ناز وري ٿو شور مچائين !

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ
    اڄڪلهه پُراڻي شاعري کي نوان ڪپڙا پارائي توهان سان ونڊ پيو ڪريان ، بس شاعري آهي ، اندر ۾ اُها ٿئي ٿو پو ڪڏهن عجيب غريب خيال سرجي ايندا آهن، تصويري شاعري ۾ انهي ماڻهو جو چهرو نشاني طور يا علامت طور لڳايو اٿم، ماڻهو توهان جو ڄاتل سُڃاتل آهي۔ دوستو توهان جي هن تصويري شاعري تي ڏنل هر را جو شدت سان منتظر رهندس

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    نوجوان پوڙهي جي تصوير ۽ خيال ٻئي سهڻا آهن، هون ته ايئن گهٽ ٿيندو آهي ته ماڻهون پاڻ به سهڻو هجي ۽ سندس خيال به سهڻا هجن، پر اوهانجي سلسلي ۾ رب مڙئي رحم ڪيو آهي جو ٻئي شيون سهڻيون آهن ۔۔۔ اندر به ته ٻاهر به ۔۔۔
    باقي رهيو سماج ۽ سماج جي عڪاسي سا ته اوهان ڪري ڇڏي آهي ۔۔۔ بيشڪ جيتوڻيڪ سڀ ماڻهون اهڙا ناهن هوندا پر چوندا آهن ته پيٽي مان هڪ انب به خراب نڪرندو آهي ته ماڻهون پيٽي کي ئي خراب سمجهندا آهن ۔۔۔
    وري هي به آهي ته؛
    ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه، اچي بو بهار جي۔

    ڪجهه ڏينهن اڳ مون واري مولائڻ به سماجي حالتن جي منظر ڪشي ڪجهه هن طرح ڪئي آهي۔
    ڌرتي امن جي
    نسيم حيدري

    بيواه ٿيون عورتون، يتيم ٿيا ٻار
    ڌرتي امن جي
    ڪاهي آيا ديس تي، ڪاريهر هزار
    ڌرتي امن جي
    نالي جهاد جي الله اڪبر، سسي ڌڙ کان ڌار
    ڌرتي امن جي
    بم ڦاٽو ٿيو روڄ راڙو، وچ بازار
    ڌرتي امن جي
    عبادتگاهون بڻيون مقتل گاهون، مسجد ٿيا مسمار
    ڌرتي امن جي
    وحشت ڇانيل، خوفزده سارو سنسار
    ڌرتي امن جي
    مذهب جي نانوَ تي، آهي سارو تڪرار
    ڌرتي امن جي
    نه خود شناسي، نه خدا شناسي، هر ماڻهون آ بيڪار،
    ڌرتي امن جي
    زندگي فسانو، هر ماڻهون آ ڪهاڻيءَ ڪردار
    ڌرتي امن جي
    لڳي آ ڪجهه هوا اهڙي، ٿيو ماڻهون، ماڻهونءَ مان بيزار
    ڌرتي امن جي
    سچ جي ڳالهه ڪوئي ڪيئن ڪري، مٿان تيغ ترار،
    ڌرتي امن جي
    ماحول دونهاٽيل، هر انسان آ ذهني بيمار،
    ڌرتي امن جي
    ”نسيم“ هر پاسي، انسانيت آ اشڪبار
    ڌرتي امن جي

     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    سائين زبردست خيال ۽ تصورات آهن سماج جي عڪاسي متعلق
    پر وڏڙن چواڻي 5 آنڱريون هڪ جيهون نه هونديون آهن
    توهان پوء يا ته اڪثريت جي ڳاله ڪئي آهي
    جيئن عربي ۾ مثال ڏيندا آهن ته
    للاڪثر حڪم الڪل
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !


    سائين واقعي سماج ۾ اهڙا ڪردار به ضرور آهن پر وري شاه صاحب جو بيت به سامهون رکجي ماڻهون ۔۔۔
    مٿان وري محترمه جيئن منظر ڪشي ڪئي آهي لاهور واري حملي جي تنهن مان محترمه جي گهري سوچ جي عڪاسي ٿئي پئي
    الله توهان سڀن کي خوش رکي
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    سائين تمام خوبصورت شاعري سماٍٍج ۾ اهڙيون ڪيفيتون آهن جو ماڻهو هنن حالتن کان گذري ٿو ته هن صدمن تڪليفن برداشت ڪندي هو همت هاري وهندو آهي پوء چوندو آهي پنهنجي خيال ۾ ته مڙوئي ڪوڙ آهي ليڪن اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾‌ ڪاپڙي سهڻا ماڻهو پيار ونڊڻ وارا ماڻهو قربدار ماڻهو سچار ماڻهو اگرچه انهن جو ريشو گهٽجي ويو آهي ليڪن جهان هلي ٿو ته ضرور ان ۾ مالڪ مٺو ڪنهن سان ته راضي آهي ۔ بهرحال اوهان جي تصوير ته ڦوه جواني ۽ جوڀن جو نظارو ڏيکاري رهي اڃا تائين به توهان جي دل جوان آهي جو اهڙي پختي شاعري ڪري ٿا وڃو الله توهان کي سلامت رکي۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    سائين توهان جي شاعري جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي سائين نثار ابڙو ۽ طاهر صاحب توهان جي شاعري جي باري ۾ ايتري وضاحت ڪري چڪا آهن جو مون فقير جي چوڻ لا۽ ڪجهه ڇڏيو ئي نه اٿن

    سدائين گڏ
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    نه نه فقير سائين هر دوست جي مهڪ ۽ خوشبو الڳ آهي ۽ هر دوست پنهنجي زاويي ۽ نقطه نظر جو به اظهار ڪري سگهي ٿو
    ٿي سگهي ٿو توهان اهڙي زاويي تي پنهنجو رايو ڏيو جتي اسان جو خيال ئي نه ويو هجي
    سدائين گڏ
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    سائين نثار ناز صاحب۔۔۔ هي شاعري منهنجي نظر مان گذريل ڪجهه بهترين شاعرين مان هڪ آهي۔۔ ماڻهن جي باري ۾ ايتري بهترين انداز سان عڪاسي هر صاحبِ قلم جي وس جي ڳالهه نه آهي۔۔ باقي ها ماڻهو واقعي سڀ هڪ جهڙا نه هوندا آهن۔۔۔ a
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    سائين نثار ابڙو صاحب بهتر اهو ٿيندو ته توهان اهڙي بهترين شاعريءَ لاءِ الڳ موٍضوع اسٽارٽ ڪيو ها ته هن تي سٺي نموني سان ڪمينٽس ڏجن۔۔۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    ادا نثار ابڙا ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو روز روزهنجهه ماڻهن جي جڳه تي چُٻون به ڳچي ۾ پئجي وينديون آهن، هي شاعري هنجهه مائنس آهي، چُٻَ پلس آهي، چٻن وچ ۾ ناز جنهنکي هنجهه ته نٿو چئي سگهجي پر اڻپُورو ماڻهو چئي سگهجي ٿو، ننڍي وزن واري شاعري فعلن (2 پلس 2)‌ ٽوٽل چار فعلن ڪتب ۾ آندا اٿم، بحراهو ئي هزج مثمن سالم واري ڪسوٽي استعمال ڪئي اٿم، خيال مون اڳ ۾ ئي چيو هو ته جيڪو اندر ۾ اُها ٿيندو آهي لکي ڇڏيندو آهيان۔ لک لائق جو منهنجي حقير شاعري تي پنهنجا نهايت ئي خوبصورت ويچار ونڊيا باقي اسان جي ڀاڀي ڀيڻ جي شاعري جيڪڏهن علحده اسان سڀني ڀائرن سان ونڊ ڪرين ته تنهنجا انتهائي ٿورا ٿيندا۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    پيارا طاهر سنڌي شاعر هميشهه تصورات ۽ خيالات جي دنيا ۾رهندا آهن، تصور ۽ خيال خوابن جيان هوندا آهن جيڪڏهن خواب ساڀيان ٿيو ته سچو سپنو جيڪڏهن ساڀيان نه ٿيو ته ڪوڙو خواب سڏيو ويندو آهي، اسان شاعر ڀلي ڪنهنجون پنج ئي آڱريون برابر نه به هُجن پنهنجي شيخي بگاڙي پنجن آڱرين کي برابر ڪري به ڏيکاريندا آهيون، پو اهي آڱريون، وڏيون هُجن ، يا آڱوٺا وڏا هُجن لکي ڇڏيندا آهيون، ها هڪڙي ڳالهه سماج واري شاعر لازمي لازمي سماج جو حصو آهي، سو جيڪو سماج ۾ وهندو ۽ واپرندو آهي ان کي ايڪسپوز ڪندو آهي۔ باقي عربي وارو مثال جيڪڏهن ادا سولي سنڌي ۾تفصيل سان سمجهائيندين ته مون اٻالي ۽ ٽي درجي واري شاعر تي تنهنجا لک احسان ۽ ٿورا ٿيندا۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    پيارا رحيم بخش شال ٍجُڙيو هُجين، توهان منهنجي هن حقير ۽ صفا ڪم تر شاعري کي خوبصورت چيو، ادا رحيم بخش صدما به ڪيترن ئي قسمن جا هوندا آهن، ۽ ماڻهو همت هاريندو آهي اهو به مختلف قسم جي تڪليفن سان، هتي ڳالهه ڪوڙن ماڻهن جي ، وحشي درندن جي آهي جيڪي انساني رت سان وهنجي پنهنجيون اکيون پوري پوري سماج کي اهنج ۽ ايذا ڏيندا آهن، هو پيسي جي لا پنهنجو دين ايمان وڪڻي ڇڏيندا آهن، في الحال هن شاعري ۾‌شاعر انهن پيسي جي پُڄارين جي ڳالهه ڪئي آهي، بقول توهان جي جڏهن به شاعر قربدارن جي قرب کي ڏسندو هنجهه ماڻهن جي وفا کي ڏسندو يقين ڄاڻ‌ شاعر ڪنهن کان پٺتي ڪونه رهندو اصل انهن جا قرب ۽ انهن جي وفا جون ڪهاڻيون ضرور منظر تي کڻي ايندو۔ لک لائق سائين۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    جي فقير سائين اسان جي دعائن ۾ تون سدا ياد آهين، دوستن منهنجي شاعري جي باري ۾ وضاحت ڪانه ڪئي آهي پر انهن پنهنجا خوبصورت ڪامينٽس ڏنا آهن، ۽ ڪامينٽس وارا گس ته ايترا وسيع آهن جو مٺا تون پنهنجي آڱرين کي چور ته سهي مون اوڳُڻي کي قسم سان تون ڳُڻ وارو ڪري ڇڏيندين۔ اسان سنڌي ادبي سنگت ۾ جڏهن به پنهنجون لکڻيون ادبي دوستن جي سامهون اصلاحي تنقيد لا پيش ڪندا آهيون ته سمورا دوست پنهنجي پنهنجي وت آهر پنهنجا رايا، پنهنجا مناسب تبصرا، بهترين اصلاحي تنقيدون ڪندا آهن پر آخر ۾ اهو ضرور چوندا آهن ته اميد ته شاعر پنهنجي وضاحت ۾‌ سموري ڳالهين جي ايڪسپلين ضرور ڪندو۔ هتي هڪڙو انگريزي لفظ ايڪسپلين لکي ويو آهيان، شايد ان لفظ جي معنا به وضاحت آهي ، سو مٺا وحيد ڦلپوٽا وضاحت توهان صرف شاعر کان گهرندا ڪريو۔ توهان منهنجي شاعري کي خوبصورت ۽ بهترين چيو توهان جو انتهائي ٿورائتو آهيان۔
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    مست سائين ! مهرباني جو توهان کي منهنجي هي صفا غريباڻي شاعري بهترين شاعرين مان هڪ لڳي، صاحب قلم ! ڪير ! شاعر ؟۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس يار مستن تي ڪهڙيون مياريون، ۔ مست زبردست ! شاعر صرف شاعر هوندا آهن ، ڪي پهرين درجي وارا ! ڪي ٻي درجي وارا! ۽ ڪي اسان جهڙا ٽريڊ مارڪا ٽي درجي وارا،!۔۔۔۔۔۔۔۔ صاحب قلم وارا گس پري پري اسان کان صفا پري آهن دوست۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    سائين سهڻا ناز صاحب
    منهنجو ووٽ توهان لاءِ
     
  16. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    سائين تمام بهترين شاعري آهي.
     
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ناز وري ٿو شور مچائين !

    سائين اسان جي محفل ۾ سڀنيءَ‌کان بهترين صاحب قلم ٻئي نثار آهن۔۔۔۔ سائين نثار ابڙو جن نثر جي ميدان ۾ وقت به وقت بهترين ڳالهيون ونڊيندا رهن ٿا ۽ ٻئي پاسي اوهين پنهنجي نئين نڪور شاعري جيڪا اڄوڪي ماحول ۽ زماني جي حالات جي ترجماني پڻ ڪندي نظر اچي ٿي، ونڊيندي هن اڱڻ کي نئين رنگن سان مهڪايو ٿا۔۔ سدائين آباد رهو۔۔۔۔ اسان جي نظر ۾ ته توهان پهرئين درجي جي شاعرن ۾ پنهنجو مقام ڪڏوڪو بڻائي چڪا آهيو۔۔ باقي توهان جي مرضي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو