وفــــــــــــــا................. وفا جو مطلب آهي.انجام جي پورائي، وفائي، وفاداري، سچائي، نمڪ حلالي، صداقت. ايمانداري. قؤل و قرار پورو ڪرڻ، عهدو پيمان پورو ڪرڻ، بجاوري، تعميل، تڪميل. نباهه، ساٿ. ديانتداري، خيرخواهي. دوستيءَ جي حق جي ادائگي......................دنيا ۾ تمام گهٽ ماڻهون هوندا آهن جيڪي وفا ڪندا آهن، ۽ هر ماڻهون ٻئي کان وفا جي اميد رکندو آهي ۽ پاڻ وفا ڪرڻ لاء تيار ناهي هوندو. دنيا ۾ ڪجهه اهڙا به ماڻهون آهن جيڪي وفا لاء صرف هي ڪانسيپٽ رکندا آهن ته وفا صرف پنهنجي مطلــــــــــــب سان هجي ۽ انهن جو چوڻ آهي ته نه اسان جي ڪنهن سان دائمي دشمني آهي نه وري دوستي ، صرف جا ڳالهه دائمي آهي اها اسان جا مفادات آهن، سابقه دور ۾ اسان جي ملڪ جي نالي واري سياستدان ۽ اديب (پير علي محمد شاهه راشدي صاحب ) کان ڪنهن سوال ڪيو هو ته توهان، هر ايندڙ پارٽي ۽ ماڻهون سان گڏ هوندا آيو جيڪو پاور ۾ هوندو آهي ۽ توهان هميشه ڪنهن سان به وفا ناهيو ڪندا ڇو ؟.. ان تي انهيء سياستدان صاحب جواب ڏنو هو ته وفا ڪم ڪــــــــــــتي جو......... مگر سنڌ جي حقيقي صوفي ۽ آدرشي انسان حضرت .شاهه عبدالطيف ڀٽائي صاحب رح وفا لاء بهترين ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا ٻوٽن تي ڏنل آهي، شاهه صاحب چوي ٿو ته جڏهن انسان ڪنهن دريا يا وهندڙ پاڻي مثلن واٽر بئراج وغيره ۾ ماڻهون جڏهن ٻڌيندو آهي ته ڪناري سان لڳل ٻوڙن کي هٿ ان لاء وجهندو آهي ته مان انهن جي مدد سان پاڻي کان ٻاهر اچي سگهان، ۽ پاڻ بچايان ۽ اهو ٻڏندڙ ان ارادي سان انهن ٻوڙن ۾ هٿ وجهندو آهي،شاهه صاحب چوي ٿو ته ٻوڙن جو ضرف ته ڏسو، جڏهن ڪو ٻڏندڙ انسان انهن ٻوڙن ۾ پاڻ بچائڻ لاء ۽ سهارو وٺڻ لاء ٻوڙن ۾ هٿ وجهندو آهي ته ٻوڙا ڇا ڪندا آهن جو پنهنجي پوري طاقت لڳائي ڪري ان ٻڏندڙ کي پاڻي مان ٻاهر آڻيندا آهن،۽ اگر انهن ٻوڙن ۾ ايتري طاقت نه هوندي آهي جو ان ٻڏندڙ کي سهارو ڏئي ڪري ٻاهر آڻين ته پوء اهي پاڻ به ڪناري تان پٽجي پوندا آهن، ۽ ٻڏندڙ جي هٿ ۾ اچي ويندا آهن. ۽ ۽ وفا ڪندي ان ٻڏندڙ سان گڏ پاڻي ۾ ٻڏندا ويندا آهن، اصل وفا اهيا آهي، ٻڏندڙ ٻوڙن کي ڪي حاتق هٿ وجهن، ڪيڏي لڃ لطيف چئي ويچارن ڪکن يا ته ڪنڌي ڪن يا ساڻ هلن سير ۾ ۽ وفا ڪندڙ ٻوڙن سان گڏ اهڙا تمام گهٽ ماڻهون به اسان جي معاشري ۾ رهن ٿا، مگر افسوس جو انهن جي وفا جو قدر ناهي ڪيو ويندو.۽ ڪافي ته اهڙا به دوست ساٿي هوندا آهن جيڪي دعوا ته وفا جي ڪندا آهن مگر مهل تي ڌوڪو ڏئي ويندا آهن، ۽ انهن کي بي وفا ،دوڪيباز، يا وري مڪار سڏيو ويندو آهي. دعـــــــــــــوا دريا دل جــــــــــي، مهـــــــــل سامـــــهون رهـــــــــن مــــاٺ وگهيه اهڙا ڪئين ڏٺم ڪاٺ، جن ٻـــــري نه ڏنو ٻور ڪنهن کي.
وفا ..... جڏهن به اهو لفظ سامهون ايندو ته ان جوضد يا مخالف لفظ بيوفا سامهون اچي ويندو آ ... اسان وٽ اهڙا شاعر جام آهن جن جو تخلص وفا آهي، جيئن وفا ناٿنشاهي، وفا پلي، پرڀو وفا، وفا حاڪم وساڻ ۽ هاڻ ته فيسبوڪ تي به وفائن جي ڊگهي قطار آهي. پر هي شعر به سدا ياد رهندو آ.... وفا ڪٿي نه رهي آ، وفا تلاش نه ڪر خدا جي واسطي اهڙي جفا تلاش نه ڪر پر وري هي به مشهور آ .... هن سان ٻيهر وفا ڪري ڏسبي پاڻ سان هڪ دغا ڪري ڏسبي