• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل ميپس هاڻي بنا انٽرنيٽ جي استعمال ڪريو.

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
جي ها هاڻي توهان ڪٿي به هجو،ملڪ کان ٻاهر هجو يا پنهنجي شهر جي يا ٻئي شهر ۾ ڪا مشهور جڳھ يا هوٽل يا وري ڪنهن شهر جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ گوگل ميپس تي ڪنهن به قسم جي وائي فائي يا ٿري جي فور جي جو ڪنيڪشن جي ضرورت نه پوندي،ڇو جو گوگل پاران گوگل ميپس کي مڪمل آف لائين ڪري ڇڏيو آهي.
Offline%2BMaps%2BHow%2Bit%2Bworks.gif
پنهنجي ائنڊروئيد موبائيل تي گوگل ميپس جو نئون ورزن ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو ۽ پوءِ استعمال ڪريو بنا انٽرنيٽ جي.ڪنهن به شهر ڳوٺ ،هوٽل يا ٻين جاين جي ڄاڻ حاصل ڪريو.

توهان ڪنهن به ملڪ يا شهر جي ميپس ڊائونلوڊ به ڪري سگهو ٿا،جنهن کان پوءِ اها پاڻمرادو آف لائين موڊ ۾ ٿي ويندي.
 
سمجهه ڪون آئي ڳالهه! آيا ايپ انسٽال ڪرڻ کان پوءِ هر ڪنهن هنڌ جو نقشو دستياب هوندو يا پهريان ان جڳهه جو نقشو ڊائونلوڊ ڪرڻو پوندو ؟
 
سمجهه ڪون آئي ڳالهه! آيا ايپ انسٽال ڪرڻ کان پوءِ هر ڪنهن هنڌ جو نقشو دستياب هوندو يا پهريان ان جڳهه جو نقشو ڊائونلوڊ ڪرڻو پوندو ؟
پهريان ڪوبه نقشو ڊائونلوڊ ڪريو،ڊائونلوڊ جو آپشن ان جي مٿان هوندو،پوءِ اهو پاڻمرادو نقشو آف لائين موڊ ۾ ٿي ويندو.
 
پهريان ڪوبه نقشو ڊائونلوڊ ڪريو،ڊائونلوڊ جو آپشن ان جي مٿان هوندو،پوءِ اهو پاڻمرادو نقشو آف لائين موڊ ۾ ٿي ويندو.
بالڪل ايئن ئي آهي. مان آزمائي ڏٺو. انتهائي ڪارائتي ۽ ضروري اپڊيٽ ...
 
Back
Top