نئين بجيٽ ۾ ڪانٽريڪٽي ملازمن کي ڇا مليو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    نئين مالي سال جي بجيٽ واري اعلان ۾ سرڪاري ملازم اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا، ته سندن پگهار ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، پر جڏهن اهو ٻڌو ويو ته ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل ملازمن جي پگهار ۾ واڌ نه ڪئي وئي آهي ته هڪ سوال هر ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل ملازم جي دماغ ۾ اٿيو ته ڇا اهي سرڪاري ملازم نه آهن؟ يا اهي هن ملڪ جا رهاڪو نه آهن؟ پنجاب حڪومت ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل ملازمن کي پڪو ڪري ڇڏيو ۽ کين سڀ سهولتون به ڏنيون آهن، پر سنڌ ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل ملازمن کي پڪو نه ڪيو ويو آهي، ۽ نه ئي کين ڪا سهولت ڏني وئي آهي. هن وقت سنڌ جا ڪانٽريڪٽي ملازم انتهائي مفلسي واري زندگي گذاري رهيا آهن. انهن کي بلڪل نامناسب پگهار ملي رهي آهي، جنهن مان سندن گذر سفر مشڪل آهي. ڪانٽريڪٽ تي ڀرتين جو رواج پرويز مشرف جي حڪومت ۾ پيو، جيڪا هڪ آمر جي حڪومت هئي، هينئر ته جمهوري حڪومت آهي، پوءِ به ڪانٽريڪٽي لفظ ملازمن جو مقدر بڻيل آهي. سرڪار کي گذارش ٿي ڪجي ته سنڌ جي ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو ڪري انهن کي به جوڳو رليف ڏنو وڃي.

    پرويز احمد ميمڻ/پنگريو
    http://www.thekawish.com/
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو