ڪنھن چيو ايڏو نه لک کپي ويندين ، ھُن لکڻ ڇڏي ڏنو ، ۽ ڪتاب سان سنگت ڪري ويٺو ، ڪنھن چيو ايڏو نه پڙھ چريو ٿيندين ، ھُن پڙھڻ ڇڏي ڏنو ، چپ ڪري ويھي رھيو ، ڌرتي چيو منھنجي نمائندگي ڪير ڪندو؟؟ ڏاھا،،، ھڪ ڏينھن ان ڏاھي ويٺي ٽي وي ڏٺي ،، جنھن تي سنڌي ۾ پروگرام پئي ھليو پڙھو ۽ پڙھايو ،،چپ ڪر نه ويھو سنڌ جو قرض لاھيو ،، ھي ھمراھ سوچ ۾ پئجي ويو ......... يار ھي ڪھڙي قسم جي قوم آ...!! ڪنھن کي ڪجھ ڪرڻ به ڪون ٿا ڏين ،، وري جي ڪو گوشه نشيني اختيار ٿو ڪري ته ان تي به وٺ وٺ آ ...!! ھن زال کي سڏ ڪري چيائين،، دلبر جاني .... ھڪ ڪوپ کنڊ جي چانھن جو ته ھڻاءِ،، ته ڪا اسان جي ذھن تان اسان جي قوم جي ھروڀرو جي چاڙھيل نڪوٽين لھي ..... جيڪا اسان جي قوم جا ڏاھا اسان جي ذھنن کي مفلوج ڪرڻ لاءِ ڇڏن ٿا،،، زال پڇيو ڇاٿيو ؟؟ ڏاھي جواب ڏنو ،، ھڻي چيتو ئي ڦيرائي ڇڏيو اٿائون،،،ڪو ڪيئن ٿو چوي ،، ڪو ڪيئن ٿو چوي جي ڪو پرمتڙيو ھجي ،، اھو ته ويچارو رلي ويندو ھن قوم جي ليڊرن ۽ ڏاھن جي چوڻ تي...!! ””ھلي آءُ ڪون سگھان لک لعنت گوڏن تي‟‟،،، پاڻ کان ڪجھ ٿين ڪون ٿو،، وري جي ٻيو ڪوئي ڪجھ ڪري ٿو ته وري ان تي تنقيد....!! زور آ... ته علم حاصل ڪريو ، پڙھو ۽ پڙھايو ،، جيڪي تعليم يافته آھن انھن ڇا ڪيو آ ؟؟؟ انھن سدائين علم پرور ۽ ڏاھن ھجڻ جو غلط فائدو ورتو آھي ...!! ھر ميدان ۾ ،،، جي تعليم جي ميدان ڏسو ته وڏن عھدن تي فائض وڏن ايئر ڪنڊيشن آفيسن ۾ سڄو ڏينھن ڪچھريون ڪري شام جو اٿيا وڏين گاڏن ۾ چڙھيا ھليا ٿا وڃن ، قوم جو ڪھڙو فڪر اٿن ؟؟ قوم جا ٻار پڙھن نه پڙھن ... ھنن کي پنھنجن ٻارن کي وڏن تعليمي ادارن ۾ پڙھائڻو آھي ،، ۽ انھن کي پنھنجو جانشين بڻائڻو آھي ،،، ڄڻ ڪا انھن جي بادشاھي آ....!! ۽ ھي ان کي ڇڏڻ نٿا چاھن ..!! اھي ئي اھي ماڻھو آھن جيڪي نٿا چاھن ته قوم جا ٻار پڙھن ۽ اسان جي برابري ڪن ،،، ھي ھُو مثال آ ”” رڙيون به ڪندو رھ ماريندو به رھ‟‟،، ھزارين روپيا اشتھارن تي خرچ ڪري لکين روپيا پنھنجن کيسن ۾ وجھن ٿا ۽ اشتھار ٿا ھلائن ته علم پرايو ،، جڏھن ته اھي سھولتون ڪٿي آھن جنھن سان قوم جا ٻار پڙھن ، ياوري استادن ۾ اھا قابليت آھي ؟؟ جو ٻار کي چڱي نموني پڙھائي ...!! 100 مان 10% پرسنٽ استاد صحيع آھن باقي سڀ ويچارا اللھ حياتي ڏين گافُ پيشُ گُ ڻوڻ واءُ ڻو (گھاڻو)،،، ڏاھن جو اھو حال آ ته جي ڪو نئون ڏاھو اڀرڻ لڳندو ته ان کي محفلن ۾ تنقيد جو نشانو بڻائيندا سڀ پراڻا ڏاها ناني ويڙھو ڪري ھڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندا ۽ ھن نئين کي ذليل ڪندا ته جيئن وري اسان جي سامھون ڪنڌ کڻڻ جي طاقت ئي نه ٿئيس... مَينھن کي پنھنجي طاقت جي خبر ڪون ھوندي آ،، ھُوءَ پاڻ کان بي خبر پنھنجي زندگي ڀاڳي جي اشارن تي گذاريندي آھي ۽ آخر ۾ ڪاتيءَ جو قوت ٿي مري ويندي آھي ،، جي مينھن کي پنھنجي طاقت جو اندازو ھجي ته جيڪر ائين سڄي زندگي ھڪ سنھڙي رسي ۾ ننڍڙي ڪاٺيءَ جي ڪلي سان بڌل نه گذاري ،، سنڌي قوم جو به ڪجھ اھڙو ئي حال آ،، جو ان کي ڀاڳيا (تعليم يافته) پنھنجي مرضيءَ تي پيا ھلائيندا آھن ،،،، جن پاڻ سڃاتو اھي دنيا جو عظيم قومون بڻجي ويون ،، توڙي جي اھي نست و نعبود ٿي ويون پر وري انھن پنھنجي سجاڳي کان ڪم وٺي پنھنجي حالت درست ڪئي، جنھن جا دنيا ۾ ڪيترائي مثال پيا آھن ،،،