عامر پنھنجي والدين جو دادلو پٽ ھو ، ڇو ته سڀ کان ننڍو ھو ، ان ڪري سڀ ھن سان پيار ڪندا ھئا ، ۽ ھي به ڏاڍو شرارتي ، ڏاھو، ھر ڳالھه کي سوچڻ وارو ھو ، سو ننڍي کان ئي ھن جي من ۾ عجيب سوال پئدا ٿيندا ھئا ، جن جي ڳولا ۾ ڪڏھن ڪڏھن ھي پنھنجي ذات مان نڪري ويندو ھو ۽ غلط حرڪتون ڪندو ھو جنھن تي سندس والد ناراض به ٿيندو ھو ، ۽ ھي پنھنجي ڳالھه پنھنجي والدين کي سمجھائي نه سگھندو ھو ،، ۽ سوال ھن جي اندر ۾ اڌورو رھجي ويندا ھئا ،، اھڙي طرح ھي اچي جواني کي پھتو جيڪا تلاش ننڍي کان ھن جي من ۾ ھوندي ھئي اھا ڄڻ اڄ تائين اڌوري ھئي، ۽ ان آنڌ مانڌ ۾ رھندي اچي زندگيءَ جي ان حصي ۾ پھتو جتي عقل ھوش ڪم ڪرڻ ڇڏي ويندا آھن ۽ ماڻھو دنيا جي رنگ رلين ۾ پنھنجي خيالي دنيا ٺاھڻ شروع ڪندو آھي ، پر ھي عجيب نوجوان ھو جيڪو سڄو ڏينھن اڪيلو الائي ڪھڙن سوچن ۾ گم رھندو ھو ،۽ جڏھن دوست ھن کان ان حالت جو سبب پڇندا ھئا ته کين کلند جواب ڏيندو ھو ته ،،،، اسان جي دنيا ٻي آھي يار،،، اھا مونکي به خبر ناھي ،،، ۽ دوست ھن کي چريو چئي ھليا ويندا ھئا ،،، ۽ ھي کلندو رھندو ھو ،،،، زندگي پنھنجي تيز رفتار سان ھلندي رھي ،، ھرڪو پنھنجي ڌن ۾ ھو،، اچانڪ عامر جي زندگي ۾ ھڪ وڏو طوفان اچي ويو جنھن ھن جو ڪک پن ڌار ڌار ڪري ڇڏيو ،، اچانڪ ھن جي دنيا بدلجي ويئي ، ٿيو ائين جو ھن جو وڏو ڀاءُ اچانڪ ھڪ ڀيانڪ بيماري جو شڪارٿيو ۽ چاليھن ڏينھن ۾ ھن فاني جھان مان ڪُوچ ڪري ويو ،، ۽ ھي ڄڻ ته اڪيلو ٿي پيو جيئن ڪنھن اڏندڙ پکيءَ جا ڪو پر ڪٽي ڇڏي ۽ پکي ويچارو ٿي ڪنھن ڀت تي ويھي ھيڏي ھوڏي ڏسندو ھجي ،، ۽ اڏامي نه سگھندو ھجي ،،، توڙي جي ھن کي ھر شيءَ جو سک معصر ھو پوءِ به ھي دنيا ھن لاءِ ويڳاڻي ٿي پئي،، آخر ماءُ شادي لاءِ چيو جنھن تي عامر راضي ٿيو ، ۽ خير سان شادي به ٿي پوءِ به ھن جي اندر جي ڳولا نه ويئي جيتوڻيڪ ڪنوار سھڻي سدا ملوڪ ھئي ،،ماءُ جي دل ھئي جيڪا ھن کي اداس ڏسي جھري پوندي ھئي،، ۽ سوچن ۽ وھمن کان پريشان ٿي ڀوپن ۽ تعويز ڌاڳن وارن ڏانھن ڊوڙڻ لڳي ،، ۽ پاڻ ڦرائي ڪيائين چٽ ،،، پر عامر ساڳي اداسي ۽ سوچ ۾ گم ٿيندو ويو ،، ان وچ ۾ سندس والد صاحب خدا جي رستي تي ھلي پيو ،گھر ۾ وڃي پئي ويراني وڌندي ،، ان وچ ۾ ھن کي نوڪري ملي ويئي ۽ ھي ڪراچي ھليو آيو جيئن ته نئي نوڪري ھئي ۽ ماءُ عِدد ۾ ويٺل ھئي ۽ نئي زال جو به الڪو ھوس ان ڪري ھر ھفتي ڳوٺ ايندو ھو جو سندس گھرواري به ڳوٺ رھندي ھئس ،،نيٺ ماءُ به عِدد مان نڪتي ھفته کان پوءِ اھا به خدا ڏي رواني ٿي ،،،۽ ھي گھرواري کي وٺي اچي ڪراچي رھڻ لڳو ، ۽ ھن کي ھڪ نياڻي خدا وند عظيم عطا ڪئي جيڪا بلڪل ھُوبه ھُو سندس جي شڪل تي ھئي جنھن سان ھن کي تمام گھڻو پيار ڪندو ھو آخر ھن جي اندر جي بي تابي نروار ٿي پئي جو ھي ھڪ درگاھه تان ٿي آيو جتان ھن کي ذڪرِ خدا به مليو ۽ ھي اتان جو مريد ٿي آيو ،، ھاڻ ھن جي دل ۾ تنھا رھڻ جي اڻ تڻ ٿيڻ لڳي پر جيئن ته نياڻي ننڍڙي ھئي تنھن کي نظر ثاني جي ضرورت ھئي،،، ان آسري ۾ اچي خير سان نياڻي به جوان ٿي ۽ تعليم به سندس حال آھر پوري ڪيائين ، ھاڻ ھن گھرواري کي سڄي ڳالھه ٻڌائي الف کان ي تائين ، ۽ چيائين ته ھاڻ توھان کي ھر شيءَ خدا جي حڪم سان موجود آھي ھاڻ اسان کي دل جو قرار وٺڻو آ ۽ اسان پنھنجي مرشد جي درگاھه تي وڃي رھنداسي ،، جنھن تي گھرواريءَ به کيس ساڻ وڃڻ کا چيو جنھن تي عامر بسم اللھ چيو ،، ۽ وڃي مرشد جي درگاھه تي ھڪ ڪنڊ ۾ مَنَھن ۾ رھڻ لڳا جتي ڪيترائي ٻيا فقير به رھندا ھئا ، ھن جي گھرواري ھڪ سٺي گھر جي ھئي ان ڪري سونھن ۽فضيلت به کيس تھڙي ھئي ان ڪري مرشد فرمايو ته تون پنھنجي گھرواري کي اسان جي حويلي ۾ رھاءِ ڇو ته ھتي بي پردگي ٿي ٿئي ۽ تون اسان جو پيارو مريد آھين ان سان گڏ خانداني ماڻھو آھين اسان کي تڪليف ٿي ٿئي تنھنجي گھر واري کي ائين بي پناھه ڏسي ،، حڪم موجب گھرواري کيعامر حويلي روانو ڪيو ،، ھن جي گھرواري روز ٽي وقت ماني کڻي ايندي ھئي ،،عامر ته پنھنجي مستيءَ ۾ مست ھو ھن کي مانيءَ جي ڪھڙي خبر ،، بس زال جو دل چوندو ھو مڙس سان ملڻ لاءِ، ان ڪري ماني جو بھانو ڪري ايندي ھئي ، ھن کي ڏسڻ ته ڪھڙن حالن ۾ آھي ،،،،، مرشد جو پٽ به ڳڀرو جوان ھو جيڪو ھن جي زال تي موھجي پيو ،، ۽ ھڪ ڏينھن وجھه وٺي کيس زير ڪري وڌائين ۽ عورت به آخر سري پئي ،، آخر ٻنھي جي ملڻ جو سلسلو شروع ٿيو ، ۽ ڳالھه حويليءَ ۾ ھوا جيان ھلي ويئي اھو انجام،، ھڪ ڏينھن عامر جي گھرواري واري ماني کڻي آئي عامر سندس جي اکين سان اکيون ملايون ۽ جوڻھس نظرون چورائڻ لڳي ،، عامر زال جي حالت ڏسي سمجھي ويو ،، ۽ زال کي چيائين ته مان ان ڏينھن جي انتظار ۾ آھيان جنھن ڏينھن تون مونکا ڪنھن شيءَ جي طلب ڪندي ءَ ،،،تو ن ھاڻي وڃي سگھين ٿي ۽ ٻيھر مونڏي ماني کڻي اچڻ جي ضرورت ڪونھي ۽ ھن وقت تائين تون مون ڏانھن جيڪا ماني کڻي ايندي رھي آن اھا ساري جو ساري سامھون ٻوڙي ۾ رکيل اٿي اھا به کنيون وڃ،،،اھو ٻڌي عامر جي زال جا ٻارھن ئي وڄي ويا ،، آخر نتيجو اھو نڪتو جو مرشد جي پٽ پنھنجي پيءُ کي چيو ته ته ھُو عامر جي زال سان شادي ڪرڻ ٿو چاھي ،، مرشد عامر کي گھرائي چيو ته بابا اسان جي منشا آھي ته تون پنھنجي گھر واريءَ کي طلاق ڏي ،، ڇو ته ھاڻي تون فقير ٿي چڪو آن ۽ تنھنجي زال انسان آ،، ان جون به ڪجھه ضرورتون آھن،، جنھن عامر پنھنجي مرشد کي چيو ته ان جواب آءُ سڀاڻي توھان کي ڏيندس ،،، عامر جي زال ۽ مرشد جو پٽ ھميشه وانگر رات جو مليا ۽ عامر جي زال مرشد جي وٽ کي عامر جي سمجھڻ واري ڳالھه ٻڌائي ،، جنھن تي مرشد جي پٽ ۽ عامر جي زال عامر کي زھر ڏيڻ جو پروگرام ٺاھيو،، عامر جي زال ٻڏ تر ۾ ھي ته مڙس ڇڏيان يا ائين حويليءَ جي نوڪري ڪريان ،،،ٻي ڏينھن حويليءَ جي ھڪ نوڪرياڻي ماني عامر ڏي کڻي ويئي ۽ عامر مٿان چادر پاتيون سمھيو پيو ھيو ، ۽ اللھ ھُو جي ذڪر جو آواز اچي رھيو ھو ،، نوڪرياڻي عامر کي سڏ ڪيا پر عامر ساڳي حالت ۾ ستو رھيو ۽ ذڪر جاري ھلندو رھيو ،، اھا معجره نوڪرياڻي وڃي مرشد سان بيان ڪئي ،، ۽ مرشد اچي عامر جي مٿان چادر لاٿي ته عامر ھن فاني جھان مان ڪُوچ ڪري چڪو ھو ..........