• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گل ڇنو گرنار جو (ڪتاب)

فيس بوڪ جتي مفيد معلومات ۽ انيڪ دلچسپين جو ذريعو بڻيو آهي اتي مون جهڙن تارڪ دنيا ماڻهن لاءِ خوبصورت دوستن جا ڪئين تحفا به کڻي آيو آهي . جن سان هونئن جيڪر منهنجي ملاقات ڪڏهن به نه ٿئي ها ۽ آئون پوري حياتي اهڙن مٺڙن ماڻهن جي محبت کان محروم ئي رهان ها . انهن پيارن ماڻهن ۾هڪڙا اهي جن قرب جا قدم ڀري اچي اڱڻ اجاريو ته ڪن وري فون يا پوسٽ ذريعي پنهنجي پيار جو اظهار ڪندي سهڻن ڪتابن جا تحفا موڪليا / ڏنا . ۽ قرب ڀريون ڪچهريون ڪيون انهن سڀني مهربانن جو ذڪر ضرور ڪبو پر اڄ محترم محمود مغل صاحب کان مليل ڪتابن جي ذڪر کان شروعات ٿو ڪريان جنهن مهربان هي احسان اڱڻ اچي ڪيو

محترم محمود مغل صاحب جي بڪيرا شريف آمد ،ساڻس ڪچهري ۽ گهمڻ ڦرڻ جو احوال اوهان دوستن سان تصويري البم ذريعي به ڪري چڪو آهيان هن موقعي تي سائين جن کان ٻه عدد ڪتاب پڻ تحفي طور مليا جن جو رهجي ويل ذڪر به ضروري ٿو سمجهان
هڪ ڪتاب ( گل ڇنو گرنار جو ) آهي جنهن جو سهيڙ ۽ سينگار محترم ياسر قاضي صاحب آهي هن ڪتاب ۾ نامياري شاعر،عالم دانشور،تعليمدان ۽ سچل سرمست رحه جي شارح مقصود گل جي وڇوڙي تي دوستن جا تعزيتي پيغام ۽ ساروڻيو شامل آهن ڪتاب کي جنهن ڏاهپ ۽ ڏانءُ سان ترتيب ڏنو ويو آهي سو يقينن قابل تعريف آهي .ياسر تمام وڏي محنت سان ڪتاب ۾ دوستن پاران ڪيل محبت ۽ عقيدت جا اظهار شامل ڪيا آهن جيڪي هنن مختلف ذريعن ذريعي ڪيا آهن . انهن مڙني پيغامن کي هيٺان عنوان ڏنا ويا آهن . فون ڪالز ، ايس ايم ايس رستي پهتل تعزيتي نياپا ،فيس بوڪ رستي سنگت جا سليل تعزيتي نياپا۽ تاثرات،تعزيتي اي ميلز، تعزيتي خط،۽ منظوم خراج .انکان علاوه محترم مقصود گل جي وڇوڙي کان پوءِ ڏٺل خوابن جو ذڪر به ڏاڍي سٺي انداز ۾ ڪيو ويو آهي .مرحوم مقصود گل لاءِ محترم محمود مغل سميت ڪافي سارن دوستن جيڪي سڀ محترم آهن معزز آهن سڀني سٺو لکيو آهي لاجواب لکيو آهي پر آئون هتي فقط مون تائين هي قيمتي ڪتاب پهچائيندڙ مهربان سائين محمود مغل جون سي سٽون لکانٿو جيڪي مونکي مرحوم مقصود گل صاحب جو مڪمل تعارف لڳيون ( هن جي مرڪ ۾ عجيب سادگي هوندي هئي،گل صاحب جي مرڪ سندس سڄي وجود ۾ سمايل هوندي هئي پنهنجين وڏين اکين ۾ حيرت سمايو، جهانِ رنگ بُوءِ جي حيرت ناڪين کي ڏسندو، هُو دل جي حضور ۾خلوص سان مُرڪ جو ڀاڪر آڇيندو هو ) ڇپائيندڙ _سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتو ديرو ڪراچي جي هن ڪتاب جي ارپنا محترم ياسر قاضي پنهنجي مٺڙي امڙ ۽ سائين مقصود گل جي جيون ساٿياڻيءَ محترمه گلنار بدر جي نانءِ ڪئي آهي
هي بهترين ڪتاب دوستن کي پڙهڻ گهرجي ( خادم ڏاڏاهي )
 
ادا ياسر اهو ڪتاب مونکي پڻ موڪليو هو ..... ياسر ان مواد ڪيئن سهيڙيو ۽ وري ان کي ڇپايو، اهو هڪ صالح اولاد جو ڪم آهي.
ان ڪتاب ۾ ڪيئي تاثر تمام سهڻا لکيل آهن. مونکي حيرت ٿي ته سنڌ سلامت ۽ منهنجا لکيل ڪمينٽ پڻ ان ڪتاب ۾ موجود هيا،
 
Back
Top