روشنين ۾ انڌيرا ۽ انڌيرن ۾ روشني مون ڏٺي جڏھن اھڙي رهي منهجي زندگي. ساه ته هيو سرير ۾ پر چاهتن کان دور هيس زنده رهيس مقصد بنا بيوسي ڇانيل رهي ۽ بيرخي جي ور چڙھيس منهجي امان روئندي رهي مارو ڏٺم سي بک تي او سنڌ امان ما ڇا ڪيان تو سوا ما ڪيئن رهيس لڇندو رهيس پڇندو رهيس پر وار پنهجن ٿي ڪيا ڌار به پنهجا ٿئي ٿيا نه نظم رهيو نه ضبط جو ڪمال ڪو درد بنجي ويو حسن ۽ بيڪفن هو لاش پيو ڪهڙي چوان هي زندگي روشنين ۾ انڌيرا انڌيرن ۾ روشني