طارق قريشي
سينيئر رڪن
منهنجو پُٽ محمد منصوص من الحسين (عمر 10 سال) چئي ٿو ته ڪشش ثقل ڪيتري به وڏي سگھ آهي پر انساني دماغ، ان جو مقابلو ڪري ٿو. جيتري دماغي صلاحيت تيز هوندي اوترو ئي هڪ انسان ڪشش ثقل جي قيد کان آزاد هوندو آهي.
مان، سائنس خاص طور فزڪس ۾ منجھي پوندو آهيان سو، پڇيومانس ته مان ڪيئن مڃان ته انساني دماغ، ڪشش ثقل (گريوٽي) کان به سگھارو آهي جڏهن ته ڪائنات کي قائم رکندڙ اها قوت هڪ کن ـ پل لاءِ به توازن وڃاني ته سڄو ٽِڀو ئي اُونڌو ٿي ويندو.
محمد منصوص من الحسين دليل ڏيندي چئي ٿو ته: نيوٽن وڻ مان صوف هيٺ ڌرتيءَ تي ڪرندي ڏٺو ۽ اهو قائدو دريافت ڪيو ته زمين کي ڇڪ آهي، اها مٿان ڪرندڙ شين کي ڪشش ثقل جي زور تي ڇڪي ٿي، نه ته شيون هيٺ ڪرڻ بدران مٿي هليون وڃن . سو جڏهن انسان جو دماغ سگھارو۽ صحتمند آهي ته هو سڌو ۽ ڦڙت گھمندو آهي، پر جيڪڏهن ڪو بيمار آهي يا نشي جي حالت ۾ آهي يا بيهوش آهي ته هو پاڻ سنڀالي نه ٿو سگھي ۽ ڪري ٿو پوي، ان جو مطلب ته ڪنهن به ڪمزوريءَ جي حالت ۾ انسان جو دماغ جڏهن ڪشش ثقل سان مقابلي جو ساهس وڃائي ٿو ته ٻين بي جان شين وانگر زمين ڏانهن ڇڪجي ٿو ۽ ڪري ٿو پوي.
هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عام انسان جي دماغي قوت ۽ جينئس جي دماغي سگھ ۾ به فرق آهي، جيڪڏهن ڪو انساني دماغ سٺ سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ لڳندو ته هو ڪشش ثقل ته ڇا پر هرشيءِ کان ما فوق ٿي ويندو.
سنڌ جو ٻھڳڻو ليکڪ رحمتالله ماڃوٺي، محمد منصوص من الحسين جو دوست آهي ۽ هن سان مناطرا ڪندو آهي. ٻئي هڪ ٻئي جي ڳالھ سمجھڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن، ممڪن آهي ته ايندڙ ڪنهن بيٺڪ ۾ اسان اهو سڀ ڪجھ سمجھي وڃون، پر مان اڻ ڄاڻ اهو اڳواٽ اوهان سنگت کان سکان ته جيڪڏهن فزڪس مطابق اهو صحيح آهي ته پوءِ صوفياءِ ڪرام صدين کان اها سڄي سائنس پاڻ کي سمجھائي رهياآهن: ايجھا ڪم ڪريجي، جنهين وچ الله آپ بڻيجي.