ناٽڪ ”مون وَرُ تونهين تون“ لکڻ جا اهم مقصد

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Kashif ahmed طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2010۔

  1. Kashif ahmed

    Kashif ahmed
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2010
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ناٽڪ ”مون وَرُ تونهين تون“ لکڻ جا اهم مقصد

    ۱. عنوان مطابق هن ناٽڪ ذريعي هيڪڙائي/ وحدانيت واري نڪتي کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ورتي وئي آهي. ڪوبه انسان ٻانهپ/ رياضت ذريعي پنهنجي وجود کي جڏهن ان واحد جي وجود ۾ گم ڪري ٿو ته پوءِ اهو هڪ وجود ئي رهي ٿو ۽ اهوئي رهي ٿو. جنهن کي بقا ئي بقا آهي. انسان جڏهن پنهنجي ’مان‘ کي ختم ڪري ٿو، تڏهن ئي واحد جو وصال پلئه پوي ٿو.اهڙي نڪتي کي سولو ڪرڻ جو سعيو ڪيو ويو آهي.جيئن ليلان جي زباني:
    ” مون ڪوڙا محل ترڪ ڪري، مَن ۾ محل بڻايو آهي، جنهن ۾ چنيسر ۽ مان لام ڪينچيءَ (ɣ) جيان هڪ لڳا پيا آهيون“ اهڙو اظهار شاهه لطيفؒ ئي ڪيو آهي ته:
    ڪاتب لکي جيئن، لايو لام الف سين،
    اسان ســــڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
    ۲. هن ناٽڪ ۾ ان نڪتي رکڻ جي به ڪئي وئي آهي ته جيڪي انسان پنهنجي نفسياتي خواهش پويان ڊوڙڻ ترڪ ڪن ٿا ۽ پنهنجي اندر مان غير گمان ڪڍي ڇڏن ٿا ته پوءِ اهڙن سالڪن کي ليلان جي چواڻي اها تسلي حاصل ٿيندي ته ” هينئر منهنجي اندر ۾ ڪوبه ڀؤ ڀولو ناهي ۽ نه وري ڪا اُڻ تڻ يا ڳڻتي ڳاراڻو.“ اهڙن سالڪن لاءِ ارشاد رباني آهي:
    ”لا خوف عليهم ولا هم يحزنون .“
    ۳. لطيف سائينءَ جي هڪ سٽ آهي ته:
    ” سوکو هوندو سو، جنهن عشق الله سين.“
    يعني: جنهن جو ربّ تنهنجو سڀ. الله انسان جي نياز نوڙت ۽ نهٺائي کي دل سان لائيندو آهي، ۽ اهو ئي گھرندو آهي ته ” توهان منهنجي تارَ ۾ هجو ته مان توهان جي نگهباني ڪريان، جيئن ارشاد ڌڻي سڳورو آهي ته ” فَاذ ڪُرونِي اَذڪُرڪُم.“ پر جڏهن انسان اهڙي دعوى ڪندي به ڪنهن فاني ۽ بي بقا شيءِ تي هرکجي ان سان لنؤ لڳائي وهي ٿو ته ان ٻيائيءَ واري عمل ته الله کي پڻ جلال ۽ غيرت اچي ٿي؛ پوءِ جيڪڏهن انسان ان چُڪ تي شڪي ٿي ۽ پنهنجي نفس کي هيڙو هيڙو ڪري، پنهنجي اندران حرص هوس ڪڍي ڌڻيءَ در توبهه گيسي ڪري ٿو ته يقيناً مالڪ جي مَرَهه ۽ مهر پلئه پوي ٿي. هن ناٽڪ جي مرڪزيت ان نڪتي تي رکي وئي آهي.


    مددي ڪتاب:

    ۱. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر _ مشهور سنڌي قصا: عشقيه داستان _۳ ليلان چنيسر _ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو _ ۱۹۷۱ع
    ۲. گربخشاڻي هوتچند ڊاڪٽر _ روح رهاڻ: ليلان چنيسر _ مڪتبه برهان ڪراچي _ ۱۹۳۳ع
    ۳. ڀمڀاڻي نارائڻداس پروفيسر _ شاهه جون سورميون _ مڪتبه اسحاقيه ڪراچي _ ۱۹۴۴ع
    ۴. گربخشاڻي هوتچند ڊاڪٽر _ شاهه جو رسالو _ سر ليلا چنيسر _ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو _ ۱۹۳۳ع






    موُن وَرُ توُنهِين توُن.

    وقت: سومرا دؤر
    ڪردار: هنڌ: بادشاهي ڪوٽ/ محل
    چنيسر: سنان الدين داسڙو _ لـِﻫور ڪوٽ جو بادشاهه _ لِيلان جو مڙس.
    ليلان: چنيسر جي سؤٽ ۽ پَٽَ راڻي.
    ڪونئرو: سالار قوم جي راڻِي، کنگھار جي ڌيءُ _ ڪڇ جي شهزادي، ڪاپائتي روپ ۾ _ ليلان جي پـﻫـاڄَ.
    مُرکي: راڻي کنگھار جي زال _ ڪونئرو جي ماءُ _ ڪاپائتي روپ ۾.
    سخيِرو: چنيسر جي حويليءَ جو خاص درواڻ.

    ڏيک پـﻫـريون:

    (بادشاهي محل ۾ ليلان هار سينگار ڪيون ويٺي آهي ۽ پويان ٻانهي بيٺي جھَلي هلائي ٿي . ٻه ٻانهيون سندس پيرن کان ويٺيون آهن، هي بيت ٻُري ٿو.)
    سڀــــــــئي سهاڳــــــڻيون ، سڀن ڳچـــــــــيءَ هار،
    پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، سهسين ڪن سينگار،
    ڍول تنـين جي ڍار، هيٺاهـــــيون هــــــلن جــــي.
    (اچانڪ سخيرو سامهون اچي ٿو.)
    سخِيرو: (جھڪندي) سانئڻ جي سِر بخت جو خيرُ!
    ليلان: سخوُ، چَئه! ڪو سائينجن جو سنيهو؟
    سخيرو: نه سانئڻ، سائينجن کي الله سلامت رکي، اوهان سان آباد رکي _ اهو پنهنجو، ٻه هڪڙيون ڪاپائتيون اوهانجي آڏو عرض رکڻ لئه منٿون پيون ٿيون ڪن، موڪليانِ! ويچاريون پيٽ گذر لئه آيون آهن.
    ليلان: مُنجيِنِ.
    (ڪونئرو ۽ ماڻهس مُرکِي اندر اچن ٿيون. مُرکِيءَ جو مُنهن کليل آهي ۽ ڪونئرو جي صرف هڪ اک ظاهر آهي. ليلان ٻنهي کي ڏسي دهلجي وڃي ٿي ۽ خيالن ۾ سوچي ٿي.)
    ليلان: (خيالن ۾ مرکِيءَ کي ڏسي ويچاري ٿي.) مار، هيءَ ته سونهن سوڀيا ۾ منهنجي جوڙ جي پئي لڳي! چنيسر جي ڏسندُنِ ته منهنجو محل ۾ مرڻ به محال ٿي ويندو. (وري ڪونئرو جي اک تي نظر پويس ٿي.) بَلي، هيءَ اک جي ڄام چنيسر ڏٺي ته ليلان ! تون ڪوٽ ۾ ئي نه هوندينءَ.
    (ليلان سخيري کي رڙ ڪري باهه وچان کيس دڙڪا ڏئِي چوي ٿي: )
    ليلان: اڙي بد وقوف ڇسا، توکي ڪنهن چيو ته هنن کي اندر وٺي اچ، هاڻي جو هاڻي تڪڙو تَڙِينِ، نه ته ڪتن سان گڏ کارائينديسانءِ .
    سخيرو: جِي سانئڻ! (ڪونئرو ۽ ماڻهس کي) اَئي هلو نڀاڳيون ٻيو ڪو ملڪ ڪونهيوَ، جو هتي اچي ٿيون ديرو دمايو. هلو هلو، خير هجيوَ.
    (انهن ڌڪن ڌوڻن ۾ مُرکي سُٽ جي ڦوري ڪيرائي ٿي. درواڻ واپسيءَ تي اها ڦورِي ليلان وٽ کڻي اچي ٿو.)
    سخيرو: سانئڻ، بي خياليءَ ۾ ڏاڍ ٿي ويو، هيءَ سُٽ جي ڦورِي ته ڏسُو، ڪيئن نه سنهو ڪتيو اٿن، ڪنهن موهه ڀري نويليءَ جي وارن جي لاسَ به هن ڦوريءَ سان نه پُڄي. بروبر، مايون سگھڙ آهن، اوهان کين وارو ئي نه ڏنو، بي مانو ڪري ڪڍيو.
    (سُٽ جي ڦوري ڏسي ليلان به موهت ٿي پوي ٿي ۽ درواڻ کي چوي ٿي.)
    ليلان: واقعي، ڪتڻ جون وينجھر آهن، ڀڄ…وڃي ڳولهي وٺي اچين.


    ڏيک ٻيو:

    (ڪونئرو ۽ ماڻهس _مُرکي هڪ وڻ هيٺان نااميد ٿيون روئڻهارڪيون ٿيون بيٺيون آهن ۽ راڄ جا ماڻهو کين عجيب نظرن سان ڏسن ٿا پيا، ايتري ۾ سخيرو وٽن اچي ٿو.)
    سخيرو: مائيون، اهو رُئڻ مِسڪڻ بند ڪريو، سجايو سانگ سڻائو ٿيو اَٿوَ، اوهان کي سانئڻ سڏايو آهي. جھٽ ڪريو، اهي بِنڊُون هَڙون کڻو مٿي تي!
    ڪونئرو: ادا، وري به اسانکي ڌڪن ٿيلهن ڏيارڻ لاءِ آيو آهين.
    سخيرو: اوهانجو ڪتيل سُٽ، سانئڻ کي ڏيکاريم، وه واهه ۾ وٺجي وئي.
    مُرکي: (مام سان مرڪندي) تو وٽ اسانجو سُٽُ آيو ڪيئن؟ اسان ته اهڙو ڪوبه ڏيک ڪونه ڪيو.
    سخِيرو: ڇڏ مائي! اسان به چڱن ڀلن جا هٿ ڌورايون ويٺا آهيون. اهڙا انگ وَنگ اسان به ڄاڻون.

    ڏيک ٽيون:

    (درواڻ اڳيان پويان ٻئي، اچي ليلان جي روبرو محل ۾ حاضر ٿين ٿيون.)
    ليلان: ڀلي آيئو، جي آيئو! مونکي توهانجي هٿن هٿيڪو ڪيو آهي، مان توهانجي هنر کان راضي پاضي آهيان، پر چاهيان ٿي ته پهرين ڀتار جي پڳ ٺاهيو.
    مُرکي: (ڪونئرو ڏانهن مخاطب ٿيندي) واڌايون هُجنَئي ڇوڪَرِ! پورهئي جي آس رکي آياسين، ۽ اٿندي ئي بادشاهي پڳ ملي آهي.
    ليلان: ڀلا، ڪيترو مدو لڳَندوَ، مونکي به سگھوئي راءُ ريجھائڻو آهي.
    مُرکي: سانئڻ، ڇماهي ته لڳي ويندي.
    ليلان: ڇو ڇماهي؟ ڪا اٺ جي جھُل ته ڪانهي ٺهرائڻي!
    مرکي: سانئڻ، اٺين ڏينهن مس ٻه ڦوريون سٽَ جون لهن ٿيون، سنهي ڪَتَ ڏکيو پورهيو آهي.
    ليلان: چڱو ٺيڪ آهي، آهيو ڪِٿئون جون، رهندؤ ڪٿي؟
    مُرکي: سانئڻ، اسين ڪڇ جي راءِ کنگهار جي تَر جون آهيون، اُتِ قدر نه ڄاڻندي، قدر وَندن جي ديس ۾ آيون آهيون. باقي رهڻ لاءِ اوهان وٽ جاين جو ڪو ڪال! مڙئي ڪنڊ پاسي ۾ گذاري وينديوسين.
    ليلان: چڱو، توهان ٻاهر ٿي وهو، توهان جو بلو ڪيون ٿا.
    (هو ٻئي ٻاهر وهن ٿيون، ليلان درواڻ کي سڏي ٿي.)
    ليلان: سَخُو، هنن کي ڪهڙي ڪنڊ ۾ رکجي جو چنيسر راوَ جي نظر نه پوين.
    سخيرو: سانئڻ، طنبيلي ۾ سائِيس جي ڀَر وارو گھر ڪنڊائتو آهي _ وري به جيئن حڪم ٿئي.
    ليلان: چڱو، ٺيڪ آهي.
    (درواڻ، هنن ٻنهي کي ان جڳهه ۾ وٺي وڃي ٿو، ۽ ٻئي جڳهه ۾ رهندي ڪم شروع ڪري ڏين ٿيون. ليلان پنهنجين ٻن ٻانهين سان چڪر تي وڃي ٿي.)

    ڏيک چوٿون:

    (پوري ساري جڳهه ۾ ڪونئرو ۽ ماڻهس رهن ٿيون، اچانڪ ليلان داخل ٿئي ٿي.)
    مُرکي: (ڪم ڪار ڇڏي پيرين اگھاڙي آجيان ڪندي) سانئڻ، اوهان پاڻ اچڻ جي تڪليف ڪئي، اسان لاءِ حڪم ٿئي ها! (ڪونئرو منهن ڍَڪي ڇڏي ٿي.)
    ليلان: بس، اسان به گھمڻ آياسين ۽ اوهانجو حال احوال لهڻ آياسين، جيسين اوهان جا پير ڄمن، ٻيو ته مونکي به ڀتار اڳيان سوکڙي رکي سرهائيءَ جي سارَ آهي.
    ڪونئرو: (ڍڪيل منهن سان) سانئڻ اسين پورهئي ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي آهي _ اهو ڏهاڙو پري ڪونهي، جو سڀن جون آسون اميدون پوريون ٿينديون.
    ليلان: (ڇرڪندي) توهان جون وري آسون اميدون ڪهڙيون؟
    ڪونئرو: اسانکي پورهئي جو دل گھريو اجر ملندو ته اسانجي ته دل وڌي ويندي نه!
    ليلان: ها ها، بلڪل اوهانجو قدر ٿيندو.
    (ليلان، ڪونئرو جو منهن ڏسڻ لاءِ وس ڪري ٿي، پر هوءَ به پاڻ ڏيکارڻ کان پرهيز ڪري ٿي، ۽ ليلان دل ۾ ڪجھ سوچي ٿي.)
    ليلان: (خيالن ۾) هي ڪهڙي کيت جون موليون آهن، پورهيو ته ڪن ٿيون، پر پورهيت لڳن ڪونه ٿيون، هيءَ ڇوڪرِ ته منهن ئي ڪانه ٿي پوي، جيڪا منهن پوي ٿي سا به ڪنهن شاهي گھراڻي جي عورتن کان گھٽ ڪانهي. ڪٿي ڌوتيون بڻجي محل جا راز ته لهڻ ڪونه آيون آهن. جي ائين آهي، ۽ ڀتار کي پتو پيو، ته پوءِ وڻَ وڄي ويندا. پر خير، پوءِ به جهڙوڪر ٻانهيون آهن، هنن جي ڇا مجال جو ويهي ڇيڻا ڀور ڪن.
    ليلان: (ٻانهين کي چوندي) چڱو هلو، ڀتار جي اچڻ جي مهل آهي، متان آڌر ڀاءَ ۾ ڪا ڪمي ٿي پوي.

    ڏيک پنجون:

    (رات جي جھانءِ ۾ ڪونئرو کي ڏسڻ لاءِ ليلان ٻانهين سميت سندن آستاني تي وڃي ٿي، ماڻهس _ مُرکي اگھور ننڊ ۾ آهي ۽ ڪونئرو در کولي ٿي.)
    ڪونئرو: سانئڻ، هن وير ! خير ته آهي.
    ليلان: بس، اوهانجي ڏک سک جاچڻ آيس _ ڇو ڀلا ٻُٽ اونداهي ڪيون ويٺا آهيو. ڏيئي ٻارڻ جي به سگھ ڪانهيوَ ڇا؟
    ڪونئرو: سانئڻ، اسين رات جو پورهئي مهل به ڏيئو ڪونه ٻاريون، بلڪه مڻئي جي جوت سان سُجھندو ڪري ڪم ڪار ڪيون.
    ليلان: اهڙن مڻين هوندي به توهان پورهيو پيا ڪريو، اها ڳالهه ٺهي ته ڪانه!
    ڪونئرو: پنهنجِي پَر ڪنهن ڇڏي آهي؟ پورهيو ڪو ڦٽو ڪبو ڇا! پورهيو ته پوڄا مثل آهي، ۽ اهائي پنهنجي سڃاڻپ آهي.
    ليلان: ديهان، مونکي ته توهان ۾ ڪا کريبت ٿي لڳي، مڻين هوندي پورهيوڪيو ٿيون _ سي به اهڙا جيڪي اوندهه ۾ سُجھندو ڪن، يا ته مڻين وارو گونزل پئي هڻين!
    ڪونئرو: اوهان جي راڄ ۾ رهندي، اوهان سان گونزل! کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي؛ سو به اوهانجي ٿورن ۾ ڳِنهيل هوندي.
    ليلان: مونکي ته توهان ڪي ڌوتيون ٿيون لڳو، هي پورهيو ته رڳو بهانو آهي.
    ڪونئرو: سانئڻ، ائين وري ڪيئن، اسين ته حق حلال جي روزيءَ لاءِ سوالي بڻجي آياسين. اسانکي توهانجي ٻاجھ جو هٿ کپي!
    ليلان: مان ته چوانءِ ٿي ته پاڻ سميت مڻيا ڏيکار ته پڪ ٿئيم؛ نه ته توهانجي ڪئي ڪمائي چٽ ڪري، سڀو ڪجھ کسي، ٿڙا مٿي تي ڏيئي، تڙائينديمانوَ!
    ڪونئرو: سانئڻ، ڇو نه! تون اڪيلي سِر ڪمري ۾ اچ ته درشن ڪرايانوَ.
    (ڪونئرو ڪمري ۾ وڃي شاهي لباس پهري ٿي، نوَ لَکو(نوَ مختلف قيمتي موتين جو) هار پائي، چادر جي جُھنڊ هڻي، ليلان کي ڪمري ۾ اچڻ لاءِ عرض ڪري ٿي. ليلان اڪيلي سر ڪمري ۾ وڃي ٿي، ڪمرو اونداهو آهي. ڪونئرو چادر جي جھنڊ لاهي کليل سيني، منهن ۽ هار جو درشن ڪرائي ٿي _ ڪمري ۾ چانڊاڻ پکڙجي وڃي ٿي ۽ ليلان حيران ٿيندي سوچي ٿي.)
    ليلان: (خيالن ۾) ابول، ڇا ته رَن جو حسن ۽ هار ۾ پوئيَل مڻين جي مانڊاڻ ۾ چانڊاڻ آهي. رَن جي اکين ۾ ته عجب اسرار آهي، منهن ۾ ته پورنماسي واري پلٽ اٿس، هيرن جوهرن جو اولڙن سندس چهري تي شرابي خمار چاڙهي ڇڏيا آهن. رَن جي سونهن سوڀيا جي گنوَر ۽ موتين جي چمڪار سڄي ڪمري جو رنگ ئي بدلائي ڇڏيو آهي. ڪاش، اهڙو هار مون وٽ هجي ته مان به جيڪر اهڙي ئي لڳان. پر اهو رَن کي چَٽَ ڏيئي ڪڍان ڪيئن؟
    ڪونئرو: سانئڻ، ڪهڙين خيالن ۾ هلي وئينءَ؛ منهنجي ڳالهه تي پَت پيَوَ!
    ليلان: بروبر، بگھڙ جو پير آهي. بس هڪ منٿ ڪيانءِ ته انهن مڻين جو اڌ مونکي ڏي، ته موٽ ۾ پنهنجي دادلي ڏيرَ سان پرڻايانءِ، پوءِ ويٺا موجون ماڻيو. اجايو پئي ٿي غلاميون ڪڍين!
    ڪونئرو: سانئڻ، تون اڌ هار جو ٿي چئين، مان ته سڄو هار ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، رڳو…!
    ليلان: رڳو ڇا؟ چئهُ جيڪا گھُر ڪندينءَ، سا پوري ڪنديمانءِ.
    ڪونئرو: رڳو هڪ رات جيڪر پنهنجي وَرَ، لِهور ڪوٽ جي والي ڄام چنيسر داسڙي کي منهنجي هنڌَ حوالي ڪرين ته سڄو نوَ لَکو هار تنهنجو!
    ليلان: (خيالن ۾ سوچي ٿي) اهو سودو مهانگو ڪونهي، جي ڏير ڏئي پرڻايانس ته به اڌ جي مالڪي مليس ئي مليس. هي هڪ رات وارو سودو، ٿيندَس گھڙي پل جي مهماني. هونئن به چنيسر مرد آهي، گھڻئي پنهنجي منهن سان رنگ رَليون ملهائيندو هوندو. باقي منهنجي ته ڄڻ ڏور ۾ آهي. مُٺ ڀڪوڙبي ته منهنجو! اهو انگل کڻي پنهنجي پاران ٿي ڪيانس. مونکان ڪاڏي ويندو. هو به خوش ته مان به راضي.
    ڪونئرو: سانئڻ، ڇا پئي سوچين؟ ڀل تون دل من پُڇُ، مان ته پنهنجي ٻولَ تي ٻڌل رهندس.
    ليلان: سوچڻ ڇا جو، مونکي شرط قبول آهي، سڀاڻي ئي ٿي توکي منڊلي مچائي ڏيانءِ!
    ڪونئرو: شاهد اوڳاهه؟
    (ليلان پنهنجي ٻن ٻانهين ڏانهن اشارو ڪري ٿي.)
    ڪونئرو: مونکي قبول آهي.

    ڏيک ڇهون:

    (راءُ چنيسر محل ۾ داخل ٿئي ٿو سخيرو کيس جھڪي سلام ڪري ٿو، ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شرط ليلان منهن سڄايون ويٺي آهي.)
    چنيسر: (ليلان سان) ڇو ڀلا، اڄ دشمنين ٺيڪائي ناهي ڇا؟ منهنجي چلوِلي راڻِي اڄ نراس اداس لڳي پئي آهي. (خوشگوار موڊ ۾ جھڪندي) ڪا ڪوتاهي هجي ته هي لِهور ڪوٽ جو حاڪم، ڄام چنيسر داسڙو، راڻِي صاحبه جي حڪم موجب هر ڀوڳنا ڀوڳڻ کي ڀليڪار چوندو.
    (ليلان چلولي انداز سان جھڪيل ۽ مڙيل منهن سان مسڪرائي ٿي، چنيسر لاڳيتو ڳالهائيندي) مان ته تو اڳيان هردم هڪيو تڪيو حاضر آهيان. تنهنجو هر انگل آرو اکين تي، حڪم ته ڪري ڏسُ! تنهنجون ڪوتاهيون ۽ ماڻا مون لئه مٺائي آهن. تنهنجا ناٽ نخرا ۽ ارڏايون منهنجي دل لئه درمان آهن. (ليلان جهڙوڪر ڦونڊ ۾ ڏيڍي اک سان چنيسر ڏانهن نهاري ٿي.)
    چنيسر: (لاڳيتو) ڇا ڳالهه آهي، اڄ منهنجو اڳ به نه جَھليَئي، اربعا خطا ٿي آهي، جو مٺا ماڻهو به مونکان منهن پيا موڙين.
    (ليلان خيالن ۾ سوچي ٿي.)
    ليلان: (خيالن ۾) ڀتار، رڳو ٿلهه ٻڌجي، پوءِ ته پَنءُ ٻارهن آهن.
    (ايتري ۾ سَخيرو در کان بيهي ادب وچان چئي ٿو)
    سخيرو: (جھڪندي) سانئڻ، اوهان لاءِ ماني لڳرايان؟
    چنيسر: (سخيري کي) اڙي بابا، اڄ تيسين هڪ گرهه به نه ڳهِبو جيسين تو واري سانئڻ سَنئين منهن نه ڳالهائندي ۽ پنهنجي هٿڙن سان کارائڻ جي اڳرائي نه ڪندي!
    (ليلان، سخيري کي اک جي اشاري سان ٽَري وڃڻ لاءِ چئي ٿي.)
    ليلان: سرڪار، مان هر حڪم جي باندي آهيان، ڇڙو هڪ منهنجو ٻاراڻو انگل پورو ڪر!
    چنيسر: (مسڪرائيندي) وري ڪهڙو انگل سُجھيو اٿئي، هيءَ بادشاهي به ته تنهنجي آهي، اسين سڀ انجا ڪارندا آهيون.
    ليلان: اها ته مونکي به پڪ آهي ته _ اوهانجي سر بخت جو خير هجي _ منهنجي عيبن ڀري اوگھڙ لاءِ اولو آهين، اهي ماڻا توسان نه ڪنديس ته ٻيو ڪنهن سان ڪنديس.
    چنيسر: بيشڪ، بندو حاضر آهي.
    (ماني لڳي ٿي، ليلان هٿن سان چنيسر کي کارائي ٿي، هو کائي اٿي ٿو ته ٻانهيءَ بجاءِ پاڻ هٿ ڌورائي ٿي ۽ هٿن اگھڻ لاءِ رَئي جو پلاند اڳيان ڪري ٿي ۽ چنيسر هٿ ۽ منهن اگھي ٿو.)
    چنيسر: ليلان، تنهنجي انهن ادائن ته اسان کي ڪٺو آهي. تو واري رئي جي پلوَ جي هٻڪار _ مهڪار ۽ ڀيرَ تي ته مان سڄو ڏينهن مستيءَ ۾ هوندو آهيان.
    ها، الائي ڪهڙي ٻاراڻي انگل جي سَڌَ پَئي ڪيَئِي؟
    ليلان: (چنيسر کي شراب پياريندي) تنهنجي مستيءَ ڀَرين خمارن تي ته اسان به اول گھول پيا ويندا آهيون. ڳالهه اها آهي ته ٻه هڪڙيون پورهيت ماءُ ڌيئون طنبيلي ۾ سائيسَ جي ڀر ۾ رهايون اٿم، ڇا ته سُٽ ڪتين ٿيون، اوهانجي پڳ جو ڪم ڏنو اٿيمانِ، چون ٿيون ڇماهي لڳي ويندي.
    چنيسر: ته پوءِ ٺيڪ آهي، تو جيڪو ڪيو سو بهتر هوندو.
    ليلان: (شراب پياريندي) انهن ۾ ڇوڪريءَ جو نالو ڪونئرو آهي. ڇا ته هن جي سونهن ۽ اٿڻ ويهڻ جي چال آهي. اڄ ڪچهري ڪندي توسان ملڻ لئه پئي ايلازَ ڪيائين.
    چنيسر: (نشي جي حالت ۾) ته پوءِ؟
    ليلان: مان ته چوانءِ ٿي ته هن ويچاريءَ سڪايل سان رس ڀري رهاڻ ڪري کيس راضي ڪر. جتي منهنجا هيڏا انگل آرا کنيا اٿئي ۽ عيب ثواب ڍڪيا اٿئي، تتي هيءَ به هڪ منٿ مڃ!
    چنيسر: (نشي جي حالت۾) جنهن ۾ تون راضي.

    ڏيک ستون:

    (ليلان ٻنهي ٻانهين سوڌو چنيسر کي رات جي وڳڙي ۾ ڪونئرو وٽ ڇڏي اچي ٿي، ۽ ڪونئرو ماڻهس سوڌي هن جي آجيان ڪن ٿيون.)
    مرکي: ڀلا ڀاڳ اسانجا، جو هن ڪوٽ جا مهندار اسانجي غريباڻي ٿَلهي تي آيا آهن.
    ڪونئرو: (جھڪندي) اڄ اسانجي اڱڻ تي چنڊ کڙيو آهي. ڪيڏي نه اسان تي ٻاجھ ٿي آهي.
    (مرکي ۽ ڪونئرو کيس سينگاريل سيج تي سمهارنس ٿيون، چنيسر کي گھِلَ سببان ننڊ چڙهي وڃي ٿي. ڪڪڙن جي دَسَ هنئي، چنيسر جي اک کلي ٿي ۽ وائڙو ٿي وڃي ٿو. ڪونئرو کي ڀر ۾ ڏسي ڇرڪ ڀري اٿي ٿو ۽ ڪونئرو کيس ٻانهن ۾ هٿ وجھي ٿي. ايتري ۾ مرکي به ڪمري ۾ اچي ٿي.)
    چنيسر: هيءَ وري ڪهڙي کيڏ آهي؟ مان هتي ڪيئن پهتس!
    مرکي: حاڪم، کيڏ ٻيڏ ڪابه ڪانهي، هنن ٻنهي هڪ رات لاءِ سودو ڪيو؛ راڻي ليلان: پنهنجو وَرُ چنيسر داسڙو ۽ منهنجي ڌيءَ : آيو پايو نوَ لکو هار مٽايو.
    (چنيسر، ڪونئرو کي چتائي ڏسي ٿو ۽ سندس هوش حواس خطا ٿي وڃن ٿا.)
    چنيسر: اهو ته توهان مڙئي وات مِٺو پيا ڪريو. ليلان اهڙو سودو ڪري ئي نه ٿي سگھي. انجي ڪا پڪ پڪاڻي!
    مرکي: پڪ پڪاڻي ته ان مان سمجھو ته توهان جي پٽَ راڻِي پنهنجي ٻن ٻانهين سميت _ ضرور توهان سان ڪچهري ڪري _ هت ڇڏي ويون. ۽ اهو نوَ لکو هار سچن مڻين وارو ڳچيءَ ۾ پايون گھر وئي.
    چنيسر: (عجب مان) مان ته کانئس ڪابه ڳجھي ڳالهه ڪانه رکي آهي، ته پوءِ ههڙو ڏاڍ ڪيئن ڪيَئيِن؟ خسيس مڻين تي هرکي، مون تان ڍڳي جيان لڳ جو لاڳ وٺي وڃي ويهي رهي.
    (ڪونئرو ۽ ماڻهس دل ئي دل ۾ چنيسر جي اظهار تي خوش ٿين ٿيون.)
    چنيسر: هاءِ ڙي ليلان، هي ڇا ڪري وِڌئي. هيءَ خطا تنهنجي … بخشش لائق ناهي _ تو منهنجو مانُ ملهه وڃي ٽَڪو ڪيو.
    ڪونئرو: (اتي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي) حاڪم، ماڻهوءَ جو ته ملهه ڪو هوندو ئي ڪونهي! توهان ته سراسر سوجهرو آهيو. اوهان جي درشن لاءِ اسين پنهنجي حاڪميءَ کي ترڪ ڪري اوهانجي دِس پهتاسين. توهانجي هڪ گھڙيءَ لاءِ اهڙا ڪيئي مڻيا اوهان تان گھورَ.
    (ايتري ۾ ٻئي ٻانهيون اچن ٿيون، ۽ چنيسر کي ادب وچان چون ٿيون:)
    هڪ ٻانهي: سرڪار، سانئڻ اوهانجي وهنجڻ لاءِ تيل ميٽ ملايون ويٺي آهي، چيائين ته اچي چوڪڙو لاهيو.
    چنيسر: هت به سڄي رات سک سان گذري آهي. چوڪڙا ٻوڪڙا لٿا پيا آهن، تڙ جو سعيو هتي به آهي. اوهين پنهنجي راڻيءَ کي چئو ته هاڻ هار کي ويٺي وهنجاري، جيڪو مون کان پيارو ڪيو اٿئين. هاڻي هلو، پنهنجا پير ڊاهيو!

    ڏيک ستون:

    (ٻانهيون وڃي ليلان سان حالي حوالي ٿين ٿيون.)
    ٻانهيون: (هڪ آواز) سانئڻ ، سرڪار ته اچن ئي ڪونه ٿا.
    هڪ ٻانهي: لڳي ٿو ته هڪ رات ئي سرڪار جا تيوَرَ مٽي ڇڏيا آهن.
    ٻي ٻانهي: چون ٿا ته هار سان ئي رهاڻيون ڪري، انکي ئي تيل ڦليل ڪرائي. مان هت ٺيڪ آهيان.
    (ليلان جا طاق لڳي وڃن ٿا، چرين جيان پلنگ تان لهي ٿي، ۽ ڪاوڙ ۾ باهه ٿيو وڃي ٿي.)
    ليلان: (ڪاوڙ مان) ڪنهنجي ڪهڙي مجال جو ڄام چنيسر داسڙي کي خريد ڪري سگھي. مان ٿي رنن جو سرُ وڃايان _ منهن ڪارو ٿي ڪيانِ _ دانگيءَ سان _ اَئي هلو!

    ڏيک اٺون:

    (ليلان ٻانهين سميت ڪونئرو جي گھر وڃي ٿي، چنيسر ۽ ڪونئرو سيج تي هٿ هٿ ۾ ڏيئي ويٺا آهن.)
    ليلان: (ڪونئرو کي) مون ته تو مان اڳيئي شڪَ پئي آندا ته ڪو خلمُ ڪندينءَ _ قهر ڪندينءَ. (ڳچيءَ مان هار لاهي) وٺ پنهنجو هار، پهاڄ مکڻ جي به چڱي ڪانهي. پري ٿي منهنجي ورَ کان، تنهنجو مدو پورو ٿيو. مان چوانءِ ٿي ته ويڙهه پنهنجا ٽپڙ، نه ته چوٽي پَٽي هٿ ۾ ڏينديسانءِ!
    ڪونئرو: ڏس ليلان، تو سودو ته ڪيو ني! ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه. مدو ته منهنجو بيشڪ پورو ٿيو، ڄام چنيسر کي ڀلي وٺي وڃ!
    چنيسر: ڪارو اٿئي منهن، نيرا اٿئي پير! توکي چيو ڪنهن ته تون هت اچ، مان هن ملڪ جو مالڪ آهيان _ ڪو بازار جو سودو ناهيان جو چندُ ڏوڪڙن تي ڳنهي سگھو ۽ وارو نه کائي ته واپس ڪريو. مان چوانءِ ٿو ته هتان ته ڇا بلڪه پنهنجا ٽِين ٽپڙَ ويڙهي، هي هار کنيو، جاڏئون جي آهين، تاڏي وڃ، مونکي تنهنجي ڪابه لوڙهه ڪانهي. انهيءَ هار کي ئي وڃي هنئين سان هنڊاءِ، مان توکي ڪوٽ ۾ ڪٿي به اکئين ڏسڻ نه ٿو گھران!
    ليلان: (جرح ڪندي) سرڪار، مونکي هنن رنن ڀنڀلايو، تو سواءِ مان مڻيا ڪنهن لاءِ پائيندس. مون تي مرههَ ڪر _ مان ته تنهنجي ٻولن ٻَڌي آهيان.
    (هي بيت ٻُري ٿو.)
    مڻيو وجھان مچ ۾، هائيءَ هڻان هارُ،
    ڀِري جي ڀـــتارُ، ته ميريائي مانُ لهان.
    (ليلان، ڪونئرو ۽ ماڻهس جي وچ ۾ آزيون نيازيون ڪرڻ ۾ بي عزتي ڀانئي، يڪدم پنهنجي محل ۾ واپس وڃي ٿي.(

    ڏيک نائون:

    (ليلان محل ۾ ورانڊي جي ٺل کي ٽيڪ ڏيون، ڏهاڳڻين جيان منهن مٿو پٽي ٿي پئي، ٻانهيون دايون چوڌاري بيٺي دلداري ڏيَنِس ٿيون. عنايت فقير نوناريءَ جو ڳايل هي ڪلام ٻُري ٿو.)
    ……………آءُ پرين گھر پيهي، او ميان چنيسر، هار هٿائون مون ڇڏيو…………………
    هڪ ٻانهي: سانئڻ، تون اجايو نراس ٿي ويٺي آهين، سرڪار جا بادشاهي پوُر آهن، پاڻهي پير تي اچي ويندا _ اجايو پئي پاڻ ڳارين!
    (هي بيت پس منظر ۾ ٻُري ٿو:)
    پوچا ڏٺم پـــــيرَ، ڍڪـــــڻَ مـــــــٿي ڍولَ جـــــا،
    مون ڀانيو تهِه ويرَ، ڪوجھي ڪندو پرِتِڙي.
    ليلان: (ٻانهين کي) توهان ڪا منهنجي وٽِ وَراڻ ڪريو، مون لئه ڪا واهه ڪڍو. مون کان واقعي کوٽ ٿي آهي. شايد پويُون ڪميون دل تي وٺيون ويٺو، تڏهن ته هي بهانو ملي ويس. هاڻ ته منهنجون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. (ٻانهيون چپ ڪيون بيٺيون آهن. ليلان ڄڻ پٿر ڪيون پاڻ سان پئي ڳالهائي.)
    هاءِ ڙي هاءِ ليلان، تنهنجو نصيب! جڏهن ورَ اڳيان هار سينگار ڪري نماءَ ڪرڻ جو ڍنگ آيئي ته پرينءَ تنهنجي پَچرَ ئي ڇڏي ڏني. (چوندي _ اوڇگارين سان رئي ٿي ۽ هي بيت ٻُري ٿو.)
    سونا ڪُــر ڪــنن ۾، ڳچيءَ ڳاڙها هـــار،
    ٻــانهـــوٽا ٻانــــهن ۾، ســـينڌ ســــــڻڀا وار،
    تيلاهه پرين پچار، ڪانڌ منهنجي ڇڏئي.
    (ٻانِهين سان) جيڪر مونکي اهڙي کڻڪ هجي ها ته چنيسر داسڙو ڪنهن بهاني جي تاڙ ۾ آهي _ ۽ ائين منهن مٽيندو ته هوند هار تي هرکي هٿ ئي نه لايان ها!
    (هي بيت ٻُرن ٿا.)
    چنيسر جي چت ۾، ڪي جو اڳ هئو،
    تهان پـــــوءِ ٿيـــو، مــڻيي تي ٿي مامرو.

    جيڪـــر ڀانـــيان ائين، ته ڪا دل مٽيندو داســــڙو،
    ته سوز لڳندي سيئن، هوند هئين هار نه جھليان.
    (ليلان مسلسل رئندي رهي ٿي ۽ چوي ٿي: )
    ليلان: ڏاهپ ۽ سڻوپرائپ ۾ هيس ته زور، پر مڻيي جي مامري م منجھي مُئسِ. هاءِ ڪانياري ٿي پيس.
    (هي بيت ٻُري ٿو: )
    ڏاهــي هـــيس ڏيهه ۾، ســرتين منجھ سُڄـاڻ،
    ڪا جا پيم ڪاڻ، جن منهن مٿاهون نه کڻان.
    ) چنيسر درواڻ سخيري سان محل ۾ داخل ٿئي ٿو، ۽ ڪاوڙ ۾ ليلان ڏانهن نهاريندي چئي ٿو.)
    چنيسر: مون جو توکي چيو ته تون هن محل مان ائين گم ٿي جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ! تو ڪونه ٻڌو؟
    ليلان: (پاند ڳچيءَ ۾ پائي) اي منهنجا ڀتار، مونکي پنهنجي ڪوٽئون نه ڪڍ. سڀ حرف پاڻ تي ڀانيان ٿي، مون تي ڪا ماڙ ڪر، مون کي من ٻانهيءَ جي بجاءِ ڀانئين!
    (هي بيت ٻري ٿو.)
    تو وَر! وهون ڪيتريون ، مون ور! تون وريج،
    ســـــــوڀي! ان سهاڳ کي، ڀـــــــوري ڀــــــرم ڏيج،
    پــــــرتا پـــيــر ڀَـــــــريج، ملــــهائج مـــسڪين کــي.
    چنيسر: تنهنجي ٻانهپ به مون کي نٿي سونهين، تو منهنجو ويساهه ٽوڙيو آهي. تو ڪوڙ تي سچ جو سودو ڪيو آهي _ڏاڍي ٺهين تي _ ورُ وڪڻي ٿي ڳهڻا پائين!
    ليلان: اي منهنجا ڀتار، منهنجي مداين کي ميٽِ، منهنجي ڪچاين تي ڪک رک. منهنجي من جي مِلڪ تون ئي آهين. مون ڪميڻيءَ ڪڌو ڪم ڪيو، مون تي مِهر ڀري مَرههَ ڪر. منهنجي روح کي ايڏو نه ڦٿڪاءِ، ڌڻيءَ سڳوري جي مهابي مون کي پاڻئون پري نه ڪر. جيئن اڳيان حرف هٽايئي تيئن وڏ جگرو ٿي ڪري، هي لينگها لاهه، مون هر شيءِ ڇڏي. ميڙ منٿ ٿي ڪريان ته منَ ڪو مون سان سهڻو سَلٽُ ڪر.
    (هي بيت ٻُرن ٿا.)
    داغ تنهنجـــــو دائمـــا، ماري معـــــذورين،
    سائيـــن ڪارڻ سپرين، وڃـــج مَ ڏورين،
    آئون تو حضورين، مڻيون وجھان مچ ۾.
    اوڳـــــڻ ڪري اپار، تـــــو در آيــس داسڙا،
    جيئن تو رسڻ سنديون روح ۾، تيئن مون ڀيڻي ناهه ڀتار،
    سائــــــــينءَ لڳ ســــــــــــتار، مـــــــــــيٽ مدايــــــون مــنهنجيون.
    چنيسر: (سخيري ۽ ٻانهين کي) هن جو سامان سڙو تيار ڪري سندس پيڪين ڇڏي اچوس. هن هنڌ ڀيڻيءَ ڪونئرو ئي وهندي.
    ليلان: مان پيڪين ڪانه ويندس. الله لڳ مون سان اهڙي ريت نه ڪر، ڀل تون ڪونئرو تي ئي ساهه ڏي، پر مونکي ڪوٽئون نه ڪڍاءِ. مان جي هتان ويس ته ڪٿان جي نه رهنديس، ڀلائي ڪري تيسين نه تڙ، جيسين منهنجو کٽولو کڄي. مان ته تنهنجي ئي توههَ تڳان ٿي.
    (هي بيت ٻُري ٿو.)
    تان ڪا وائــــــي وار، دلاسي جي داسڙا،
    تون منهنجو وِلهو، آئون تو ۾ طمعدار،
    ڍڪي، ڍول گذار، لڄ منهنجي لـوڪ ۾.
    (ليلان لاڳيتو ڳالهائيندي: )
    اي منهنجي دل جا ڌڻي، مان بيشڪ پنهنجي پنهنجي روحاني رشتي جي ڏور ڇني، وقتي نفس جي ڦندي ۾ ڦاسي اوجھڙ پئجي ويس. مان دنيا جي ماهيت کي هاڻ ڄاتو آهي، واقعي هيءَ هَچاري دنيا بيابان جي رڃ مثل آهي.
    اي منهنجي سِر جا سردار، مان تنهنجي آهيان، تنهنجي غيرت آهيان. مولا جي مهابي مونکي رولي نه مار. مون پنهنجي اندر مان سڀ غير گمان ڪڍي ڦٽا ڪيا آهن. الله جي واسطي امان ۾ رک.
    چنيسر: اهي غيرت وارا ويڻ مونکي نه ڏي، غيرت بڇڙائيءَ ۽ ڇڙواڳيءَ کي روڪڻ ۽ ڪني آڱر وڍڻ جو نالو آهي. تو پاڻ دنيا جي زيب زينت کي منهنجي وجود سان مٽائي منهنجي غيرت جاڳائي آهي.
    مان تنهنجي عيبن تي ڇپر ڪيون پئي آيس؛ پر تو دنيا ڪارڻ دين وڃائڻ وارو جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو سهلپ ججوڳو ناهي. تنهنجو مثال ان سالڪ جيان آهي، جنهن کي الله جو وصال هڪواري پلئه پيو آهي، پر پوءِ نفس جي ڦندي ۾ ڦاسي، اوجھڙ وڃي پوي ٿو؛ ۽ حقيقي محبوب کان منهن موڙي، مجازي مزن جو شڪار بڻجي ٿو. انهيءَ عمل تي الله جي غيرت جنبش ۾ اچي ٿي، ۽ سالڪ کي ڦوڙائيءَ جو گانگھو گلي ۾ پوي ٿو.
    ليلان: (ٻاڏائيندي) اهڙي هرکڻ ۽ ڦوڙائيءَ وڇوڙي جي ڪيفيتن مان ڏاڏو آدمؑ ۽ حوا به گذريا؛ پر جڏهن غير گمان ڪڍيئون ۽ توبهه تائب ٿيا ته وري سندن وصال جو ورق وريو. مون به بيشڪ جنتي سکن هوندي، شيطاني قوتن وسيلي ڌتارجي ويس ۽ ڏهاڳ جا ڏنڀ پئي سهان _ هاڻي اهي غير گمان ڪڍي توبهه تائب ٿيان ٿي پئي، مون تي به اهڙو سهاڳ ڀريو سايو ڪر.
    (هي بيت ٻُري ٿو.)
    مڻيون ناهه مڻيون، جو تون پسي هار هرکين،
    اصـــــــل آهي اڳهــــين، سنديون ڪوڙ ڪڻيون،
    ان گھوڙن هنئين گھڻيون، دوسنئا دور ڪيون.
    چنيسر: اهي سڀ تنهنجا حيلا هلائڻ بيڪار آهن. مونکي تنهنجو رئڻ ڪنجھڻ ۽ پاند ڳچيءَ پائي گيسيون ڪرڻ وِههُ لڳن ٿيون.
    (هي بيت ٻُري ٿو.)
    لــــــيلان حيلا ڇڏ، جي تون سوڀي سکئـــــين،
    پائـــــــي پاند ڳچـــــيءَ ۾، پاڻ غريبــــيءَ گـــــڏ،
    هڏ نه چوندءِ لڏ، جي ڪارون آڻئين ڪانڌ کي.

    چنيسر سين چاءُ، متان ڪا مُنڌ ڪري،
    ڪانڌَ ڪــــهين جو نه وڻي، گيرب گاءُ،
    جي ٿڙي ٿورڙياءِ، دوس دسائي داسڙو.
    (چنيسر ٻانهين وسيلي، ليلان کي ڌڪي ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ ليلان پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي _ محل جي ذري ذري ڏانهن ڏسندي اوڇگاريون ڏيندي وڃي ٿي.)
    ليلان: (خيالن ۾) ڪاش منهنجو کٽولو سرهو ٿي نڪري ها، پر شايد مون جهڙين چلولين ۽ ڇيڳرين جو اهو ئي انت آهي. پر مان پوءِ به سڄڻ مان آسرو نه لاهيندس، پنهنجو پاڻ کي فقيريءَ ۾ گڌي، پرينءَ جو پيار پائيندس.
    (پس منظر ۾ هي بيت ٻُرن ٿا.)
    جي ڪارون آڻيين ڪانڌ کي، ته روئي ريجھائج،
    لــــــــــيلا لــــــــــيلائيج، اٿــــــــي مــــــــــاڳ مـــنٿ جو.

    جي ليلائي نه لهين، تان پڻ ليلائـيج،
    آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجھيندڙ گھـــڻو.

    ڏيک ڏهون:

    (ليلان کي ڪوٽ جي ٻاهران ڇڏي اچنس ٿا. هوءَ ٻين حيلن هلائڻ ۽ سک واري زندگي گذارڻ کي ترڪ ڪري، حال فقيري بڻائي _ پٽ تي ويهي رهي ٿي. هي بيت ٻُري ٿو.)
    گھوريو سو سهاڳ، جنهن ۾ پسين پاڻ کي،
    ڏوري لههُ ڏهاڳ، جنهن ڪـــــرلاهوُ داســـــــــڙو.
    (لهور ڪوٽ جون سهيليون سَکيون وٽس خدمت لاءِ اچن ٿيون، پر هوءَ سواءِ راءِ چنيسر جي ٻي ڪابه ٻولي ڪانه ٿي ٻولي _ نه کائڻ نه پيئڻ _ مٽيءَ ۾ ڀڀوت _ ڄڻڪ ڪنهن جستجو ۾ هجي. هي بيت ٻُري ٿو.)
    لـــــــيلا لڇُ مَ ايترو، اٿي اڱڻ سور،
    ابو ڏاڏو گھور، پاڻ سوڌو پري تان.

    ڏيک يارهون:

    (چنيسر پنهنجي تخت تي امير امراء سان ويٺو آهي، سندس درواڻ سخيرو سندس آڏو جھڪِي گھر ڏانهن اچڻ لاءِ عرض ڪري ٿو. چنيسر محل ڏانهن اچي داخل ٿيندي، ڪونئرو کي چوي ٿو.)
    چنيسر: (پريشان ٿيندي) خير ته آهي، سڄڻن اڄ الائي ڪهڙي سانگ سان ساريو آهي.
    ڪونئرو: ڀتار، ٻيو ڪل خير آهي. ٻڌون ٿا ته هيءَ ندوري ليلان حال وسيلا وڃائي، پنهنجو پاڻ کي ايذاءَ ڏئي، سڪي ٻانڊَ ٿي وئي آهي.
    چنيسر: ته پوءِ ڇا ٿي پيو! مڙئي ويٺي ٻُڌ، هوءَ وڏي مڳيءَ واري مائي آهي.
    ڪونئرو: سرڪار، ٻڌان ٿي ته کائڻ پيئڻ به ڇڏيو اٿس.
    چنيسر: اهو سڄو هن جو بيک آهي.
    ڪونئرو: ڀتار، مان هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪيانءِ، تنهنجو نالو ٿي پُڻائي، اهو گلا جو گنگھڻُ پاڻ تان لاههِ. محل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پئي هوندي ته جُون به ننڊ! نه ته مايون دايون اصل سرُ پٽي ويون آهن.
    چنيسر: چڱو ڀلا، سڏايونس ٿا.
    مُرکي: حاڪم، ٻين جي سڏڻ سان اٿي ها ته پنهنجن سهيلين سَکين کي بي مانو نه ڪري ها.
    چنيسر: ته پوءِ!
    مرکي ۽ ڪونئرو: (گڏيل آواز سان) توهان پاڻ وڃو.
    چنيسر: مان وري پاڻ وڃان!
    ڪونئرو: سرڪار، لوڪ لڄا خاطر ائين ڪرڻو پوندو.
    چنيسر: چڱو ٺيڪ آهي.
    (چنيسر سخيري ۽ ليلان جي ٻن ٻانهين کي ساڻ ڪري وڃي ٿو.)

    ڏيک ٻارهون:

    (ليلان بي حال ڀڀوت هڪ وڻ هيٺان پاسيري ڪُرونڊڙي سُتي پئي آهي. تيز ساهه کڻڻ جو آواز اچيس ٿو پيو. چنيسر سخيري ۽ ٻانهين سميت گھوڙن تي وڃي مٿان بيهنس ٿا، ۽ ٻانهيون سَڏُ ڪُنس ٿيون.)
    هڪ ٻانهي: ليلان راڻي، اٿي محل ڏانهن هل، تنهنجو لايو سجايو ٿيو آهي.
    (ليلان ڪوبه جواب نه ٿي ڏئي.)
    سخيرو: (ويجھو وڃي) سانئڻ، محل جو مالڪ ڄام چنيسر داسڙو پاڻ توکي وٺڻ آيو آهي. تنهنجي ڪمائي الله در قبول پئي آهي _ اٿي هل.
    (ڄام چنيسر جو نالو ٻڌي، ڪجھ حوصلي ۾ اچي ٿي ۽ هي بيت ٻُري ٿو.)
    لـــــيلا لُـــڇ مَ ايترو، اٿي سور ٻُهار،
    ڍوليو اڱڻ پار، ڪانڌ ڪميڻيءَ آئيو.
    ليلان: (ڪنجھندي) ڄام چنيسر ته مون کان پري آهي ئي ڪونه، هو ته منهنجي دل ۾ دنبوري جيان ڌونڪي ٿو پيو. مون اهي ڪوڙا محل ترڪ ڪري، مَنَ ۾ محل بڻايو آهي. جنهن ۾ ڄام چنيسر ۽ مان لام ڪينچيءَ جيان (ɣ) هڪ لڳا پيا آهيون. هينئر منهنجي اندر ۾ ڪوبه ڀؤ ڀولو ناهي ۽ نه وري ڪا اڻ تڻ يا ڳڻتي ڳاراڻو!
    (ڄام چنيسر اهو حال ڏسي جھري پوي ٿو ۽ سندس اکين مان ڳوڙها لارَ ڪري وهن ٿا _ ۽ ننڍڙي ٻار جيان اوڇگاريون ڏيندو ليلان کي اٿاري ٿو _ ۽ ليلان جي اکين ۾ ڄڻڪ چمڪ اچي وڃي ٿي.)
    چنيسر: ليلان، تون اهڙا پنهنجا حال بڻائي وهندينءَ مون تي ڪڏهن سوچيو ئي ڪونه هيو _ تون عشق محبت ۾ پڇتاءَ جا ڳوڙها ڳاڙي ايڏو ثابت قدم رهندينءَ منهنجي ته گمان ۾ ئي ڪونه هيو.
    اي ليلان، تو بيشڪ ڇوٽڪارو پاتو، تو اسان مڙني جو ڳاٽ اوچو ڪري چڏيو.
    ليلان: (چچريل آواز سان) بيشڪ مون سان پنهنجو پرين پرتو ۽ مون محب ماڻيو.
    (ليلان ۽ چنيسر ويٺي ڀاڪر ۾ آهن ۽ ليلان جو مٿو چنيسر جي ڇاتيءَ سان آهي ۽ ليلان جو دم پرواز ٿي وڃي ٿو، چنيسر کان دانهن نڪري وڃي ٿي ۽ هو به اتي ئي دم ڏئي ٿو. هي بيت ٻُرن ٿا.)
    الا ڏاهــــــي مَ ٿـــــــيان، ڏاهـــــــيون ڏک ڏسن.
    مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

    ڍولا ڍيـــــل مَ مـــون.، ڪـــــانڌ ڪــــميڻي آهيان،
    سڪ تنهنجيءَ ســـپرين، ڀــــيري وڌيــــس ڀُــــون،
    مون ور تونهين تون، تو ورَ! وهون ڪيتريون.


    Altaf hussain jokhio
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ناٽڪ ”مون وَرُ تونهين تون“ لکڻ جا اهم مقصد

    ادا ڪاشف اوهان جي مهرباني جو سائين الطاف جن جو هي ناٽڪ اسان سان شيئر ڪيو
    ٻيو احوال ٻڌايو ڪٿي آهيو اڄ ڪله
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ناٽڪ ”مون وَرُ تونهين تون“ لکڻ جا اهم مقصد

    ادا ڪاشف، شاه جي بيتن سان سنواريل هي تاريخي ناٽڪ انتهائي مذيدار ۽ پيرائتو لڳو، مون پنهنجي گهر ۾ سائين شمشير جا لکيل ڪئي ناٽڪ ڏٺا آهن، بلڪل ان ئي تتبي تي لکيل آهي هي ناٽڪ، الطاف جوکئي صاحب جو هي لکيل ناٽڪ ڀلا ڪنهن پنڊال تي پيش به ٿيو آهي؟ ۽ ها الطاف جوکئي صاحب جو ٿورڙو تعرف ٿي وڃي ايتري ته خبر پئي آهي ته سائينءَ جن تعليم ۽ تدريس سان لاڳاپيل آهن پر وري به ڪجهه وڌيڪ خبر پوي ته هوند سٺو ۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته ادي طاهر جي سلام دعا مان خبر پئي ٿي ته اوهان ٻئي هڪٻئي کي ڀلي ڀت سڃاڻون ٿا ۔۔۔
    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ناٽڪ ”مون وَرُ تونهين تون“ لکڻ جا اهم مقصد

    سائين بلڪل ادو ڪاشف پنهنجو پيارو دوست آهي سائين پنهنجي تعليم سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ مان پوري ڪري چڪا آهن تمام ذهين ۽ قابل شخصيت
     
  5. الطاف حسين جوکيو

    الطاف حسين جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2010
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ناٽڪ ”مون وَرُ تونهين تون“ لکڻ جا اهم مقصد

    ادا نثار صاحب آ الطاف جوکيو ڪاليج ۾ استاد آهيان، 25 هون سال درس و تدريس کي ٿيو آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي صاحب جي نگراني ۾ ايم فل پيو ڪريان، موضوع اٿم: عربي سنڌي آئيويٽا ۽ صورتخطي جو اڀياس۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ناٽڪ ”مون وَرُ تونهين تون“ لکڻ جا اهم مقصد

    سائين ڪاشف صاحب ! ڪجهه ڏينهن مون شاهه لطيف جي شاعريءَ‌جي حوالي سان هڪ سائين ًغلام رسول چانڊيو پاران لکيل هڪ اسڪرپٽ هڪ اردو پروگرام لاءِ ڪمپوز ڪيو هو، ان جي لفظ لفظ لکڻ سان وڏو مزو آيو ۽ روح کي راحت پئي ملي۔۔ اهڙي طرح انهيءَ‌ طريقي سان اڄ جڏهن هن ناٽڪ جي لفظن کي پڙهيم ته تمام سٺو لڳو۔۔ سائين الطاف جوکيو جن تمام بهتر طريقي سان هن سُر جي ڪردارن کي پيش ڪيو آهي ۽ خاص طور تي اينڊ ۾ جيڪو ڪلائمڪس جو طريقو آهي ، اهو پڻ تمام بهترين آهي۔۔
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ناٽڪ ”مون وَرُ تونهين تون“ لکڻ جا اهم مقصد

    مهرباني ادا
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ناٽڪ ”مون وَرُ تونهين تون“ لکڻ جا اهم مقصد

    سائين الطاف صاحب ڀليڪار & سدائين خوش هجو شال
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو