ڪهاڻي بابت هڪ بهترين ڪتاب عباس ڪوريجي جي ڪتاب ”جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع “ جو تعارف محمد سليمان وساڻ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ اديب عباس ڪوريجي جو ادبي تحقيق جي کيتر ۾ نئون ڪتاب ”جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب اصل ۾ عباس ڪوريجي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ دواران مونوگراف جي شڪل ۾ ”سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيو هو. جيڪو هاڻي ڪتابي صورت ۾ ”جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع“ جي عنوان سان ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو 144 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جو ملهه 200 روپيا آهي. هي ڪتاب به عباس ڪوريجي پنهنجي گذريل ڪتاب وانگر پيار، پاٻوهه ۽ محبتن سان پنهنجي هٿن سان سچل ڳوٺ اچي عنايت ڪيو. سندس اهي وڙ وسارڻ جهڙا ناهن. ان ڏينهن رات دير تائين عباس سان مختلف موضوعن تي خوب ڪچهري ٿي هئي. ڪتاب مان هڪ ئي ساهيءَ ۾ پڙهي پورو ڪيم، جيتوڻيڪ مان ڪتاب هميشه قسطن ۾ پڙهڻ جو قائل آهيان، پر ڪهاڻي منهنجي پسنديده صنفن مان آهي ۽ مان سڀ کان گهڻا ڪهاڻين جا ئي ڪتاب پڙهيا آهن. شايد اهوئي سبب هيو جو ڪهاڻي بابت نيون ڳالهيون پڙهندي، فني سٽاء ۽ ڪهاڻي جي اصلوب بابت پڙهندي پراڻا پڙهيل ڪتاب به ياد ايندا ويا. ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ٻيهر ذهن تي ريوائنڊ ٿي رپيٽ ٿينديون رهيون. ڪهاڻي جي فن ۽ ڪهاڻي جي اصولن جي اڳ گهٽ ئي خبر هئي سواء هڪ ٻن پروگرامن جي جنهن ۾ اڪبر لغاري بهترين انداز سان تنقيدي ڳالهايو هيو. هي ڪتاب پڙهي ناول، ڪهاڻي، آکاڻي، داستان، لوڪ ڪهاڻي، افساني، ناوليٽ، ڊرامي ۽ ڪالم ڪهاڻي سان گڏ انهن جي لکڻ جي فن بابت خوب ڄاڻ ملي ٿي. هي ڪتاب پڙهندي جديد سنڌي ڪهاڻي سان گڏ عالمي ادب ۽ ڪهاڻي جي قسمن بابت به ڄاڻ ملي. هي تحقيقي ڪتاب چئن بابن ۾ ورهايل آهي. پهريون باب ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جيارتقا، تاريخ، فن ۽ عنصر ، ڪهاڻيءَ جون فني خوبيون، ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟ ڪهاڻيءَ جا قسم، ڪردار، پلاٽ، ڊائلاگ، واقعا، ڪلائيميڪس ڇا آهن ۽ ڪيئن پيش ڪجن، سڀ بيان ڪيل آهي. فليش فڪشن: ماضي، حال ۽ مستقبل، ڪهاڻي سان هڪجهڙائي رکندڙ صنفون بيان ڪيل آهن. اهو سڀ ڪجهه پيش ڪندي مختلف ڪهاڻين مان ٽڪرا کڻي سمجهايو ويو آهي. ٻيو باب سنڌي ڪهاڻيءَ جي ارتقا بابت آهي جنهن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي ابتدائي دؤر، ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي کان پوءِ واري دورن جي ڪهاڻين جي ڪتابن ۽ ڪهاڻيڪارن بابت آهي. هن حصي بابت ليکڪ عباس ڪوريجو لکي ٿو ته باب ٻيو روايتي هجڻ ۽ ان بابت اڳواٽ گهڻ رُخي تحقيق موجود هجڻ ڪري ان کي جيئن جو تيئن رکندي ناليواري اسڪالر محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪتاب “چار مقالا” مان استفادو حاصل ڪيو ويو آهي. ٽيون باب سنڌي ڪهاڻيءَ جي انفراديت بابت آهي جنهن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي انفراديت ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جا سنڌي سماج تي اثر پيش ڪيا ويا آهن، سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي روايتن کي سنڌي ڪهاڻي ڪيئن پيش ڪيو آهي، يا سياسي ۽ سماجي حالتن کي سنڌي ڪهاڻيءَ ڪيئن منهن ڏنو آهي، اجتماعي طور سنڌي ڪهاڻيءَ جو سنڌي سماج جي اجتماعي ترقي پسند شعور ۾ ڪيترو حصو آهي. سنڌي ڪهاڻي جي اثر هيٺ سنڌي سماج ۾ ڪهڙيون مثبت تبديليون ۽ لاڙا آيا وغيره شامل آهن. ڪتاب جو چوٿون ۽ آخري باب سال 2000ع کان سال2014ع تائين جي ڪهاڻيءَ جي ڪتابن بابت آهي جنهن ۾ ڪتابن ۽ ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو ب پيش ڪيل آهي. ان عرصي ۾ ڪهاڻين جا لڳ ڀڳ 191 ڪتاب ڇپيا آهن جن جي ناليوار ۽ ترتيبوار ٽيبل ڏنل آهي. هند ۾ ساڳيي عرصي ۾ ڇپيل 28 ڪتابن جي الڳ ٽيبل آهي جيڪا هندوستان جي بزرگ ليکڪ محترم ڀڳوان ٻاٻاڻي “بندو” پاران موڪليل آهي. عباس ڪوريجي جو هي تحقيقي پورهيو ڪهاڻيءَ تي ٿيل روايتي ۽ نئين تحقيق جو گڏيل نچوڙ آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي سوالن جا جواب به ملن ٿا، ڪيترن مونجهارن جو حل به ملي ٿو ۽ اڻ ٻڌل شين جي کوجنا ٿئي ٿي ته ساڳي وقت ڪيئي نوان سوال به جنم وٺن ٿا، جن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ليکڪ سان هن ڪتاب بابت ڪچهري ڪندي اهو محسوس ٿيو ته هو اڳتي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي جستجو ۾ آهي . هي ڪتاب نون ڪهاڻيڪارن، سنڌي ادب جي شاگردن ۽ ڪهاڻي تي تحقيق ڪندڙن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.