• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عبد الغفار تبسم ساوڻ آيو ساجن سائين ! موٽي آ تون ماڳن تي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

غزل

عبد الغفار تبسم

ساوڻ آيو ساجن سائين ! موٽي آ تون ماڳن تي
ڇانوِر وانگر ڇانيل آهين، خوابن خيالن تي

ڪارن ڪارن ڪڪرن وانگر رِم جهم رِم جهم نيڻ هي منهنجا
بَرسي پوندا چُپ ڪيئن رهندا ! ايڏن گهاون تي

ماڻهو پُڇندا آهن مونکان مُنهنجو جيون ڪيئن ٿو گذري
روئي ويهندو آهيان سائين اهڙن سوالن تي

چرين وانگر پنهنجي ليکي هيڏي هوڏي ڦِرندو آهيان
ڇِرڪي ڇِرڪي پوندو آهيان پنهنجي پاڇولن تي


jn8zWFi.jpg




هي غزل منظور سخيراڻي جي آواز ۾ ٻڌڻ لاءِ هي فيسبوڪ لنڪ





 
چرين وانگر پنهنجي ليکي هيڏي هوڏي ڦِرندو آهيان
ڇِرڪي ڇِرڪي پوندو آهيان پنهنجي پاڇولن تي


سائين تمام بھترين چونڊ ڊزائين
 
Back
Top