ڇا سرڪار سامونڊين کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڪو پلان جوڙيو آهي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    دنيا ۾ اهڙا به ملڪ آهن، جن بي لغام سمنڊن کي لغام ڏئي ڪناري تي رهندڙ پنهنجي شهرين کي هميشه هميشه لاءِ سمنڊ کان محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسان جي ڀيٽ ۾ انهن ملڪن ۾ بارشون به گهڻيون پون ٿيون. ڌرتي مشڪل سان سج ڏسي ٿي، پر اسان وٽ پهريون وسڪارو ئي سامونڊي پٽي تي رهندڙ لکين ماڻهن جي چپن تان مرڪون کسي سندن ساهه مٺ ۾ ڪري ٿو ڇڏي. درياهه جو پاڻي کين پيئڻ لاءِ ڪونه ٿو ملي، برساتون سندن گهر، الهه تلهه لوڙهيو وڃن، ڪڏهن ڪڏهن ته سندن جسماني وجود به لوڙهي وڃن ٿيون. بي گهر ۽ بيواهه ماڻهو هڪ ڪئمپ کان ٻي ڪئمپ، هڪ در کان ٻي در ڌڪا کائيندي نظر اچن ٿا. طوفانن، بارشن ۽ ماڻهن جي ندڻڪائي جي اها مشق هڪ سال نه ته ٻي سال ضرور ٿئي ٿي. هن سرڪار ماڻهن جي حفاظت ۽ اجهي لاءِ تازي طوفاني صورتحال ۾ جيڪي قدم کنيا آهن، سي ته ڪنهن کان ڳجها ڪونهن، پر هتي سڄي صورتحال جي پويان جيڪو مکيه ماحولياتي عنصر آهي، اهو هر سرڪار وساريندي نه پر ان کان ڄاڻي واڻي اکيون پوريندي آئي آهي. ماحوليات جا ماهر طوفانن جو هڪ سبب ته سمنڊ ۾ ندي جي مسلسل وهڪري جو بند ٿيڻ ٻڌائين ٿا، ته ٻي طرف اهي ماهر بدين ۽ ٺٽي طرف هر ڀيري سامونڊي چاڙهه توڙي سائيڪلون جو سبب تمر جي ٻيلن جي بي دريخ تباهي ٻڌائين ٿا. تمر جا ٻيلا، جيڪي سامونڊي آفتن لاءِ قدرتي آڏ ۽ بند جو ڪم ڏين ٿا، اهي لکين ايڪڙن جي حساب سان تباهه ڪيا ويا آهن. اهي ئي ٻيلا انهن غريب مسڪين ماڻهن لاءِ پيٽ ڀرڻ جو سامان فراهم ڪرڻ جو سبب بنجن ٿا، ڇو ته تمر جا ٻيلا جهينگي هيچري لاءِ قدرتي هيچري هوندي آهي. مطلب اهو ته هڪ طرف ماحوليات کي تباهه ڪيو ويو آهي، ته ٻي طرف سمنڊ کي پوئتي ڌڪيندڙ ندي کي ڪرف هنيو ويو آهي. نتيجي ۾ سمنڊ آباديون ڳڙڪائيندو پيو وڃي، ۽ ٿوري آفت کي وڏي آفت بنائي ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪري ۽ اها آفت اڃان به ٻيڻي ٽيڻي ٿي وڃي ٿي جڏهن سرڪار بهادر يا سرڪارون بهادر ماڻهن جي حفاظت جي بنيادي حق کي نظر انداز ڪري سڄو عرصو ”باقي سرڪار“ هلائڻ ۾ پورو ڪن ٿيون. ڇا هن سرڪار وٽ به ڪنارن تي يا پٽين ۾ رهندڙن لکين ماڻهن کي ڪو آٿت ڀريو ۽ مضبوط جهلو ڏيڻ جو پلان ناهي!؟ هن سرڪار کان به سوال اهو ئي آهي ته ڇا هي سرڪار پوين سرڪارن جي پيرن تي پير ڏيندي هر ڀيري اهڙي ڏکي گهڙي ۾ ماڻهن کي بي رحم بيورو ڪريسي جي رحم ڪرم تي ڇڏيندي؟ ۽ هي سرڪار به برساتن کانپوءِ بدين ٺٽي جي سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهن جي معاشي تباهي جو تماشو ڏسندي رهندي، جيڪا معاشي تباهي مون سون جي بقايا برساتن ۾ پڻ نظر اچي پئي.

    سليمان سومرو/بدين
    http://www.thekawish.com/
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا سرڪار سامونڊين کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڪو پلان جوڙيو آهي؟

    ادا سائين پياري پاڪستان ۾ عوام جو واهي الله آهي، سرڪار سڳوري هجي يا بيورڪريسي هجي يا اسانجا پيارا نمائينده، انهن کي ڪهڙو غرض انسانن سان يا عوام سان، عوام کان ووٽ وٺڻ ۽ کين ڌوڪو ڏئي پنهنجا گهر ڀرڻ اهو اڄ جو نه بلڪه پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان جاري آهي ۽ اميد ته پاڪستان جي باقي رهڻ تائين جاري ۽ ساري رهندو ۔۔۔۔

    پر پو به واڪا ڪجن، ڌرتي جي سرڪار نه ٻڌندي ته هو مٿي سڀ کان مٿي ويٺل سرڪار ته ٻڌندي ۽ انصاف جو ڏينهن ٿيندو ۔۔۔ انشاء الله
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو