سنڌ مقدس عقيدو ۽ ايمان آ سنڌ گيتا انجيل ۽ قرآن آ سنڌ جيئري مئي آ اجهو ۽ امن پاڻ کي هاڻي آزاد گهرجي وطن سنڌ سلامت جي اڱڻ تي يوسف کوهارو پاران سڄي سنگت کي جيئي سنڌ ۽ حق موجود!
جواب: تعارف پيارا دوست، سهڻا سائين، دل جا دلبر هم وطني يوسف کوهارا ۔۔۔ سدا جيئي سنڌ ۽ سدا موجود، اسين پنهنجي دل جي گهراين سان تو جهڙي سڄڻ دوست جي آجيان ڪريون ٿا ۔۔۔ اوهين سنڌ سلامت جي هن سنڌ دوست اوطاق تي اچي اسان دوستن جو مان وڌايو آهي، هن اڱڻ جي سڀني دوستن جو نعرو آهي سنڌ سلامت ساٿ سلامت، مطلب جي سنڌ آهي ته اسين به آهيون، اسانجي ٻولي به آهي، کوهارو به آهي ته ابڙو به آهي ۔۔۔ اميد ڪريونٿا ته اوهانجو اچڻ اسانجي اوطاق تي سنڌي ٻولي جي خدمت واري جذبي جي واڌ ۾ اهم ثابت ٿيندو ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۽ اميد آهي ته ڀيرو نه ڀڃندا ۔۔۔ سائين سدائين ڪرين، مٿي سنــڌ سڪار، دوست، مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين۔
جواب: تعارف ادا يوسف کوهارو، توهان کي هي ناچيز خوش آمديد ٿو چئي، توهان جي تحرير مان لڳي ٿو ته توهان کي شاعري سان سهڻي سنڌ جي لاءِ شوق آهي۔