حلال کان حياءُ.....! ڏاڏو گلڻ ڳوٺ ۾ ھڪ ننڍڙو دڪان ھلائيندو ھو ، سڄي ڳوٺ ۾ ھڪ ڏاڏي گلڻ جو دڪان ھوندو ھو ، جنھن کان سڄي ڳوٺ جا ماڻھو سودو سامان وٺندا ھئا ، جنھن ڏينھن ڏاڏو گلڻ شھر ويندو خريداري ڪرڻ ان ڏينھن صبح کان دڪان بند ھوندو ھو ۽ ڳوٺ جا ماڻھو ٻار توڙي وڏا رستي ۾ ديدون وڌيون ويٺا ھوندا ھئا، جي پري کان ڪنھن ٻار کي ڏاڏي گلڻ جو گڏھ نظر اچي ويندو ھو ته خوشي منجھان ٽپا ڏيندي چوندو ھو ،،،، او اھو ،،ڏاڏو گلڻ اچي ويو ،، ۽ پوءِ ڳوٺ جي ماڻھن کي ڄڻ ته ساھ پئجي ويندو ھو ، ڇو ته چوندا آھن ته انتظار به ڪجھ سڪرات کان گھٽ ڪون ھوندو آ،،، ڏاڏو گلڻ شھر مان روڪ پئسن تي دڪان جو مال وٺي ايندو ھو ۽ ڳوٺ وارن کي ڪجھ اوڌر ته ڪجھ ان تي سامان ڏيندو ھو ،، ائين ڏاڏو گلڻ ڪک پن مڙيندو ھو ، طبيعت جو نھايت ماٺيڻو ۽ ھنس مک ھوندو ھو ،، ۽ ڳوٺ جي غريب ماڻھن جي به پنھنجي حال آھر مدد ڪندو رھندو ھو،، مجموعي طور الله لوڪ ماڻھو ھوندو ھو ،، جي ڳوٺ ۾ڪو مھمان ايندو ھو ته به ڏاڏي گلڻ جي دڪان تي ان جي کاڌي پيتي جو خيال به ڏاڏو گلڻ ڪندو ھو ،، يعني پوري تر ۾ ڏاڏو گلڻ مشھور ھو ،، ھڪ ڏينھن ڏاڏي گلڻ کي خيال آيو ،، سڄي زندگي گذاري آ ان حال ۾ ،، ھاڻي ڪجھ آرام ڪجي ان ڪري سڀ خدا جي راھ ۾ خيرات خرچ ڪجي ، ائين ڪندي ٻه نوجوان پاڻ ۾ ڳالھائيندا اچي ڏاڏي گلڻ جي دڪان وٽ نڪتا ،، جن چيو پئي ،،، وڏا ماڻھو وڏا خرچ ،، جيڏا وڏا شھر اوڏا وڏا مسئلا ، انھن جا بابا وڏا خرچ آھن وڏا تعلقات آھن ،، ڏاڏو گلڻ ڪجھ پريشان ٿي پڇيو،،، ابا ڪنھن جي ٿا ڳالھ ڪريو؟؟؟ نوجوانن ورايو ڏاڏا پنھنجي ايم پي اي ڪي ڪي جي ،،، ڏاڏي وراڻيو،، ھان ،،! ڇاٿيو آ ان کي ،،،؟ نوجوانن چيو ،، ڏاڏا ان جي خرچ جي باري ۾ ٿا ڳالھ ڪريون ،، ته وڏا خرچ اٿن وڏن شھرن ۾ ،، ڏاڏي حيرت وچان چيو ،، ھائو ابا ،،! مار پوءِ ته وقعي ڪي ڪي سان مسئلو ھوندو،، نوجوانن چيو ،،، ڏاڏا ٻيو نه ته جيترا وڏا ماڻھو اوترا وڏا مسئلا،،، ڏاڏي گلڻ سچي ماڻھوءَ اھو پڪو پھ ڪيو ته سڀ ڪجھ وڪڻي ڪي ڪي کي خيرات ۾ ڏيندو ،،، جنھن صلاح ڏاڏي گلڻ ڳوٺ جي ڪجھ چڱن مڙسن سان ڪئي ، جنھن تي چڱن مڙسن ڏاڏي گلڻ کي منع ڪئي ته اھو ڪم نه ڪجان ،،، پر ڏاڏو سچو نيت ڳو پڪو ڪٿي ٿو مڙي ،، پنھنجو سڀ ڪجھ وڪڻي رقم کڻي گڏ ڪيائين ،،،۽ شھر روانو ٿيو ،،، ڪراچي اسٽيشن تي لھي ھڪ ٽيڪسي واري کي چيائين ابا مونکي وزير ڪي ڪي سان ملڻو آ ، مونکي ان جي آفيس وٺي ھل. ٽيڪسي واري ڏاڏي گلڻ جي جو ڳالھائڻ ته ڪونه سمجھيو پر ان ايترو اندازو لڳايو ته ھن کي ڪنھن منسٽر سان ملڻو آ، سو کڻي وڃي اسيمبلي حال جي سامھون روڊ تي اڇلايائينس اھڙي نموني ڏاڏو وتي پيورلندو، ڪي ڪي صاحب ، ڪي ڪي صاحب ڪندو ،،پورو اڌ ڏينھن بک اڃ گرمي ۾ رلندو رھيو پر ڪي ڪي جو ڏس ڪون پيو ،، ائين ڪندي ھڪ پوليس وارو ڏاڏي کي ڏسي چيو ،، ڏاڏا تون صبح کان رلندو ٿو رھين ڇا ڳالھ آ ؟ ڏاڏي چيو ابا مونکي ڪي ڪي صاحب سان ملڻو آ ،،، پوليس وارو سمجھو ھو ۽ شايد ڪو سنڌي به ھو ،، ان کي خدا ڄاڻي الائي ڪيئن رحم اچي ويو ،،، سو وڃي آخر ڪي ڪي جي سيڪريٽري سان ملايو ،، جنھن ڏاڏي کي ٻاھر بينچ تي ويھاري ڇڏيو اچي مٿان سج لٿو ،، آفيسون بند ٿي ويون ، ھرڪو ھليو ويو ،، ڏاڏو اتي ويٺو رھيو ،، جڏھن سيڪريٽري ٻاھر نڪتو ته ڏاڏي گلڻ تي نظر پيس ،، ڏاڏي چيو ،، ابا ڪي ڪي صاحب ڀلا اڃا واندو ڪون ٿيو ڇا؟ سيڪريٽري ھڪ سپاھي کي چيو ،، بابا ڪو ڪي ڪي صاحب ڪي ھائوس پي ليجائو ،،، سپاھي ڏاڏي گلڻ کي وٺي ڪي ڪي جي ھائوس آيو ۽ پي اي جي آفيس ۾ ڇڏي ھليو ويو جتي ھڪ ٻيو ماڻھو به ڪي ڪي سان ملڻ لاءِ ويٺو ھو ،، پي اي ڪي ڪي کي انٽر ڪام تي ٻڌايو ۽ ڪي ڪي ٻنھين کي پنھنجي ھائوس آفيس ۾ گھرايو ڏاڏو ڏاڍو ڀاڪر پائي مليس ڏاڏي جا ٿڪ ئي لھي ويا ، پھريائين ڪي ڪي ٻئي ماڻھو سان ڪوڊ ۾ ڳالھايو ۽ اھو ماڻھو پنج ھزار جي نوٽن جون ڳٺڙيون ٽيبل تي رکي ويو ھليو ، ڏاڏو اھو ڏسي خوش ٿيو ته واقعي ھنن کي خيرات جي ضرورت آھي ،،، ڪي ڪي ڏاڏي سان حالي احوالي ٿيو ،، ڏاڏي گلڻ سڄي حقيقت ٻڌائي ۽ ڪجھ رقم پوتڙي جي ڪنڊ مان ڇوڙي ڪي ڪي اڳيان ٽيبل تي رکندي چيو ،، توھان اسان جي خدمت لاءِ ڏينھن رات محنت ڪري رھيا آھيو ان لاءِ مان ھي سڄي زندگيءَ جي ڪمائي توھان کي ڏيڻ آيو آھيان ،، مان غريب جي ھي ننڍڙي مدد قبول ڪيو ،، ڪي ڪي کلندي چيو ،، نه نه ڏاڏا ھن جي ضرورت ناهي، ھي توھان کڻي وڃو ،، ڏاڏي وراڻيو سائين ھي منھنجا حلال جا پئسه آھن ،، ۽ حلال ۾ برڪت ھوندي آھي ،، مان توھان کي خيرات ۾ ٿو ڏيان ، ڪي ڪي کي غصو اچي ويو ۽ ڏاڏي کي ڏاڍو ڳالھايائين ۽ پي اي کي سڏي ڏاڏي کي ڪڍڻ لاءِ چيائين ،، پي اي ڏاڏي کي احترام سان پنھنجي آفيس ۾ وٺي ويو ،، اتي پي اي ڏاڏي کان احوال ورتو ، جنھن تي ڏاڏي سمورو احوال پي اي کي ڪيو ،، پي اي ڏاڏي کي ٻڌايو ته ھُو ھمراھ پئسن جون ڳٺڙيون جيڪي ڏنيون اھي رشوت جون ھيون جنھن ۾ لک ھئا ،، توھان جي رقم ھزارن ۾ ھئي ، جيڪا ھنن لاءِ ڪا اھميت نٿي رکي ،،،،،،،،،،
هي سنڌ جا سور آهن .... ساڳي وقت سنڌين جي سادگي ۽ سچائي پڻ مان سمجهان ٿو اسان جي ماڻهن کي هاڻي سمجهڻ گهرجي ته سندن وزير، ميمبر شهرن ۾ ڇا پيا ڪن ؟؟
اڃان به اسانجون اهي ريتون اهي رسمون ؟ اها ئي نوڙت اها ئي هٿ جوڙ ! سڌاري جو نالو ئي ڪانهي تعليم تباه ، شعور جا هٿ سان بکيا اُڊوڙي ڇڏيندڙ هي سماج ! جنهن جا اسين سڀ ذميوار به آهيون ته اسان تي اهوفرضبه ٿئي ٿو تهسماج ۾ سُجاگي لا جاکوڙيون ........... ڪڌهن نه ڪڌهن ته اسان جي اٻوجهه ماڻهن جي ڪنن ۾ ڪُُوڪ وڃي اثر انداز ٿيندي ڪا ڪا.