فون ۾ محفوظ نمبر نئين فون ۾ ٽرانسفر ڪريو

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2015۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم سنڌسلامت ساٿيو!
    اميد ته ٺيڪ ٺاڪ هوندا. :)

    [​IMG]

    نئون فون خريد ڪرڻ کان پو سڀ کان وڏو مسئلو هوندو آهي رابطه نمبرن کي منتقل ڪرڻ جو. يعني پراڻي فون ۾ محفوظ ڪانٽيڪٽ نمبرن کي نئين فون ۾ محفوظ ڪرڻ انتهائي وڏو مسئلو بڻجي وڃي ٿوجڏهن پليٽ فارم بدلجي وڃي. يعني جيڪڏهن توهان پهرين اينڊرائيڊ فون استعمال ڪندا هجو ۽ هاڻ آئي فون وٺي چڪا آهيو ته اينڊرائيڊ مان آئي فون تي سڀ نمبر آڻڻ آسان ناهي. ان حوالي سان کوڙ سارا حل توهان انٽرنيٽ تي ڏٺا هوندا ۽ ماهرن کان ٻُڌا به هوندا پر يقين ڪريو ته ”فون سويپر“ کان وڌيڪ ئي ڪو شايد حل هُجي.

    فون سويپر ايپليڪيشن بلڪل مفت موجود آهي. هي خاص طور تي اينڊرائيڊ، آئي فون ۽ ونڊوز فون يعني ٽنهي وڏن پليٽ فارمز لا موجود آهي، هن جي لا توهان وٽ اينڊرائيڊ جي گهٽ ۾ گهٽ 2.3.3 ورجن، آئي.او.ايس تي 5.0 جڏهن ته ونڊوز جو ورجن 8 گهرجي. هي ايپليڪيشن استعمال ڪرڻ ائين آهي جيئن هڪ ٻه ٽي چوڻ. :) ايپليڪيشن انسٽال ڪرڻ کان پو هلائيندا ته توهان کي ٻه آپشنز ملندا.

    1: Send Contacts to Cloud
    2: Get Contacts from Cloud

    [​IMG]

    تمام آسان آهي ته جيڪڏهن توهان کي رابطه نمبر ڪٿي منتقل ڪرڻا هُجن ته پهرين فون سويپر جي سرور تي اپلوڊ ڪرڻا هوندا، ان لا پهريون آپشن استعمال ڪرڻو پوندو، جڏهن اپلوڊ ڪيل ڪانٽيڪٽس فون ۾ ڊائونلوڊ ڪرڻا آهن ته ٻيون آپشن استعمال ڪرڻو پوندو.

    [​IMG]

    وڏي ڳالهه هي آهي ته ڪانٽيڪٽس ٻه ٻه ڀيرا محفوظ نٿا ٿين، بلڪه هڪ ئي ڪانٽيڪٽ جيڪڏهن ٻه ڀيرا موجود هوندو ته هڪ کي ختم ڪيو ويندو. فرض ڪريو جيڪڏهن توهان اينڊرائيڊ مان آئي.او.ايس تي منتقل ٿي رهيا آهيو ته پهرين توهان کي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن کي اينڊرائيڊ سيٽ تي انسٽال ڪري ڪانٽيڪٽس ڪلائوڊ تي اپلوڊ ڪريو، جيئن ئي اپلوڊنگ مڪمل ٿي ويندوي ته توهان کي هڪ پِن PINڪوڊ ڏنو ويندو، ٻئي فون تي ڪانٽيڪٽس ڊائونلوڊ ڪرڻ لا توهان وٽ اهو پِن ڪوڊ هُجڻ لازمي آهي، ٻئي فون تي هي ايپليڪيشن انسٽال ڪريو ۽ Get Contacts تي ڪلڪ ڪريو. پِن پڇيو ويندو، جيئن ئي توهان دُرست پِن شامل ڪندؤ ته سڀئي ڪانٽيڪٽس ڊائونلوڊ ٿيڻ شروع ٿي ويندا.

    [​IMG]
    يقياََ توهان سوچي رهيا هوندا ته اِن ڳالهه جي ڪهڙي گارنٽي آهي ته توهان جا ڪانٽيڪٽس ڪٿي غلط ته استعمال نٿا ٿين؟ ته توهان کي ٻڌائيندو هلان ته هي ايپليڪيشن توهان جي سڀني نمبرن کي پنهنجي سرور تي محفوظ رکي ٿي، اهو به صرف 7 ڏينهن جي لا. ستن ڏينهن کان پو سمورو ڊيٽا ختم ڪيو وڃي ٿو. يعني نمبرز اپلوڊ ڪرڻ کان پو ستن ڏينهن جي اندر اندر ان کي ڊائونلوڊ ڪرڻو پوندو نه ته ٻيهر اپلوڊ ڪرڻ جي ضرورت پوندي.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سرڪار سٺي ونڊ پر پاڻ سڀ ڪانٽيڪٽ نمبر سم ۾ سيو رکون ان ڪري گھڻي پريشاني تڏھن ٿيندي آھي جڏھن سيٽ چوري ٿي ويندو آھي، ان جو به حل ٻڌايو ته جيڪڏھن فون چوري ٿي وڃي ته ڪانٽيڪٽ نمبر ڪٿان آڻيون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ۽ بهترين حل

    پاڻ وٽ 1896 نمبر آهن، جيڪي سم ۾ اچڻ ڏکيو ڪم آهي. اينڊرائڊ ۾ ته گوگل ڪانٽيڪٽس ۾ محفوظ رهن ٿا ۽ سولائي سان سينڪرونائز به ٿين. پر ونڊوز يا آء فون تي منتقلي ڏکيو ڪم هو.
    هاڻ بلڪل آساني ٿي وئي.

    لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    توهان جي سوال جو جواب سليمان سائين جي مٿين جواب ۾ آهي.. :)
    اگر سمجهه ۾ اچي ته ٺيڪ نه ته الڳ موضوع ان لا به جوڙبو. :)

    ان لا ڪانٽيڪٽ محفوظ ڪرڻ کان ان جي سيٽنگ آٽو رکي ڇڏجي تاڪه جيڪو به ڪانٽيڪٽ محفوظ ڪجي ته اهو آٽو سينڪرونائز ٿي وڃي :)
    ان کان پو هر هفتي چيڪ به ڪندا ڪريو ته ڇا واقعي به گوگل ۾ اُهي ڪانٽڪيٽس محفوظ آهن يا نه !
    اگر چيڪ نه ڪندا ته ڇا حال ٿيندو اُهو توهان سائين ذيشان رشيد کان پُڇي سگهو ٿا :) :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا عبيدالله.... فون سويپر فري سافٽ ويئر نه آهي....:(o_O
    ڪانٽيڪٽ اپ لوڊ ٿيڻ کان پوء ٻئي سيٽ تي ڪانٽيڪٽ ڊائون لوڊ ڪرڻ لاء رقم جو هجڻ ضروري آهي..

    هڪ ٻيو آسان ترين سافٽ ويئر پلي اسٽور تي موجود آهي. جنهن جي مدد سان سڀ ڪانٽيڪٽ نمبر هميشه لاء محفوظ ڪري سگهجن ٿا.


    [​IMG]

    هيٺين تصويرن جي مدد سان هي سافٽ ويئر آساني سان سمجهي سگهجي ٿو.


    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 فيبروري 2016
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو