پروفيسر مير محمد ايم مهر جو مختصر تعارف سندس ڪيل علمي، قلمي ۽ ادبي خدمتن تي هڪ نظر ابومحمد چوهاڻ سليم الله سنڌي مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات هوندا سي حيات، جيڻان اڳي جي جيا. الحمدلله اسانجي سنڌ ڌرتي مردم خيز ۽ سون ورني ڌرتي آهي، سنڌ جي پيٽ مان هزارين، عالم، فاضل ۽ درويش صفت انسان پيدا ٿيا آهن. جن جو ڪاٿو ڪرڻ هن مختصر ۾ مضمون مشڪل آهي. البت آئون هن مضمون ۾ ان قلمي دوست جو مختصر تعارف لکڻ جي ڪوشش ڪندس. جيڪو دنيوي تعليم حاصل ڪندڙ جي باوجود پاڻ ڪيترن ئي ديني ڪتابن جا مترجم ۽ سهيڙيندڙ هئا. الله تعالى ان جي اندر هي جذبو بيدار ڪيو هو ته ماڻهن کي دين جي تبليغ ڪتاب ذريعي ڪجي. پاڻ هن حديث ’بلغو عني ولوآيہ‘ پهچايو منهنجي پاران جيتوڻيڪ هڪ آيت جو علم هجي، جو عملي نمونو هئا. پاڻ جيئن ته ڪنهن ديني اداري کان باقاعده پڙهيل ڪين هئا پر تنهن هوندي به پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ 30 جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکي پنهنجي سنڌي سٻاجهڙن جي خدمت ۾ پيش ڪندا هئا ۽ مفت تقسيم ڪندا هئا. سندن زندگيءَ جي جهلڪ مير محمد بن حاجي محمد جُمن مهر، سندن پيدائش تعلقي سکر جي ننڍڙي ڳوٺ ورايو مهر1939ع ۾ ٿي. پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ ۽ سنڌ فائنل جو امتحان باگڙجيءَ جي اسڪول مان 1953ع ۾ پاس ڪيائون. ميٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ هاءِ اسڪول سکر مان 1959 ۾ پاس ڪيائون. ان کانپوءِ سنڌ جي مشهور زرعي ڪاليج ٽنڊوڄام مان 1963ع ۾ بي.ايس.سي زراعت فرسٽ ڪلاس ۾ ڪري ساڳئي ڪاليج ۾ ئي ڊمانسٽريٽر طور مقرر ٿيو. ملازمت جي دوران ئي 1967ع ۾ ايم.ايس.سي زراعت جيتن جي علم ۾ پاس ڪيائون. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد، ذريعي 17 هين گريڊ جي ملازمت حاصل ڪيائين. ۽ سنڌ زرعي تحقيقاتي اداري ۾ وؤنڻن ۽ سارين جي فصل لاءِ خدمتون سرانجام ڏنائون. 1986ع کان 1987ع تائين سندن خدمتون زرعي توسيع ۾ حاصل ڪيون. 1998ع ۾ وري کين اصلوڪي کاتي، سنڌ زرعي تحقيق ۾ موڪليو ويو. اتي 1999ع ۾ بحيثيت ڊائريڪٽر قائدعوام زرعي تحقيقاتي ادارو لاڙڪاڻو، رٽائر ڪيائين. ان کانسواءِ پاڻ ٻين به ڪيترن ڊگرين، صلاحيتن سان مالامال هئا. جيئن ته مير محمد ايم مهر فقط دنيوي تعليم حاصل ڪئي هئائين. پر سندن ملاقاتون وقت جي جيد عالمن سان گهڻيون ٿينديون رهنديون هيون. ۽ عالمن سان گهرو تعلق هين. ان ڪري پاڻ ڪيترن ئي ديني ڪتابن جا سهيڙيندڙ ۽ سنڌيڪار هئا. سندن فرزند خليل احمد مهر ٻڌايو، “بابا سائين، پنهنجي دوران نوڪري آفيسرن جي گمنام طريقي سان خط لکي انهن جي اصلاح ڪندا هئا. ان ۾ پنهنجو نالو ابن آدم سنڌي ٻڌائيندا هئا. جڏهن سندن آفيسر جي اصلاح ٿي ويندي هئي ته کيس ٻڌائيندا هئا ته اوهان ڏانهن خط مون لکيو هو ۽ پنهنجو نالو ابن آدم سنڌي لکيو هو. اهڙي طرح پاڻ پرڏيهه کان هڪ خط سائين ٻير وارن جي خدمت ۾ لکيو هو. ان ۾ به پنهنجو نالو ’ابن آدم سنڌي‘ ڄاڻايو هو. جڏهن پاڻ سائين جن کي ٻڌايو، ’سائين! ابن آدم سنڌي جي نالي سان مون اوهان ڏانهن خط لکيو هو‘ سائين خوش ٿي کيس فرمائڻ لڳا، ’اوهان لکڻ جي صلاحيت ماشاء الله سٺي آهي. اوهان لکندا ڪريو.‘ ان کان پوءِ لکڻ جي ميدان ۾ پير پاتو.” واقعي ڪنهن ڏاهي سورنهن آنا سچ چيو آهي، قلندر گو يدکه ديده گويد ”وقت جو ولي ڪامل ۽ بزرگ جيڪو چوندو آهي اهو پهريان جانچي پرکي پوءِ ڳالهائيندو آهي.“ ان کانپوءِ مير محمد صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جو ترجمو ڪيو ۽ سنڌواسين جي خدمت ۾ سوکڙي طور پيش ڪيو ۽ سندن لکيل ڪتاب سندن نجات جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هتي سندن ڇپيل ڪتابن جو تعارف پيش ڪجي ٿو: 1. صحابه ڪرام ۽ صحابياتِ پيغمبرؑ جون انفرادي خصوصيتون: هن ڪتاب ۾ نبي ڪريمﷺ جن چونڊ صحابن ۽ صحابيات جا ايمان افروز واقعا ۽ خصوصيتون لکيون ويون آهن. ڪتاب جا ڪل 200 صفحا آهن. ڪتاب جي منڍ ۾ سيرت طيبه تي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ نبي ڪريمﷺ جي سيرت پاڪ جي بنيادي معلومات پڻ ملي وڃي ٿي. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ عشره مبشره ۽ ٻين 172 صحابن ۽ صحابيات جو مختصر تعارف ۽ ڪردار پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب تي مولانا نذير احمد مهر صاحب جي تقريظ پڻ لکيل آهي. ۽ ’ڪجهه هن ڪتاب بابت‘ جي عنوان سان سهيڙيندڙ لکيو آهي، جيئن نبي ڪريمﷺ جن عظمت ۾ بيمثال آهن. ’تيئن صحابه ڪرامؒ پنهنجي عظمت ۾ بيمثال آهن. اها الله تعالى جي جماعت يعني حزب الله آهي. هونئن ته لڳ ڀڳ هڪ لک چوئيتاليهه هزار صحابه ڪرام۽ صحابيات عظام آهن. ليڪن هن ڪتاب ۾ اٽڪل 172 کن جون انفرادي خصوصيتون ڏنل آهن.‘ (ص2) 2. پيغمبر اسلام ۽ نسبت پيغمبرؑ: هي ڪتاب سيرت پاڪ تي لکيل آهي. جهڙو نالي مان ظاهر آهي. هي ڪتاب مختلف عالمن جي تقرير ۽ افادات سان تيار ڪيل آهي. جهڙوڪه حضرت مولانا سائين عبدالڪريم قريشي ٻير شريف واراؓ، شيخ القرآن حضرت مولانا غلام الله خانؓ، حضرت مولانا عبدالشڪور دينپوريؓ ۽ ٻين مشهور عالمن جي تقريرن تان اقتباس وٺي تيار ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي تعارف ۾ پاڻ سهيڙيندڙن هن طرح لکن ٿا: ”هن ڪتاب ۾ امت مسلمه جي جيد عالمن سڳورن جي تاريخي تقريرن، خطبن ۽ مواعظه حسنه مان اقتباس پيش ڪرڻ جي سعي ڪئي وئي آهي.“ ڪتاب کي مولانا نذير احمد عثماني چيف ايڊيٽر ٽماهي ’العلم‘ جي تقرير ويتر چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. ڪتاب 204 صفحن تي مشتمل انتهائي مفيد آهي. جنهن ۾ سيرت پاڪ جي حوالي سان اهم معلومات ملي ٿي. ڪتاب اپريل 2002ع ۾ شايع ٿيو آهي. 3. سنت جي شاهراهه عظيم عرف منجهان سڪ سبيل: هي ڪتاب امام اهلِ سنت حضرت مولانا محمد سرفراز خان صفدرؓ جي مشهور ڪتاب ’المنهاج الواضح يعني راهه سنت‘ اردو جو تلخيص ۽ سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ سنت ۽ بدعت کي واضح ڪيو ويو آهي. اردو واري ڪتاب تي جڳ مشهور عالمن تقريظون لکيون آهن. جهڙوڪه: ’حضرت مولانا قاري محمد طيبؓ، حضرت مولانا مهدي حسنؓ ۽ حضرت مولانا شمس الحقؓ.‘ هن ڪتاب ۾ سنت ۽ بدعت کي وائکو ڪيو ويو آهي. انتهائي مفيد ڪتاب 96 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ مولانا اصغر علي پنهوار جن جي تقريظ لکيل آهي. 4. ڪلمو طيب، علم وحي ۽ علمي تقاضائون: هي ڪتاب ڏهن جيد عالمن جي تقريرن کي گڏ ڪري سنڌي ترجمو ڪيو ويو آهي ۽ ان طرح هڪ سٺي ڪتاب جي صورت ۾ اسان جي هٿن ۾ پهتو آهي. پهرين تقرير قاري محمد طيبؓ جي ’ڪلمي طيبه جي حقيقت‘ بابت آهي. ٻي تقرير شيخ القرآن حضرت مولانا غلام الله خان صاحبؓ ’توحيد وارو عقيدو‘ ٽين تقرير حضرت مولانا عبدالمجيد نديم جي ’الله ئي الله‘ چوٿين تقرير حضرت مولانا ضياءُ الرحمان فاروقي شهيدؓ ’مشڪل ڪشا ڪير؟‘ پنجين تقرير حضرت مولانا سائين عبدالغفور قاسمي جي ’قرآن جو علم‘ ڇهين تقرير حضرت مولانا سائين عبدالڪريم قريشيؓ جي ’قرآن، انسان ۽ انسانيت‘ ستين تقرير حضرت مولانا سائين عبدالغفور قاسميؓ جي ’علم و عمل‘ اٺين تقرير حضرت مولانا محمد سرفراز خان صفدرؓ جي ’ختم بخاري‘ نائين ۽ ڏهين تقرير حضرت مولانا سائين غبدالغفور قاسميؓ جي ’دنيا عمل ۽ امتحان جو گهر‘ ۽ ’الله تعالى جا احسان‘ شامل آهن. اهڙي طرح هي ڪتاب ڏهن جيد عالمن جي چونڊ تقريرن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ سٺي معلومات ۽ ڄاڻ ملي ٿي. هي ڪتاب 144 صفحن تي پکڙيل آهي. 5. کاڻ ڳڻن جي عرف سهڻيون صلاحون: هي ڪتاب اصل ۾ اردو ۾ ’عظيم اقوال‘ جي نالي سان جيڪو محمد عظيم بٽ جو جوڙيل آهي. جنهن جو ڪجهه واڌارن سان هي سنڌي ترجمو مير محمد صاحب پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ آيل قرآني واقعا سنڌيڪار پاران ڏنل آهن. ترجمو سنڌي سائين ٻير وارن تان ورتو ويو آهي. ان کان سواءِ نبي ڪريمﷺ جي حديثن ۽ ٻين نبين سڳورن، امامن عالمن جا چونڊ انمول قول موتين مالها پيش ڪيا ويا آهن. ڪتاب جا ڪل صفحا 159 آهن. 6. خلافت راشده قرآن و سنت جي آئيني ۾: هي ڪتاب قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ خلافت راشد جي ترتيب خلفاءِ راشدينؒ جي تقوى، قربانين، ڪارنامن، عشق رسولؐ ۽ معرفت الاهي جي چند جهلڪين ۽ سيرت نبوي جي چند يادگار واقعن کي حضرت مولانا ضياءُ الرحمان فاروقي جي تقرير تان لکيو ويو آهي. جڏهن ته مولانا فاروقي شهيد جي اها يادگار تقرير اردو ۾ آهي. ان جو سنڌي ترجمو ڪري هن ڪتاب جي صورت ۾ پڙهندڙن جي آڏو پهچايو ويو آهي. ڪتاب جا ڪل صفحا 40 آهن. ڪتاب جي آخري ٽائيٽل تي ’عورت جي حيثيت ۽ عظمت اسلام جي نظر ۾‘ هڪ بهترين آئيڊيل ڪري پيش ڪيو ويو آهي. 7. ڪفر جي ٻاٽ انڌيري کان اسلام جي روشنيءَ جو سفر: هن ڪتاب ۾ چونڊ نون مسلمانن جي اسلام قبول ڪرڻ جي داستانن کي مختلف اردو رسالن ۽ اخبارن تان سنڌي ترجمو ڪري هڪ بهترين ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڇهن نون مسلمانن جو داستان آهي. برطانوي صحافيه ’يوآن ريڊلي‘ جو مريم بڻجڻ، بابري مسجد جي گستاخ ۽ شهيد ڪندڙ ’بلبير سنگهه‘ جو محمد عمر بڻجڻ، ’نند لعل‘ ۽ ’موهڻيءَ‘ جو محمد علي ۽ عائشه بڻجڻ، ’سندرداس‘ جو عبدالواحد بڻجڻ، پادري ’رياض پيٽر‘ جو عبدالله بڻجڻ، ’ڪرشن لال‘ جو غازي احمد بڻجڻ وارن عنوانن تحت انهن نون مسلمانن جو داستان نهايت ايمان افروز انداز ۾ لکيو آهي. ڪتاب جا ڪل صفحا 104 آهن. 8. مان مسلمان ڪيئن بڻيس؟: هي ڪتاب به انهن نون مسلمانن جي آتم ڪٿا تي مشتمل آهي. جن پنهنجي پراڻي مذهب کي ڇڏي اسلام جي هنج ۾ پناهه ورتي. هن ڪتاب ۾ هي عنوان آهن: ’ڪرشن لال مان غازي احمد بڻجڻ جو داستان خود پنهنجي زباني، رياض پيٽر مان عبدالله بڻجڻ جو داستان خود پنهنجي زباني، جناب عبدالله صاحب کان ڪجهه پڇيل سوال ۽ انهن جا جواب، برطانوي صحافيه، مائي ريڊلي جا اسلام ۽ طالبان متعلق تاثرات.‘ ڪتاب انتهائي ڪارائتو ۽ علم ۾ اضافو ڏيندڙ آهي. پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته نون مسلمانن اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون ڏنيون ۽ پنهنجي زندگي اسلام مطابق گذاريائون. ڪتاب جا ڪل صفحا 64 آهن. 9. سهڻو عقيدو عرفِ جماعت حق جو عقيدو: هي اصل ۾ عربي جا ٻه رسالا آهن. هڪ عقيدة الطحاوي جيڪو امام ابوجعفر طحاوي حنفيؓ جو آهي ۽ ٻيو عقيدة الحسنه جيڪو حضرت امام شاهه ولي الله محدث دهلويءَؓ جو آهي. انهن ٻنهي رسالن ۾ عقيدن بابت اصولي ڳالهيون آهن. انهيءَ ڪري موضوع جي هڪجهڙائي جي ڪري گڏ ترجمو ڪري شايع ڪيوويو آهي. انهي ٻنهي رسالن جو اردو ترجمو حضرت مولانا صوفي عبدالحميد خان سواتيؓ 1971ع ۾ ڪيو. اداره نشر و اشاعت جا معه نصرة العلوم جي طرفان شايع ٿيو هو. انهيءَ اردو ڪتاب جي تلخيص ۽ سنڌي ترجمو مير محمد صاحب ڪيو آهي. ترجمو معياري، سليس ۽ عام فهم آهي. ڪتاب جا ڪل صفحا 40 آهن. 10. علماءِ ديوبند جو مختصر تعارف: هي اصل ۾ حضرت مولانا ضياءُ الرحمان فاروقي شهيدؓ جي هڪ يادگار اردو تقرير آهي. جيڪا ديوبند عالمن جي تعارف، خدمات ۽ ڪردار تي مشتمل هئي. ضرورت هئي ان تقرير کي سهيڙي سنڌي ترجمو ڪري ڇپرايو وڃي. ان ضرورت کي محسوس ڪندي مير محمد ايم مهر صاحب ان تقرير کي سهيڙي ان جو سنڌي ترجمو ڪري ڇپرايو. ڪتاب جا ڪل 40 صفحا آهن. 11. اندر جا انڌما عرف توحيد امانت: هي ڪتاب توحيد بابت لکيل آهي جهڙوڪه نالي مان ظاهر آهي. مير محمد صاحب توحيد واري مسئلي کي وائکو ڪرڻ لاءِ نهايت ئي محنت ڪري توحيد بابت قرآن پاڪ مان 153 هنڌن تان آيتون سهيڙي هڪ نئين ترتيب سان ڪتاب لکيو اٿس ۽ قرآن آيتن جو ترجمو حضرت مولانا سائين عبدالڪريم قريشيؓ وارن تان کنيو ويو آهي. بهرحال مجموعي سطح ڪتاب هڪ بهترين ڪاوش آهي. ڪتاب جا ڪل 47 صفحا آهن. 12. هر وقت ۽ هر جڳهه حاضر ناظر ڪير؟: هي ڪتاب اصل ۾ حضرت مولانا محمد سرفراز خان صفر جي هڪ اردو ’تبريد النوظر في تحقيق الحاضر و الناظر‘ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ وڏي تحقيق ۽ جستجو سان قرآن پاڪ، صحيح حديثن، صحابه ڪرامؒ ۽ جمهور حضرات سلف ۽ خلف جي عقيدن ۽ حنفي فقيهن جي واضح فتوائن سان هي ڳالهه ثابت ڪئي وئي آهي ته هر هنڌ ۽ هر وقت حاضر ناظر فقط الله تعالى جي ذات آهي. ڪوبه نبي سڳورو ۽ بزرگ حاضر ناظر ڪونهي. مخالف فرقي جي مڪمل دعوائن جا مڪمل جواب به ڏنا ويا آهن. هي نهايت ئي علمي ڪتاب آهي ڪتاب جا ڪل 88 صفحا آهن. 13. عبادت جي لائق يڪتا ذات صرف الله رب العزت جي: هي ڪتاب امام اهلسنت شيخ الحديث حضرت مولانا ابوالزاهد محمد سرفراز خان صفدرؓ جي مشهور ڪتاب ’گلدسته توحيد‘ مان تلخيص ڪري سنڌي ترجمو ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب توحيد باري تعالى تي هڪ نادر علمي ڪوشش، تحقيق، محنت ۽ جاکوڙ سان تيار ڪيل آهي. ان کان سواءِ هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ مضمون جي مناسبت سان ٻين جيد عالمن جي چونڊ تقريرن مان اقتباس پڻ ورتا ويا آهن. جهڙوڪه حضرت مولانا عبدالڪريمؓ ٻير شريف، شيخ القرآن حضرت مولانا غلام خانؓ، حضرت مولانا ضياء الرحمان فاروقي شهيدؓ، حضرت مولانا سيد عبدالمجيد نديمؓ جي تقريرن مان توحيد بابت اقتباس شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب ۾ آيل قرآني آيتن جو ترجمو حضرت سائين ٻير وارن تان کنيو ويو آهي. ڪتاب جا ڪل صفحا 104 آهن. هي اهي ڪتاب آهن جن جو تعارف اوهان جي خدمت ۾ مختصر پيش ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ مير محمد ايم مهر صاحب جن ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا هئا، جيڪي مون کي گهڻي ڪوشش جي باوجود ملي نه سگهيا. هتي انهن ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا. جيڪي سندن ڇپيل ڪتابن جي ٽائيٽل تي ڏنل آهن: (1) حضرت انسان احسن تقويم، (2) منهنجون يادگيريون، (3) شرڪ ۽ ان جي حقيقت، (4) قرآن مجيد جو انسان سان خطاب ۽ انساني معاشري جي انقلابي اصلاح، (5) ڪائنات جون سچايون. پروردگار عالم جي بياني نبي اڪرمؐ جي زباني. (6) مسلمانو خبردار! هيئن هرگز نه ڪجو. (7) قرآن مجيد، سندس آفاقيت، حقانيت، اعجاز چيلنج ۽ حڪمت ڀريا مثال. (8) الله تعالى جي ڪمال بي نيازي، عرف سائين توبه تو در، (9) عالي مرتبت صحابه ڪرام رضوان الله تعالى عليهم اجمعين حق و صداقت جي آئيني ۾ (10) لاالہ الاالله، (11) الله ڪير آ؟. هي تبليغ دين جو درد رکندڙ، ماڻهن کي گهر گهر ديني ڪتاب مفت فراهم ڪرڻ وارو، هڪ ادارو ۽ تنظيم جناب مير محمد ايم مهر صاحب دنيوي تعليم وارو ڳچ ڪتابن جو ليکڪ ۽ سنڌيڪار اسان کان 28 جنوري 2010ع جو هميشه لاءِ وڇڙي پنهنجي مالڪ حقيقي جو مهمان بڻيو. الله تعالى کان دعا آهي ته مرحوم جي درجن کي بلند ۽ اعمالن کي قبول فرمائي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري. مرحوم مير محمد ايم مهر پنهنجي پويان اولاد ۾ ٽي پٽ، ’نذير احمد مهر، منير احمد مهر ۽ خليل احمد مهر‘ ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيون. الله تعالى مرحوم جي اولاد کي به دين جو جذبو عطا فرمائي. آمين. ( هي مضمون ڪراچيءَ مان نڪرندڙ رسالي ماهوار الفاروق جي ربيع الاول 1435ھ مطابق فيبروري 2014ء ۾ شايع ٿيو آهي خاڪپاءِ حضرت امام سنڌي رحه چوهاڻ سليم الله سنڌي)