غلــــــــــــطــــي..... غلــطي جو مطــلب آهي، ڀل، سهو، خطا، چوڪ، ۽ شايد ئي ڪو انسان هجي جنهن کان ڀل نه ٿئي هجي يا غلطي نه ٿئي هجي، ۽ اسان جنهن درجي جا انسان آهيون انهن کان ته غلطي نه ٿيڻ جو ڪو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي،۽ غلطي ڪرڻ وقت عقل شايد موڪلائي ويندو آهي، ۽ اسان کي اهو سڀ ڪجهه صحيح ۽ درست لڳندو آهي جيڪو اسان سامهون ڏسي رهيا هوندا آهيون يا ڪري رهيا هوندا آهيون. مگر منهنجي خيال ۾ غلطي ڪري وري پاڻ سڀالي وڃڻ اصل ڪاميابي آهي، مون کــــــي تمــــام گهــــڻو ڏک، ارمــــــــــان ۽ تــــڪــــليف تــــڏهــــن ٿيـــــندي آهـــي جـــڏهن مــــان اهــــيو ڏســــندو آهيـــــان ته ماضـــــي ۾ منـــــهنجون ڪـــــيل غلـــــطيون ڪو ٻــــيو دوســـــت ڪــــري رهــــيو آهــــي۽ مــــان چــــاهڻ باوجـــــود کيـــــس روڪــــي ناهـــــيان سگــــــــــــــهندو .