توسان اڄ همڪلام ٿيڻو هو،
دردِ فرقت تمام ٿيڻو هو.
اوچتو وئين ملي اي ماههِ لقا،
مون تي هي لطف عام ٿيڻو هو.
11، مارچ 1960ع 3.50 شب هالا
جان هڪڙي جي ناهي ڪا پرواهه،
سَوَ هجن ته به ڪري ڇڏيان قربان.
منهنجا محبوب تنهنجون سڀ ڳالهيون،
منهن جي ڪارڻ حديث ۽ قرآن.
3، جنوري 1981ع
چڱو جو مونکي مليو درد پنهنجي دلبر جو،
جو ان سبب ئي گهٽيو انتظار محشر جو.
کڻي ڪٿي به هجان مون سان هو ملي نه ملي،
تڏهن به وردِ زبان هوندو نام سرور جو.
22، آگسٽ 1956ع هالا
خزان کي ڪنهنجي خوشين سان ڇا؟ ۽ غمن سان ڇا؟
فغانِ بلبل بي پَر سان ڇا؟ گلن سان ڇا؟
هي هڪڙي موسم آهي جا ايندي رهندي آ،
انهي کي حسن يا ويرانيءَ چمن سان ڇا؟
1، اپريل 1960ع 1.55 شب
ليٽن روڊ ڪوئٽه
خزان ۾ خوش ٿي بهارن جو انتظار ڪبو،
نه فرطِ کان گريبان کي تار تار ڪبو.
ٻه ڏينهن گذري ويا ۽ ٻه گذري ويندا ”فهيم“،
ڪڏهن نه صبر جي دامن کي داغدار ڪبو.
1، اپريل 1960ع 1.40 شب
ليٽن روڊ ڪوئٽه
دردِ فرقت ڪيو بيحال خدا خير ڪري،
هي به سِڪندي ويو لنگهي سال خدا خير ڪري.
يادگيري نه ڪئي يار، ”امين“ ڪهڙي سبب،
اڄ به آيو نه ڪو احوال خدا خير ڪري.
3، جنوري 1955ع ڪراچي
سنڌ جي خاڪ جو جواب نه آ،
هن جي خوبن جو ڪو حساب نه آ.
ذرو ذرو سندس گران قيمت،
جنهن جو مٽ ماه و آَفتاب نه آ.
3، جون 1973ع
11.45 شب
حامي صاحب جو ڳوٺ خيرپور