليرا ٿي ٿيا ته اها وڃي اڍائي ليرا تي پُهتي (مطلب ته ليرا 20 فيصد ڪِري پيو). پاڪستاني رُپئي جي حساب سان 2013 ۾ هڪ ليرا 52 رُپئي جو پر هن وقت اهو ڪِرندو اچي 35 رُپئي تي پُهتو آهي. اهي ئي سبب هُئا جو سال ڏيڍ جي اندر ڪنگز پارٽي جي عوامي مقبوليت گهٽجڻ لڳي ۽ هر ڪو سمجهڻ لڳو ته هاڻ هن پارٽي جو زوال اچڻ وارو آهي. نتيجو اهو نڪتو جو جون 2015ع ۾ اليڪشن ٿي ته توقع مُطابق حُڪمران جماعت کي ايترا وؤٽ نه مليا جو هو اڪيلي سر حُڪومت ٺاهي سگهي. نتيجي ۾ لٽڪيل اسيمبلي (Hung parliament) جو وجود اڻ ٽر ٿي پيو جنهن ۾ گڏيل جماعتي حُڪومت تشڪيل ڏني ويندي آهي ۽ اسان وٽ ته سالن کان اهو حال آهي جو ڪا به جماعت اڪيلي سر گورنمنٽ ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي هوندي ۽ اهڙي پارليامينٽ ۾ سڀ گڏجي پيا حُڪومت هلائيندا آهن ۽ رُسڻ پرچڻ پيو هلندو آهي. ٿيڻو اهو هو ته ٻين يا ٽي پوزيشن تي ايندڙ جماعت مان هڪ وڏي پارٽي سان ٺاهه ڪري اسيمبلي تشڪيل ڏني وڃي ها پر جيئن ته اتفاق سان ٻيو نمبر ۽ ٽيو نمبر ايندڙ پارٽيون ترتيبوار قوم پرست جماعتون ايم ايڇ پي ۽ ڪُرد نواز ايڇ ڊي پي هُيون جن جي حُڪمران جماعت سان صفا ڪونه لڳي. ياد رهي ته تُرڪي ۾ اليڪشن جو اهو قانون آهي ته جيڪا به پارٽي ٽوٽل ڪاسٽ ٿيل وؤٽ جو ڏهه فيصد نه کڻندي ته ان جا کنيل وؤٽ ڪامياب پارٽين ۾ سندن وؤٽن جي تناسب سان ورهايا ويندا ۽ هو اسيمبلي ۾ ويهڻ جا اهل نه هوندا. قوم پرست پارٽين سان اڪثريتي پارٽي AKP جون ڪافي ڳالهيون ٿيون پر هو ساڻن بلڪل به گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا. قوم پرستن پاران حڪومت سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ کان صفا انڪار بعد مجبورن اهو فيصلو ڪرڻو پيو ته عام اليڪشن ٻيهر ٿين. هن ڀيري حُڪمران جماعت اها هوشياري ڪئي ته سندن پارٽي جا اُهي عهديدار جن جي عوام ۾ مقبوليت گهٽ هُئي ته کين هڪ پاسي ڪيو ۽ نوان چهرا متعارف ڪرايا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان عوام ۾ مقبول هُئا. ٻي طرف عوام به هڪ دفعو قوم پرستن کي آزمايو پر نه ته هو ڪا ڄوڳي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيا نه وري اسيمبلي ٺاهڻ لاءِ مصلحت کان ڪم وٺندي اڪثريتي جماعت سان ٺاهه ڪري سگهيا تنهنڪري عوام ٻيهر کين چونڊڻ جو فيصلو نه ڪيو ۽ سندن وؤٽ AKP پارٽي جي جهولي ۾ اچي ڪِريا جنهن جي خود AKP به توقع نه هُئي. ڇو ته هو پاڻ ئي تسليم ٿا ڪن ته اسان کي ايتري قدر ڪاميابي جي اُميد نه هُئي. پر بي بي سي جي تجزيه نگار هڪ اهم ڳالهه ڪئي جيڪا هتي جيئن جو تيئن لکجي ٿي ” انتخابي نتيجن کان پوءِ اهم ڳالهه هي آهي ته نتيجو ته کڻي خود حڪمران جماعت لاءِ به غير متوقع هو پر حڪومت ٺاهڻ کان پوءِ جيڪي مسئلا سامهون آهن اهي قطعي غير متوقع ناهن. شام جو بُحران، سيڪيورٽي ادارن ۽ ڪُردن جي جهيڙن ۽ معاشي بحالي جهرا اهم مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جيڪي عوامي توقعات آهن ان جي پورائي آسان نه هوندي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته AKP لاءِ اصل راند ته هاڻي شُروع ٿي آهي“. هاڻ AKP پارٽي تباهه ٿيل معيشيت کي مُنهن ڏئي سگهندي يا نه؟ اهو ته AKP پارٽي اڳواڻن جي ذمي پر هن سڄي مُشاهدي ۾ اسان ڀيٽ ڪريون ته سکڻ لاءِ اسان کي گهڻو ڪُجهه ملي ٿو. حُڪمران جماعت طور سنڌ ليول تي ڏسجي تي پي پي ئي رهي آهي ۽ اڄ به مقبول و معروف آهي پر عمومي راءِ هن پارٽي بابت سُٺي ناهي. ڇا اهو ممڪن ناهي ته سڀاڻي اچانڪ ڪا ٻي پارٽي وؤٽ وٺي متبادل طور سامهون اچي ۽ پي پي لاءِ ڏُکيائي ٿي پوي؟ ڇا اهو ممڪن ناهي ته متبادل جماعت قوم پرست پارٽين مان هُجي؟ (جن سدائين سنڌين جي حق جي لاءِ دانهن ڪوڪ ته بحرالحال ڪئي آهي) ته ڇا سمجهجي ان وقت قوم پرست جماعت اصول تي سؤدي بازي نه ڪندي تُرڪ قوم پرست اڳواڻن جيان هڪ دفعو وري هارائي ويهندي يا مصلحت تحت حڪومت سان گڏجي هلندي پنهنجي قابليت مڃائيندي مستقبل جي ڪنگ پارٽي ٿي بيهندي؟ ساڳي وقت هن وقت جي ڪنگ پارٽي (PPP) لاءِ به سوچي سگهجي ٿو. ڇا هن وقت پارٽي ۾ غير مقبول ماڻهو ناهن؟ ڇا AKP جيان هي به اهڙا ماڻهو ڪڍي وِڃايل مقبوليت ٻيهر حاصل ڪري سگهن ٿا؟ پر سکڻ لاءِ هي مُشاهدو عرصي کان حُڪمراني ڪندڙ جماعتن لاءِ ئي آهي جن جي عرصي کان اسيمبلي ۾ اڪثريت رهي آهي ۽ ٻيو انهن لاءِ جن جو وقت به وقت حُڪمراني ڪندڙ جماعتن سان مُقابلو رهيو آهي يا مقابلي جو سوچين ٿيون پر عوام لاءِ هي مُشاهدو سِڌي نسبت نه ٿو رکي ڇو ته عوامي لحاظ کان اسان ۽ تُرڪي جي عوام ۾ ڪافي فرق آهي . تُرڪي جي زميني پکيڙ اسان کان وڌيڪ ۽ آبادي اسان جي اڌ کان به گهٽ، اُتي لٽريسي ريٽ سؤ جي ويجهو اسان جي ڪا خبر ئي ناهي. اُتي اليڪشن ۾ ٽرن آئوٽ 86 فيصد (۽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ) اسان وٽ مُشڪل سان 30 سيڪڙو آهي. پر تُرڪي جا هاڻوڪا اليڪشن تبديلي پسندن لاءِ ۽ حُڪمران جماعت، ٻنهي لاءِ سکڻ جو بهترين موقعو آهن. 3307 اٽيچمينٽ ڏسو هيڊو نشان AKP پارٽي کي ٿو ظاهر ڪري. ساڄي پاسي وارا واڱڻائي رنگ عليحدگي پسند قوم پرست ڪُردن جا آهن. کاٻي پاسي ڳاڙها نشان ترقي ۽ روشن خيال يورپ پاسي لاڙو رکندڙ CHP جي آهي.