نوٽ هي معلومات سلسلي وار پيش منظر ڪبي سلسلو نمبر 1 حڪمران جو نالو پارٿي(پهلوا)قوم دؤرحڪومت: هن خاندان جي حڪومت سن 50ع تائين رهي. ڪيفيت: هن قوم جون ڊگهيون ڏاڙهيون ۽ ڊگها وار هئا، پهرين صدي عيسوئ ۾ هن قوم پنهنجي وطن پارٿيا(خراسان ) مان ڪاهي اچي هيلمند تي قبضو ڪيو. سيستان ۽ نيمروز سندن حڪومت جا اهم مرڪزرهيا.ساڻن سٿين(ساڪ) به شامل هئا، جن سنڌوندئ جي ٻنهي ڪپن تي بيٺڪون جوڙي،پاڻ کي ايران جي ڪسرائن وانگر شهنشاه سڏائڻ لڳا.منجهائن راجا گنڊوفيرس عيسائي مذهب اختيارڪيوهو. حڪمران جو نالو يوچي گھراڻو: 1.ڪجولاڪدفائيسز دؤر حڪومت :50 ع کان.................. ڪيفيت: يوچي خاندان اصل چين جي علائقي ڪانسوا جو هو، ترڪستان جي رستي کان بلخ، ڪابل،بلوچستان کان سنڌ ۾ داخل ٿيو. 2.وما : ...........کان 78 ع تائين : هي ڪجولا ڪدفائيسز جو پٽ هو. 3. ڪنشڪ: دؤر حڪومت 78 ع کان 101 تائين. ڪفيت : هن پرش پور (پشاور) کي دارالحڪومت بنائي وائيسرائن ذريعي وسيع سلطنت تي حڪومت ڪرڻ لڳو. 4. واشڪ : 101 ع کان 105ع تائين. 5. هوويشڪ: معلوم ٿي نه سگهيو. 6. واسوديو : ......199ع تائين ڪفيت : لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هن جي دؤر جا سڪا لڌا ويا آهن . 7. ڪنشڪ : (ٻيو) 199ع کان 220 ع تائين . ڪيفيت : هن کان پوئ يوچي ۽ انڌرا خاندان جو خاتمو ٿي ويو. مجوسيت ۽ عيسائيت: 220ع کان 320ع تائين. ڪيفيت : هن عرصي ۾ هندستان ننڍين رياستن م وراهجي ويو.سنڌ تي مجوسي ۽ عيسائي مذهب وارن جو عروج رهيو، جن جا مرڪز ملتان ۽ سيستان هئا.
سلسلو نمبر 2 حڪمران جو نالو دؤرحڪومت ڪيفيت گپت خاندان 1. چندرگپت(اول) : 320ع کان 335ع تائين : هي گپت خاندان جو باني هو. 2. سمندرگبت : 335ع کان 375ع تائين : هن ڳوڙيسا ۽ نيپال تائين حڪومت جون حدون وڌايون. 3.چندرگبت : 375ع کان............. : سندس تخت گاھ اُجين هو.مالوه ۽ ڪاٺياواڙ به سندس حڪومت ۾ شامل هئا.سنسڪرت جو نامور عالم ۽ شاعر ڪاليداس ۽ مشھور طبيب ڌنوتري سندس درٻاري رهيا.چيني سياح فاهيان سندس دؤر ۾ هندستان جي سياحت تي (405کان411ع تائين) آيو 4. پرٿوي : معلوم نٿي سگهيو. 5. هرسچن : معلوم نٿي سگهيو. 6.سڪنده گپت : .......کان 465 تائين . حڪمران جو نالو سفيد فام سٿين. : 465ع کان 540ع تائين . : هن خاندان جي وڌيڪ حڪمرانن جا نالا ڪونه ٿا ملن،البته هڪ حڪنران مھرگل جو نالو ملي ٿو، جيڪوڏاڍوظالم هو،هن سيالڪوٽ کي تختگاه مقرر ڪيو،ڇوته هن گهراڻي جي حڪومت سنڌ.پنجاب،بلوچستان ۽ مالوه تائين هئي
سلسلو نمبر3 حڪمران جو نالو، دؤرحڪومت ۽ ڪيفيت راء گهراڻو 1.رائي ديوائج : 540ع کان 560ع تائين : ڪجھ مورخن رائي گھراڻي جو پھريون حڪمران راء چڱل کي ڄاڻايو آهي. هن گھراڻي جو تختگاھ الور هو. 2. راء سھيرس (پھريون) : 560ع کان 580ع تائين : مڪران ۽ توران پرڳڻن کي ايرانين کان کسي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪيائين. هن جي دؤر ۾ ( نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ) جن جي ولادت 571ع ۾ مڪي ۾ ٿي. 3. راء سهاس (پھريون) : 580ع کان 601ع تائين : معلوم ٿي نھ سگھيو. 4. راء سھيرس (ٻيو) : 601ع کان 630ع تائين : هن پنھنجي سلطنت کي چئن صوبن برھمڻ آباد، سيسوتان (سيوهڻ جو پراڻو نالو) ملتان ۽ اسڪنده (اُچ) ۾ ورهايو. سندس دؤر ۾ اسلام مذهب جو دنيا ۾ عروج ٿيڻ لڳو. 5.راء سھاس (ٻيو) : 630ع کان 644 ع تائين : هن جي دؤر ۾ ( حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم) جن سن 632ع ۾ مديني شريف ۾ برقعو مٽايو.سن 644ع ۾ حضرت عمر رضھ طرفان مڪران تي حملو ٿيو. ..................................................................................................................................................! برهمڻ گھراڻو. 1. چچ بن سيلائج : 644ع کان 662 ع تائين : چچ ڪشمير جو برھمڻ جو هو. راء سهاس ٻئي جو نوڪر هو، جنهن جي مرڻ کان پوء ان جي زال سونهن ديوي سان شادي ڪري تخت جو مالڪ بڻيوهو. 2.چندر بن سيلائج : 662ع کان 669ع تائين : هي چچ جو ڀاؤ هو، هن سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم کي زور وٺرايو. 3. راجه ڏاهر بن چچ : 669ع کان 711ع تائين : چندر جي مرڻ کان پوء سنڌ جي سلطنت ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي وئي. الور ۾ چچ جو پٽ ڏاهر ۽ برهمڻ آباد ۾ وري چندر جو پٽ راڄ تخت تي ويٺو. جيڪو سال کان پوء فوت ٿي ويو ته چچ جو ٻيو پٽ ڏهر سينه برهمڻ آباد جو حاڪم ٿيو. ..................................................................................................................................................! سنڌ جو اسلامي سلطنت ۾ شامل ٿيڻ بنواميه گهراڻي طرفان سنڌ تي موڪليل گورنر 1. محمد بن قاسم : 93 ھ مطابق 711ع کان 96 ھ مطابق 714 ع تائين : ياد رهي ته عام طور تي محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاه ڪرڻ جو دؤر سن 712 ع لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. هن مشهور مسلمان سپھ سالار سنڌ کي فتح ڪري اسلامي سلطنت ۾ شامل ڪيو ، جنهن کان پوء سنڌ جي صوبائي حيثيت رهي ۽ مسلمان خليفن طرفان سنڌ تي گورنر مقرر ٿي اچڻ لڳا. 2. يزيد بن ابي ڪبشه : 96 ھ کان 96 ھ تائين : سنڌ ۾ پهچڻ کان پوء ارڙهين ڏينهن وفات ڪري ويو. 3. حبيب بن مهلب : 96 ھ کان 99 ھ تائين : معزول ڪيو ويو. 4. عمرو بن مسلم باهلي : 99 ھ کان 101 ھ تائين : هن جي دؤر ۾ حضرت عمر بن عبدالعزيز جي دعوت تي راجه ڏهر جي پٽ جئسيه ۽ ٻين هندو راجائن اسلام قبول ڪيو ۽ پاڻ تي عربي بالا لکيا. 5. هالال بن اهوزتميمي : 101 ھ کان 107 ھ تائين بدلي ڪيوويو. 6. جنيد بن عبدالرحمان : 107 ھ کان 111 ھ تائين : هن دؤر ۾ راجه ڏهر جي پٽ جئسيه ( جيڪو مسلمان ٿيوهو) قتل ڪيو ويو. 7. تميم بن يزيد عقبي : 111 ھ کان 112 ھ تائين : سنڌ ۾ وفات ڪيائين . 8. حڪم بن يزيد عقبي : 112 ھ کان 121 ھ تائين : سنڌ ۾ قتل ڪيو ويو. محفوظه شهر هن ئي آباد ڪرايو هو . 9. عمرو بن محمد قاسم : 121 ھ کان 125 تائين : راجا ڏاهر جي هڪ زال راڻي لاڏي سان محمد بن قاسم نڪاح ڪيو هو ، جنهن مان عمرو نالي پٽ ڄائو هئس ، عراق وڃڻ وقت هو پٽ ۽ زال کي سنڌ ۾ ڇڏي ويو هو . تاريخي شهر منصوره سندس ئي يادگار آهي . هن جي وفات سنڌ ۾ ٿي هئي . 10. يزيد بن عرارڪلبي : هن رعايا سان ڏاڍا ظلم ڪيا . هئ ظالم سنڌ ۾ ئي قتل ٿي ويو . 11. منصوره بن جمهور : 129 ھ کان 132 ھ تائين : هن يزيد بن عرار خلاف بغاوت ڪري کيس قتل ڪرائي پاڻ حاڪم ٿي ويٺو. آخر پاڻ به قتل ٿي ويو.
راڻي لاڏي بابت روايتون: راجا ڏاهر جي زال راڻي لاڏي بابت چچنامي ۾ ٻه روايتون آهن، هڪ اها ته راجا ڏاهر جي مرڻ کان پوءِ هوءَ برهمڻ آباد ۾ اچي رهي ۽ مقابلي لاءِ هڪ فوج تيار ڪري ارادو ڪيائين ته مسلمانن کان ڏاهر جو بدلو وٺبو يا وري ستي ۾ سر ڏبو. محمد بن قاسم جڏهن برهمڻ آباد قلعي ۾ داخل ٿيو ته ڪنهن کي به اڳواٽ خبر نه پئجي سگهي. قبضي کان پوءِ جڏهن قيدين کي گهرايو ويو ان ۾ راڻي لاڏي به هئي. محمد بن قاسم کي خبر پئي ته پاڻ حڪم ڏنائين راڻي لاڏي کي ادب ۽ احترام سان ٻين قيدين کان الڳ رکيو وڃي. ٻي روايت مطابق جڏهن برهمڻ آباد فتح ٿيو ته محمد بن قاسم راجا ڏاهر جي مٽن مائٽن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر انهن جي ڪا خبر نه پئجي سگهي. ٻئي ڏينهن هڪ هزار برهمڻ پيلا ڪپڙا ۽ ڏاڙهي مڇون ڪوڙائي اچي محمد بن قاسم اڳيان حاضر ٿيا ۽ چيائون اي اسان جا سردار! اسان جو راجا برهمڻ هاڻي نه رهيو آهي، ان سان وفاداري نڀائيندي ڪن پاڻ کي ڪهي ڇڏيو ۽ اسان جو غم ۾ هي حال آهي. هاڻي هي ملڪ تنهنجو آهي ۽ اسان تنهنجا ٻانها آهيون ۽ توسان وفاداريءَ جو وچن کڻي حاضر ٿيا آهيون، پوءِ تنهنجي مرضي جيڪي تادي اسان سان ڪرين. محمد بن قاسم چيو! توهان کي معافي تڏهن ملندي، جڏهن ڏاهر جي مائٽن کي ڪٿان به هٿ ڪري پيش ڪندؤ. پوءِ انهن راڻي لاڏي کي هٿ ڪري اچي پيش ڪيو. ۽ محمد بن قاسم حجاج ۽ خليفي وليد بن عبدالملڪ جي اجازت سان راڻي لاڏي کي آزاد ڪري پنهنجي نڪاح ۾ ورتو. پر اها روايت صحيح ناهي، ڇو ته عرب تاريخدانن وٽ شاديءَ جو ڪو ذڪر نٿو ملي. بلاذري مطابق راوڙ فتح ڪرڻ مهل اتي موجود راڻي لاڏي گرفتاريءَ جي ڀئو کان پاڻ کي ٻانهين سميت ستي ڪري (ساڙي) ڇڏيو. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته محمد بن قاسم آخر ڪٿان شادي ڪئي ڇو ته سندس ٻه پٽ عمرو ۽ قاسم تاريخ ۾ اهم حيثيت ماڻي چُڪا آهن. عمرو سنڌ جو گورنر ۽ منصوره شهر جو اڏيندڙ آهي، جڏهن ته ڀاڻس قاسم پورا پندرهن سال بصري جو گورنر رهيو ۽ ماڻهن جون دليون کٽيائين. انڪري مشهور رجزگو شاعر روبه بن العجاج سندس تعريف ۾ هڪ قصيدو چيو جنهن جو مطلع آهي. مافي غد اني امرؤ من معشر، يغدون انصارک يوم النصر، وهم عليٰ رغم العداة الزفر، اخوال آبائک في المجد الثري، سعد بن زيد في الصميم الدوسري. (ديوان روبه ــ ص 63 ــــ 57) ”مان ان ٽولي مان آهيان جيڪو هر مصيبت واري ڏينهن تنهنجي دشمنن خلاف قطار ۾ مددگار هوندس ۽ اهو ٽولو ”سعد بن زيد“ جي قبيلي جي شينهن مردن جو هوندو، جيڪو تنهنجي خاندان جا ناناڻا مائٽ ۽ وڏي مرتبي وارا ماڻهو آهن.“ مٿين بند مان ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون هڪ شاعر ”سعد بن زيد“ قبيلي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان هو پاڻ به آهي، يعني قبيلي بنو تميم جي وڏي شاخ ”بنو سعد بن مالڪ بن سعد بن زيد منات بن تميم“ مان هو ۽ سعد بن زيد منات انهيءَ وڏي شاخ جي پڻ هڪ شاخ هئي، جنهن کي شاعر مختصر ڪري لکيو آهي. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ان قبيلي جا ماڻهو قاسم جي خاندان جا ناناڻا عزيز آهن. ان جا اصل لفظ ”اخوال ابائک“ آهن يعني ”تنهنجي وڏن جا ناناڻا“ جنهن جو مطلب ته قاسم جي پيءُ محمد بن قاسم ۽ ان جي ابن ڏاڏن جا ناناڻا هئا. ان جو مقصد آهي ته محمد بن قاسم جي بزرگن جون شاديون بنو تميم جي انهيءَ گهراڻي يا خاندان ۾ ٿيون. قاسم جي شادي به ساڳي خاندان يا قبيلي ۾ ٿي هوندي. مشهور محقق ۽ اديب خطيب تبريزي، روبه جي ذڪر ڪيل قصيدي 195 ۽ 196 نمبر وارن مصرعن جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته ابو محمد چيو آهي ته مان ان شاعر روبه جي ”س“ قافيي واري قصيدي جو هڪ مصرعو ڏٺو آهي، جنهن مان شاعر روبه جو مطلب هي آهي ته محمد بن قاسم جا ناناڻا بني سعد بن تميم مان آهن. ابو محمد جي اصل عبارت هي آهي. ”يريدان القاسم بن محمد لہ خوؤلة في بني سعد بن تميم“ اهو ابو محمد مشهور عالم ابن السيرافي آهي، جنهن جي شهادت کي تمام معتبر سمجهيو ويندو آهي. انهيءَ حوالن مان اها ڳالهه چڱيءَ طرح ثابت ٿئي ٿي ته محمد بن قاسم جا ناناڻا قبيلي بني تميم جي هڪ شاخ قبيلي بنو سعد (بن مالڪ بن سعد بن زيد منات بن تميم) مان هئا ۽ محمد بن قاسم بنو تميم جي انهيءَ خاندان مان شادي ڪئي هئي. بحوالو: مصنف : اعجاز الحق قدوسي سنڌيڪار: خالد وسير ڇپيندڙ: مهراڻ اڪيڊمي
راڻي لاڏي: راجا ڏاهر کي يقين هو ته، هن لڙائيءَ ۾ مربو يا ماربو. مرڻ جي صورت ۾، راڻين کي به مرڻ جو حڪم هو، جيئن هو مسلمانن جي هٿ نه لڳن. تنهن ڪري هڪ هڪ راڻيءَ لاءِ هڪ هڪ جلاد مقرر ڪيو ويو هو ته، هار جي صورت ۾، انهيءَ راڻيءَ کي ڪـُـهي ڇڏي. راڻي لاڏي، جنهن ۾ راجا ڏاهر کي پورو ڀروسو ڪونه هو، تنهن لاءِ به هن ٻين راڻين جيئن جلاد مقرر ڪيو هو. پر راڻيءَ لاڏيءَ بچائڻ لاءِ وجهه وٺي عرب لشڪر ۾ داخل ٿي. آخر محمد بن قاسم کي اِها وڻي ويئي ته، حجاج کان موڪل ورتي ويئي، جنهن اِها موڪل وليد کان ورتي ۽ محمد بن قاسم جو گهر راڻيءَ سنڀاليو. راڻي لاڏي ڪو نالو شايد ڪونه هو، پر لقب هو. ڇوته اسان کي ساڳئي نالي واري راڻي برهمڻ آباد ۾ عربن سان وڙهندي پڻ نظر اچي ٿي. منهنجي خيال ۾ راڻي لاڏي جيڪا محمد بن قاسم جي زال ٿي هـُـئي، اُن جو نالو ڪو ٻيو هو، البت لاڏي (ڪنوار) جي لقب سان هوءَ ياد ڪئي ويندي هئي. (والله اعلم بالصواب) يا هينئن به ٿي سگهي ٿو ته، چچ نامي جي ليکڪ ڪجهه چاشني وٺائڻ لاءِ اهي زالن جا قصا وڌائي گهٽائي ڏنا هجن يا راوين جي ڳالهه جو هو تسلسل رکي نه سگهيو هجي. هرصورت ۾ انهيءَ ڳالهه جي سڄي ذميداري چچ نامي جي مصنف تي اچي ٿي. حوالو: مصنف : محمد سومار شيخ واڌارو: عبدالحفيظ قريشي ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/history/Book34/Book_page14.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/history/Book34/Book_page15.html ذيشان صاحب ڪجھ ڳالهيون (ڪتاب سنڌ جي تاريخ) ۾ مليون آهن .هن لنڪ ۾ اوهان پڙهي سگھوٿا باقي هر ليکڪجو پنهنجو رايو.
سلسلونمبر4 بنوعباس گهراڻي جا عرب (پهريون دؤر) حڪمران جو نالو : دؤر حڪومت : ڪيفيت 1. مغلس عبدي : 132 ھ کان 134 ھ تائين : ابو مسلم خراسان جي حڪم تي سنڌ ڪاهي آيو، پربنواميه جي گورنر منصوربن جمھور جي هٿان مارجي ويو. 2. موسي بن ڪعب : 134 ھ کان 141 ھ تائين : ابو مسلم جي حڪم تي 20 ھزار فوج وٺي سنڌ پھتو ۽ منصور بن جمھور کي شڪست ڏئي سڄي سنڌ تي قبضو ڪيو . منصوره جي مسجد کي وسيع ڪيائين . بغداد ۾ وفات ڪيائين. 3.عينيه بن موسي : 141ھ کان 142 ھ تائين : موسي بن ڪعب جو پٽ هو. هن خلافت کان برخلاف بڻجي پنهنجي خودمختياري جي دعوي ڪئي، جنهن ڪري معزول ڪيوويو. 4. عمرو بن حفص : 142 ھ کان 151 ھ تائين : نھايت بھادر هو"هزارمرد" جي لقب سان سڏبو هو. 5. ھشام بن عمروتغلبي : 151 ھ کان 157 ھ تائين : گجرات فتح ڪري اتي پھرين مسجد تعميرڪرايائين . سندس ڏينهن ۾ عبدالله اُشتر جي شهادت سنڌ ۾ ٿي. 6.معبد بن خليل تميمي : 157 ھ کان 159 ھ تائين : بدلي ڪيوويو. 7. روح بن حاتم : 159 ھ کان 161 ھ تائين : نااهل حڪمران ثابت ٿيو،جنهن ڪري بدلي ڪيوويو. 8. بسطام بن عمرو تغلبي : 161 ھ کان 161 ھ تائين : بدلي ڪيوويو . 9. روح بن حاتم : 161 ھ کان 161 ھ تائين : خليفي معهدي کيس ٻيهرسنڌ جو گورنر بڻايو، پر ٻوٽو نا ٻاريائين. 10. نصربن محمد خزائي : 161 ھ کان 161 ھ تائين : نا اهلي سبب جلدي معزول ڪيوويو. 11. عبدالمالڪ بن شھاب مسمعي : 161 ھ کان 162 ھ تائين : چند ڌينهن کان پوء کيس معزول ڪيوويو . 12. زبير بن عباس : 162 ھ کان 162 ھ تائين : هي بغداد مان حڪومت ڪرڻ لڳو، سنڌ ۾ اچڻ لائي تيار نه هو . 13.مصبح بن عمرو تغلبي : 162 ھ کان 162 ھ تائين : جلدي معزول ڪيوويو. 14. نصر بن محمد خزائي : 162 ھ کان 164 ھ تائين : سنڌ ۾ وفات ڪري ويو . 15. سطيع بن عمرو تغلبي : 164 ھ کان 164 ھ تائين : بغاوت تي قابو نه پائڻ سبب معزول ڪيوويو. هن دؤر جا ٽوٽل 34 حڪمران آهن ٻيا حڪمران ايندڙ سلسلي ۾
سلسلو نمبر4 جو بقيه حصو بنوعباس گهراڻي جا عرب (پهريون دؤر) حڪمران جو نالو : دؤر حڪومت : ڪيفيت 16. ليث بن ظريف :164 ھ کان 170 ھ تائين : خليفي مهدي جو غلام هو. هن جاٽن جي بغاوت کي ڪلچڻ لائي سنڌ ۾ مارشل لڳايو. 17. سالم يونسي : 170 ھ کان 172 ھ تائين : هن جي دؤر ۾ سنڌ انر امن امان رهيو . 18. اسحاق بن سليمان : 172 ھ کان 174 ھ تائين : نهايت نيڪ ۽ متقي انسان هو . سنڌ ۾ وفات ڪيائين . 19. يوسف بن اسحاق : 174 ھ کان 174 ھ تائين : بدلي ڪيو ويو . 20. طيفور بن عبدالله : 174 ھ کان 175 ھ تائين : حجازي ۽ يمني قبيلن جي جهڳڙن تي قابو نا پائڻ سبب معزول ڪيوويو . 21. جابر بن اشعت طائي : 175 ھ کان 176 ھ تائين : ناڪام ٿي معزول ٿيو. 22. ڪثير بن مسلم : 176ھ کان 178 ھ تائين : هئ پنهنجي ڀاؤ سعيد بن مسلم جو نائيب ٿي سنڌ آيو هو . 23. محمد بن عدي : 179 ھ کان 181 ھ تائين : هئ عيسي بن جعفر جو نائب بڻجي سنڌ آيوهو . 24. عبدالرحمان : 181 ھ کان 182 ھ تائين : بن انتظامين کي مٽائي نه سگھيو ۽ ناڪام ٿي ويو. 25. ايوب بن جعفر : 182 کان 184 ھ تائين : ناڪام موٽي ويو . 26. مغيره بن يزيد مھلبي : 184 ھ کان 185 ھ تائين : ناڪام موٽي ويو. 27. داؤد بن يزيد مھلبي : 185 ھ کان 205 ھ تائين : هن سنڌ جي عرب قبيلن جي جھڳڙن تي ضابطو آڻي سنڌ ۾ امن امان ۽ خوشحالي آندي ، هن سنڌ ۾ وفات ڪئي . 28. بشر بن دائود مھلبي : 205 ھ کان 213 ھ تائين : هن دربار خلافت جي خلاف بغاوت ڪئي ، جنهن ڪري معزول ڪيوويو . 29. حاجب بن صالح : 213 ھ کان 213 ھ تائين : ناڪام موٽي ويو . 30. غسان بن مھلبي : 213 ھ کان 216 ھ تائين : بدلي ڪيوويو . 31. موسي بن يحي برمڪي : 216 ھ کان 221 ھ تائين : سنڌ ۾ وفات ڪيائين . 32. عمران بن موسي برمڪي : 221 ھ کان 226 ھ تائين : سنڌ ۾ حجازي قبيلي جي هڪ سردار هٿان قتل ٿي ويو . ”بيضا“ شھر سندس ياد گار آهي . 33. عنبسه بن اسحاق 226 ھ کان 235 ھ تائين : هن سنڌ جي باغي رئيسن کي مطيع بنايو، جيڪي عمران جي قتل کان پوئ مختلف حصن ۾ خودمختيار ٿي ويا هئا. ديبل ۾ مندر واري عمارت ۾ سينٽرل جيل قائم ڪيوويو ۽ ديبل جي سڙڪ ۽ عمارتن جي مرمت ڪرائي. 34. هارون ابن ابي خالد المتروي : 235 ھ 240 ھ تائين : سنڌ ۾ قتل ٿيو . حجازي نالي عرب قبيلي سندس خلاف بغاوت ڪئي هئي.
تمام سٺي معلومات آهي ، هڪ ٻه عرض آهن جيڪڏهن قبول پون ته : پهريون: هي ته ڪتابن جا حوالا ذڪر ڪيا وڃن. ٻيون: مختصر سنڌ جي حاڪم جي زندگي نامي کي بيان ڪيو وڃي. ٽيون: جيڪڏهن قتل ٿيو ته ڪنهن ڪيو؟ ڇوٿون: شورش ٿي ته ڪرڻ وارا ڪير هئا؟ پنجون: معزول ٿيو ته ڇا جي ڪري؟ ڇهون: سنڌ ۾ رحلت ڪري ويو ته ڪهڙي جا تي ان کي دفن ڪيو ويو ؟ ڇا ان جا اڄ به آثار ملن ٿا ؟ ستون: ان حاڪم جي رهائش ڪهڙي شهر ۾ هئي ، ڇا هميشه هڪ ئي جڳھ تي گورنر رهيا يا سنڌ جي دارالخلافه کي تبديل ڪندا رهيا؟ اگر چه ڪجھ حاڪمن جون ڪجھ ڳالهيون ذڪر ٿيل آهن ، پر تفصيل ٿئي ته مهرباني ٿيندي. آخر عرض هي آهي ته ڇا عيسوي سن کان پهريان جي ڪا معلومات آهي ؟ اگر هجي تي انهن تي به ٿوري روشني وجهو.
ادا ڪتاب جو نالو اوهان پڇيو ته خادم حسين چانڊيو جو لکيل ڪتاب سنڌ سڄي سرهاڻ ان ۾ صرف تاريخ لکيل آهي ۽ موضوع باقي ڪجه به نه ڪوشش آهي ٻين ڪتابن ۾ معلوم هٿ ڪري هن ڪم کي وڌيڪ بهتر ڪبو ... آؤ ٿورائتو آهيان اوهان پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجھ ٽائم ڪڍي هن ناچيز جي نائون ڪيو.
سلسلو نمبر 5 عباسي خليفن جي ماتحت هباري گهراڻي جا عرب گورنر حڪمران جو نالو، دؤرحڪومت ۽ ڪيفيت 1. عمر بن عبدالعزيز هباري : 240 ھ کان 255 ھ تائين : هارون ابن ابي خالد کي قتل ڪري منصوره تي قبضو ڪيائين ، خليفي متوڪل سندس درخواست تي کيس سنڌ جو گورنر بنايو . هن چالاڪي سان سنڌ کي بغداد کان ڇني ڌار صوبو بنايو ۽ پوري آزادي سان سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو.سندس ڏينهن ۾ منصوره سڄي هندستان ۾ اسلامي علوم جو مرڪز هو. 2. ابوصبمه : 255 ھ کان 270 ھ تائين : قتل ٿيو. 3. عبدالله بن عمر هباري : 270 ھ کان 300 ھ تائين : هن جي دور ۾ قرآن شريف جو پھريون ترجمو سنڌي زبان ۾ سنڌ جي سرزمين تي ٿيو. 4. عمر بن عبدالله هباري : 300 ھ کان 330 ھ تائين : هن جي دؤر ۾ منصوره جي سلطنت وڌيڪ وسيع ٿي وئي. ان سلطنت ۾ ٽي لک ڳوٺ شامل هئا ، وٽس پنج هزار اسي جنگي هاٿي ۽ چاليھ هزار پيادي فوج موجود هئي. 5. محمد بن عبدالله هباري : 330 ھ کان 360 ھ تائين : سنڌ ۾ وفات ڪري ويو. 6. علي بن عمر هباري : 360 ھ کان 375 ھ تائين : سنڌ ۾ وفات ڪيائين سندس دؤر ۾ ملتان ۾ اسماعيلين زور ورتو. 7. منبي علي بن هباري : 375 ھ کان 401 ھ تائين : هن جي دؤر ۾ اسماعيلي مبلغن جي تبليغ سبب منصوره ۾ اسماعيلين زور ورتو .