• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حيدرآباد ۾ بجلي 36 ڪلاڪن کان بند

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
حيدرآباد ۾ برساتي پاڻي گهرن ۽ گهٽين ۾ بيٺل، 36 ڪلاڪن کان بجلي بند، نينگر فوت، شهري سراپا احتجاج
حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات بعد 36 ڪلاڪن کان بجلي فراهمي معطل، مختلف علائقن ۾ مظاهرا، ڌرڻا، گڏ ڪيل ڄاڻ موجب گذريل ڏينهن برسات بعد 37 فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري شهر جي وڏي آبادي بجلي کان محروم رهجي وئي، گذريل رات ڪجهه علائقن جي بجلي فراهمي شروع ٿي پر اڃا به ڪيترائي علائقا بجلي کان محروم آهن، بجلي نه هجڻ ڪري برساتي پاڻي نيڪال ٿيڻ جو سلسلو سخت متاثر ٿي رهيو آهي، رات دير تائين شهر جي هيٺانهين وارن علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڄاڻ موجب سنڌي وسنڌي قاسم آباد جي فراز سينٽر، نسيم نگر کان علي پئلس تائين سموري روڊ نياز اسٽيڊيم سنڌ مسلم هائوسنگ سوسائٽي، راڻي باغ، گدو ناڪو، پرهياڙ ڳوٺ، حسين آباد مين روڊ، شهباز بلڊنگ مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، جڏهن ته لطيف آباد تعلقي جي يونٽ نمبر 2 جي هيٺانهين وارن ڪالونين ۾ پاڻي ڀرجڻ ڪري گهرن ۾ داخل ٿي ويو، جيڪو نيڪال نه ٿيو، جڏهن ته يونٽ نمبر 3، 7 ۽ 11 ۾ پڻ ساڳي صورتحال رهي، روڊ رستا برساتي پاڻي سان ڀريل هئا، سٽي تعلقي جي سبزي منڊي، ريلوي اسٽيشن، آمريڪن ڪوارٽر، لالو لاشاري، پريٽ آباد، حر ڪئمپ ، ڪلهوڙا ڪالوني مان پاڻي نيڪال نه ٿيو آهي. ٻئي طرف هالا ناڪا ڀرسان بجلي جي ڪريل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب گندگي جي ڍيرن تان ڪاغذ ميڙيندڙ 13 سالن جو بسم الله پٽ حاجي جان پٺاڻ فوت ٿي ويو، جڏهن ته گذريل رات جي تيز طوفاني برساتن سبب قاسم آباد ۾ علي پئلس ڀرسان هڪ خالي گهر جون ڀتيون ڪري پيون.حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف رهواسين پاران جلوس ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪيا ويا، نئين سبزي منڊي ، ڳوٺ منٺار جتوئي، پريٽ آباد ۽ آسپاس جي رهواسين برسات سبب سندن گهر ڊهڻ توڙي گهرن ۾ پاڻي بيهڻ خلاف ڪالهه ميران محمد شاهه روڊ تي احتجاج ڪيو، جڏهن ته شهباز بلڊنگ پويان واقع پيون ڪالوني جي واسين گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ خلاف ڪالهه مين واڌو واهه روڊ تي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو، مڇريل ماڻهن ڏنڊا کڻي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪي ڇڏيو، جنهن سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي، ٻئي طرف ممتاز ڪالوني جي رهواسڻ فهميده پنهنجن معصوم ٻارن سميت گهر ۾ پاڻي ڀرجڻ ۽ گهرجي ڇت توڙي ڀت ۾ ڏار پوڻ تان ميران محمد شاهه روڊ تي مدد لاءِ احتجاج ڪيو، هوڏانهن ڳوٺ مٺو حاجاڻو جي واسين پڻ احتجاج ڪيو، ٻئي طرف اماني شاهه ڪالوني ۾ گذريل 36 ڪلاڪن کان بجلي فراهمي شروع نه ٿيڻ خلاف رهواسين حيسڪو جي اميد علي شاهه سب ڊويزن جي آفيس سامهون ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، هنن مطالبو ڪيو ته بجلي بحال ڪئي وڃي، جڏهن ته ڪوهه نور چوڪ تي پڻ شهرين بجلي جي عدم فراهمي خلاف مظاهرو ڪيو، هوڏانهن رسالا روڊ، لجپت روڊ، راحت سينيما وارن علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان بجلي نه هجڻ خلاف رهواسين رسالا روڊ تي ٻن ڪلاڪن تائين احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن روڊ کولڻ لاءِ کين خاطري ڪرائي پر هنن احتجاج ختم نه ڪيو، رهواسين موجب 2 ڏينهن کان پاڻي ۽ بجلي نه هجڻ ڪري سخت پريشان آهيون.
http://www.thekawish.com/
 
جواب: حيدرآباد ۾ بجلي 36 ڪلاڪن کان بند

ادا تمام وڌو الميو آهي خاص طور تي قاسم آباد ته ڄڻ سنڌ ۾ ئي نه آهي اهڙي ٻٽي پاليسي اسان سان وقت جا چالاڪ ماڻهو ڪري رهيا آهن
 
جواب: حيدرآباد ۾ بجلي 36 ڪلاڪن کان بند

الله جي گهر ۾ دير آهي انڌير نه آهي
 
جواب: حيدرآباد ۾ بجلي 36 ڪلاڪن کان بند

سائين ڄامشورو ۾ به مينهن وسڻ‌واري ڏينهن صبح ست بجه بجلي موڪلائي وئي ۽ ٻئي ڏينهن منجهند جو 1 يا 2 بجه آئي هئي۔۔۔۔ مطلب ته حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي بجلي گڏ بند هئي۔۔۔
 
Back
Top