شاه جي ٽن شارحن جو مختصر جائزو.

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ Kashif ahmed طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2010۔

  1. Kashif ahmed

    Kashif ahmed
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2010
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    الطاف حسين جوکيو
    استاد سنڌي شعبو
    گورنمنٽ ڊگري ڪاليج محراب پور.
    03013427500

    شاه جي ٽن شارحن جو مختصر جائزو.

    شاه عبداللطيف ڀٽائي هڪ آفاقي شاعر آهي، جنهن جي شاعري سراسر هدايت آهي؛ اهو ئي سبب آهي جو شاه صاحب جي شاعريءَ کي هر مڪتب فڪر جي عالمن پڙهيو، پرکيو ۽ اکيڙيو آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته هر عالم پنهنجي ليکي چوکي ۽ سوچ فڪر موجب جاچڻ پرکڻ ۽ ان جي شرح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو شاه جي شاعريءَ جو ڪمال آهي جو ان ۾ هر مڪتب فڪر جو ماڻهو پنهنجي سوچ ۽ فڪر جو اولڙو پسي ٿو؛ پوءِ اهو وحدانيت ۾ محو هجي، رسالت ۾ فنا في رسول هجي، امامت جو قائل هجي، تصوف ۾ نفساني خواهشن جو تارڪ هجي، قومپرستيءَ جو قائل هجي، علم ادب جو حارص هجي، مطلب ته شاه جي شاعري هر مڪتب فڪر جي ماڻهوءَ جي دلين تي راڄ ڪندڙ آهي.
    جيئن قرآن پاڪ ۾ مختلف دورن جي ننڍن ننڍن قصن ۽ ڪردارن جي نقاشي ٿيل آهي، تنهن هوندي به قرآن پاڪ قصا خوانيءَ جو ڪتاب ڪونه ٿو ڀانئجي، بلڪه انهن قصن ذريعي هدايت ڏني وئي آهي. ساڳي انداز سان ڪلام الله جي پيروي ڪندي لطيف سائينءَ به سنڌ جا تاريخي داستان ڏنا آهن جن ذريعي هدايت ۽ فڪر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن قرآن پاڪ جا ترجما يا تشريحون هلندڙ آهن، تيئن هدايت جي ڪتابن جو رستو به رڪڻو ناهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن پاڪ جي ترجمن ۽ تفسيرن جو تعداد ويهي ڳڻجي ته اهڙن ترجمن جو شمار ئي رڳو سوَن جي تعداد ۾ ٿي ويندو. ان هوندي به عالمن ۽ شارحن جي سوچن جا زاويه پيا ٿا مٽجن ۽ ڪوبه ان جي ترجمي يا تفسير يا ان جي اونهائيءَ تائين رسائيءَ جي دعوى نه ٿو ڪري. ان جو اهم سبب اهو آهي ته ان ڪلام الله ۾ دنيا جي هر خشڪ و تر جو ذڪر ٿيل آهي. ان حوالي سان هڪ عالم جي هر علم يا مضمون تي دسترس ته آهي ڪانه! ان لاءِ هر ماهر مضمون ان تي نرالي نظر رکي سگھي ٿو. هڪ طب يا ميڊيسن جو ماهر ان مان نت نوان خيال ۽ سوچون اخذ ڪري اچي ٿو؛ هڪ ڪيميا جو ماهر ان مان پنهنجي علم آهر نوان فارمولا آشڪار ڪري ٿو؛ هڪ طبيعات جو ماهر ان تي نرالي نظر رکي ٿو؛ هڪ رياضيدان ان مان رياضيءَ جا عجيب و غريب انگ اکر ڪڍي ٿو؛ هڪ ماهر نفسيات قرآن پاڪ جي ڏسيل هدايتن مان نت نوان نفسياتي لاڙا ۽ رخ ٻڌائي ٿو؛ فصاحت بلاغت جو ڄاڻو ان جي هر آيت تي ماهرانه راءِ رکي ٿو؛ هڪ صاحب شريعت ان مان اخلاقيات جا نت نوان زاويه سامهون آڻي ٿو: مطلب ته قرآن پاڪ جو اهو معجزو آهي جنهن ۾ هر مڪتب فڪر توڙي علم جو عالم پنهنجي حصي جو درست ڪم ڪندي نت نوان خيال ۽ سوچون اخذ ڪري ٿو.
    لطيف سائينءَ جي ڪلام جو بنياد قرآن پاڪ هجڻ سبب، ان جي ڪلام ۾ به آفاقيت آهي. اڄ سوڌو لطيف سائينءَ جي ڪلام تي هيترو سارو ڪم ٿيو آهي، ليڪن هر ماڻهو پوءِ به اها ئي دانهن ڪري ٿو ته: لطيف جي ڪم تي تحقيق ۽ درست تشريح ٿيڻ گھرجي! اها حقيقت به آهي ته جيڪو لطيف جي شاعريءَ تي ڪم ٿيڻ گھربو هو، اهو درست رخ ۾ نه ٿي سگھيو آهي. لطيف جي شاعريءَ جي شارحن تي سرسري نظر رکبي ته ڏهن کان ويهه شارحن جا نالا ملندا جن باقاعدي ڪم ڪيو آهي، ٻي صورت ۾ موضوع وار ڪم جو ڪاٿو سوَن جي تعداد ۾ ٿيندو.
    هڪ لسانيات جو ماهر پنهنجي مخصوص فن ۽ فڪر سان نرالو ڪم ڪري سگھي ٿو؛ هڪ گرامر جو ماهر ان ۾ گرامر جي اصولن ۽ اصطلاحن موجب ڪم ڪري سگھي ٿو؛ هڪ ٻوليءَ جو ماهر، پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن، محاورن يا ورجيسن جي ڪڙي ۾ رهي ڪري نرالو ڪم ڪري سگھي ٿو؛ هڪ صوتيات جو ماهر، يا هڪ صرفيات جو ماهر، يا هڪ رسم الخطن جو ماهر لطيف سائين جي مختلف قلمي نسخن تي نرالي انداز ۾ تحقيق ڪري سگھي ٿو؛ هڪ ڌنڌن ڌاڙين جو ڄاڻو، پورهيت طبقي جي ويجھو رهندڙ ماڻهو ان حوالي سان ڪم ڪري سگھي ٿو؛ هڪ تاريخدان تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڪم ڪري سگھي ٿو؛ هڪ ماهر معاشيات ان عنوان جي حد ۾ رهي ڪم ڪري سگھي ٿو؛ هڪ نفسيات جو ماهر نفسياتي لاڙن ۽ رخن تي نرالو ڪم ڪري سگھي ٿو: مطلب ته اهڙا ڪيئي موضوع ٿي سگھن ٿا جن تي ڪم ڪرڻ جي نرالي انداز ۾ ضرورت آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سوڌو جن عالمن اديبن ڪم ڪيو آهي، سي پوريءَ طرح مطمئن ناهن ۽ لطيف سائين تي ڪم ٿيندو پيو هلي. ان حوالي سان ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ڪنهن به عالم جو ڪيل ڪم حرف آخر ناهي، هي تحقيق ۽ علم جو ڪم آهي جيڪو اڳئين کان اڳرو ۽ بهتر کان بهتر ٿي سگھي ٿو.
    جس آهي انهن عالمن اديبن کي جن هيل تائين لطيف سائين جي شاعريءَ تي ڪم ڪيو آهي، جن ۾ چند نالا فخر سان وٺي سگهجن ٿا، جهڙوڪ: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڪلياڻ آڏواڻي، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ. آءِ قاضي، علامه غلام مصطفى قاسمي، مسٽر غلام محمد شهواڻي، مسٽر عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محترم ٻانهو خان شيخ، وغيره. ان کان علاوه فڪري طور تي جن ماڻهن ڪم ڪيو آهي تن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر ام قلثوم شاه، محترم بدر ابڙو وغيره جا نالا ڳڻي سگھجن ٿا.
    موضوع مطابق ٽن شاه جي شارحن جي ڪيل ڪم کي سامهون رکي مختصر تقابلي جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي: 1. هوتچند مولچند گربخشاڻي 2. علامه آءِ. آءِ قاضي 3. غلام محمد شهواڻي.
    شاه لطيف جي شاعريءَ تي ڪيل تحقيق يا شرحن مان جيڪا حيثيت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي آهي سا ڪنهن ٻئي عالم ماڻي نه سگھي آهي. هڪ ته ڊاڪٽر گربخشاڻي سنڌي ٻوليءَ جو اهو پهريون ماڻهو هو جنهن شاه جي ڪيل ڪم کي تحقيق جي اصولن تي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن کان اڳ تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ ڪنهن به عالم ڪانه ڪئي آهي. ان کان علاوه سندس تنقيدي مقدمو هڪ وڏو شاهڪار آهي. پاڻ 1947ع کان اڳ شاه جي رسالي جا ٽي جلد ڇپرائي سگھيو، چوٿون جلد ڇپجي نه سگھيو ۽ فيبروري 1947ع تي پرلوڪ پڌاريو. چوٿون جلد بي راه روي جي ور چڙهي ويو، نه ته سندس اولاد سنڀالي سگھيو ۽ نه وري سندس اهم شاگردن مان اهو خيال رکي سگھيا؛ تنهن هوندي به ان اڻپوري شاه جي رسالي کي اڄ به صاحب تحقيق عزت جي نگاه سان ڏسندا آهن.
    سندس ترتيب ڏنل شاه جي رسالي ۾ جيڪو وچور ڏنل آهي، تنهن جو مختصر تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
    جلد پهريون: سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر کنڀات، سر سريراڳ، سر سامونڊي: هن جلد ۾ ڪل پنج سر ڏنل آهن.
    جلد ٻيون: سر سهڻي، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري، سر حسيني: هن جلد ۾ ڪل ڇهه سر ڏنل آهن.
    جلد ٽيون: سر ليلان چنيسر، سر مومل راڻو، سر مارئي، سر ڪاموڏ، سر گھاتو، سر سورٺ، سر ڪيڏارو: هن جلد ۾ ڪل ست سر ڏنل آهن.
    سندس ترتيب ڏنل ٽنهي جلدن ۾ ڪل 18 سر ٿين ٿا، باقي چوٿين جلد ۾ جهڙوڪر 12 سر ٿي سگهن ٿا جيڪي اڄ سوڌو نظر نه چڙهي سگھيا آهن، تنهن لاءِ ان جي سرن ۽ تعداد بابت ڳالهائڻ اجائي ڳالهه ٿي پوندي.
    سندس موجود ٽنهي جلدن ۾ پهرين ڪنهن به سر جي حوالي سان شاه سائينءَ جا بيت داستان وار ڏنل آهن، انهن بيتن واري صفحي جي فوٽ نوٽ ۾ جيڪي شاه جا رسالا پنهنجي تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ ۾ آندا اٿس، سي هيٺين ريت ڏجن ٿا:
    بل = بلڙيءَ وارو قلمي نسخو
    بم = بمبئيءَ وارو سنگي ڇاپو.
    ڀٽ = ڀٽ وارو قلمي نسخو.
    ٽر = ٽرمپ صاحب وارو ڇاپو.
    مير = مير عبدالحسين ٽالپر وارو قلمي نسخو.
    ميوز = برٽش ميوزيئم لنڊن وارو قلمي نسخو.
    بيت ۽ ان جي تقابلي ڇنڊ ڇاڻ بعد ان سر جي تشريح داستان جو پس منظر ڏنل آهي ۽ داستان وار لفظن جي معنى ۽ تشريح ڏنل آهي. اهڙي انداز سان پورو رسالو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ افسوس جو ڪل 18 سر منظر عام تي اچي سگهيا؛ بقايا سرن جو تفصيل اڄ سوڌو معمو بڻيل آهي.
    آنجھاني ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو شاه سائينءَ جي حوالي سان تنقيدي مقدمو هڪ شاهڪار آهي، جنهن کي الڳ سان ڪتابي صورت ۾ ڇاپيو ويو هو، بعد ۾ ٽن جلدن ۾ سهيڙيل شاه جي رسالي اڳيان مقدمي جي حيثيت ۾ ڇاپيو ويو. ڊاڪٽر گربخشاڻي اهو پهريون ماڻهو هو جنهن شاه جي شاعريءَ تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جو رواج وڌو.
    علامه آءِ. آءِ قاضي سنڌ جو اهو عالم هيو جيڪو نئين سنڌ جي جوڙ جڪ ۽ تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ پاڻ موکيو. سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ بعد نئين سنڌ جي تعليمي ۽ ادبي ماحول کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ارپي ڇڏيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ سرڪرده حيثيت جي صورت ۾ شاه جي شاعريءَ تي به ڪم ڪيائين، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو.
    علامه قاضي صاحب جيڪو شاه جو رسالو ترتيب ڏنو ان ۾ ڪل 29 سر ڏنل آهن، جنهن ۾ سر ڪيڏارو ڄاڻايل ڪونهي. جنهن ۾ سندس خيال هيو ته اهو سر شاه جو چيل ڪونهي بلڪه فتح فقير ۽ احسان فقير جو ٿي سگھي ٿو. سندس ترتيبيل رسالي جو انداز ائين آهي جو سر ۽ داستان وار شاه جا بيت ڏنل آهن، ۽ انهن لفظن جي معنى ۽ مفهوم الف بي وار ’معنى جي پٽي‘ جي عنوان سان آخر ۾ ڏنل آهي؛ جڏهن ته شاه جي شاعريءَ جي حوالي سان ڪو مقدمو ڄاڻايل ڪونهي. علامه صاحب جيڪو فڪري طور تنقيدي ڪم ڪيو هو، سو البته مقدمي جي حيثيت سان نئين ڇاپي ۾ آڻجي ته تمام بهتر ٿيندو.
    سندس رسالي جي خاص ڳالهه اها به آهي ته سندس رسالي جي آخر ۾ سر سهڻي ڄاڻايل آهي، جنهن لاءِ مرحوم قاضي صاحب جو خيال هيو ته سر سهڻي ڀٽ ڌڻيءَ جي فڪري ۽ خيال جي اڏام جو بهترين مثال آهي؛ هن سر ۾ شاه سائين جا خيال ٻين سرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پختا ۽ زوردار آهن.
    غلام محمد شهواڻي صاحب هڪ بهترين استاد هيو، نور محمد هاءِ اسڪول جو به هيڊ ماسٽر رهيو. هن بزرگ علمي ۽ ادبي طور تي هڪ بهترين استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو، جنهن ۾ شاه جو رسالو سندس شاهڪار ڪم آهي.
    سندس ترتيبيل رسالي ۾ ڪل 30 سر ڏنل آهن، سرن کان اڳ پنجن فصلن ۾ مقدمو پيش ڪيو اٿس جيڪو ڪافي معياري آهي. سرن جي شروعات ۾ سر بابت معنى مفهوم يا ان جو پس منظر به ڏنل آهي. صفحي تي ڏنل بيتن جي نون لفظن جون معنائون ۽ وضاحتون ڪلياڻ آڏواڻيءَ جيان فوٽ نوٽ واري هنڌ ڏنل آهن.
    ٽنهي شارحن جي ڪيل ڪم تي نظر ڌرڻ سان جيڪو اهم تضاد سامهون اچي ٿو سو آهي ’سر ڪيڏاري‘ جو! ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ به ان سر کي بٺيءَ ۾ آڻي ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڇهه داستان ڏنا آهن. غلام محمد شهواڻيءَ به ڇهه داستان ڏنا آهن، ليڪن انهن ۾ ڪي بيت تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ تحت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ رد ڪيا آهن.
    علامه آءِ. آءِ قاضي مورڳو ان خيال جو هيو ته ’ڪيڏارو‘ شاه سائينءَ جو آهي ئي ڪونه! جن بزرگن شاه جي شاعريءَ تي ڪم ڪندي سر ڪيڏاري کي رد ڪيو تن ۾ علامه عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه قاضي ۽ بعد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جن جا نالا آڏو اچن ٿا.
    جن بزرگن سر ڪيڏاري کي شاه جي ڪلام ۾ بحال رکيو، تن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمد شهواڻي، مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفى قاسمي، ٻانهون خان شيخ وغيره. علامه قاسميءَ ان بابت وچٿري راءِ رکي ته: ”هن سر جا گھڻا بيت احسان فقير جا چيل آهن“ (قاسمي، 1951ع: 237)
    هت صرف شاه لطيفؒ جي سر ڪيڏاري تي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي، جيڪو ڪافي ان ڇڪتاڻ ۾ رهيو آهي ته اهو واقعي به شاهه صاحب جو آهي يا ماڳهين ٻين بزرگن جو! ان حوالي سان ڊاڪٽرگربخشاڻيءَ باقائده تحقيق وَ تنقيد جي اصولن موجب سر ڪيڏاري تي ڪم ڪندي ڪافي بيت ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٻين سالڪن جا بيت ڪڍي باقي بيت پنهنجي نسخي ۾ شايع ڪرائي، ابتدائي ڪوشش ورتي. ان وقت سندس شاگرد ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي سر ڪيڏاري تي ساڻس بحث مباحثه ڪندو رهيو ۽ ان ڳالهه تي بضد رهيو ته سر ڪيڏارو شاهه لطيف جو چيل ئي ڪونهي، اهڙي راءِ رکندڙن ۾ علامه آءِ. آءِ قاضي، مولانا دين محمد وفائي، علامه غلام مصطفى قاسمي ۽ عصرِ حاضر جو محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شامل آهن.
    مولانا دين محمد وفائي’لطف اللطيف‘ ۾ ص: ۱۴۱ تي لکي ٿو ته: ”۔۔۔۔سرڪيڏاري بابت يقيني طرح چئي نه سگھبو ته ڪو شاهه جو چيل آهي، پر جيڪڏهن هيئن چيو وڃي ته شاهه صاحب جو چيل ئي نه آهي ته ڪنهن حد تائين درست آهي.“ (وفائي: 141)
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ دؤر جديد ۾ ’شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام‘ تي ۱۰هن جلدن ۾ تحقيقي ڪم ڪيو آهي، سو پڻ لکي ٿو ته: ”۔۔۔۔ٻيو ته سر ڪيڏاري بابت اڳين عالمن جي ڏنل راين مان گھڻي حد تائين اها تصديق ٿي ته رسالي (بمبئي ڇاپي) ۾ شامل ڪيڏاري جا بيت شاهه جا چيل ناهن، پراها صفائي نه ٿي سگھي ته ڪنهن جا چيل آهن. البته مير عبدالحسين خان سانگيِءَ لکيو ته ’بمبئي ڇاپي وارو داستان ڇهون، فتح فقير جو چيل آهي.‘ موجوده تحقيق دوران پوري تصديق ٿي ته سر ڪيڏاري جا بيت، هالن پراڻن جي قادري طريقي جي شيخ ۽ مرشد سيد عبداللطيف ۽ سندس فقيرن چيا ۽ گھڻي ڀاڱي اهي احسان فقير لانگاهه چيا، سيد عبداللطيف هالن پراڻن ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ولادت کان ۲۷سال اڳ وفات ڪئي.“ (بلوچ، 1998ع: 48)
    اهڙي قسم جي جرحن ۽ تحقيق وَ تنقيد جو بنياد ميرعبدالحسين خان سانگيءَ جي ان ڳالهه کي بڻايو ويو، جنهن اها تصديق ڪئي هئي ته: ” بمبئي ڇاپي وارو آخري (ڇهون) داستان فتح فقير جو چيل آهي.“ مير سانگي مرحوم بنيادي طور مذهب اهلبيت سان واسطو رکندڙ هو، ان جو اهو بنياد وٺي ته هو مذهب اهلبيت جو هوندي به لکي ٿو ته آخري داستان فتح فقير جو چيل آهي ته ان چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه ٿيندي ته سر ڪيڏارو ئي شاهه لطيف جو چيل ناهي، بلڪه ممڪن ئي ناهي؛ ان بنياد تي علامه آءِ. آءِ قاضي۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جاکوڙي انداز سان سر ڪيڏاري کي شاهه جي رسالي مان رد ڪيو.
    ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ رواجي نسخن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري چند بيت تحقيق جي بنياد تي رد ڪندي باقي سر ڪيڏاري ۾ بحال رکندي لکي ٿو ته:” ڪن صاحبن جو رايو آهي ته هي سر شاهه جو ڪلام ناهي، مگر احسان فقير جو چيل آهي، جيڪو شاهه جو همعصر هو؛ شاهه جي رسالي ۾ انهن جي هڪ نه ٻي مصرع ۾ ’احسان سين‘ لفظ آهن، هي صاحب چون ٿا ته اهي لفظ اصل ۾ ’احسان چوي‘ آهن، مگر رسالي ۾ بدلائي ’احسان سين‘ ڪيا ويا آهن، انهيءَ دعوى جي ٻي ڪابه شاهدي ڪانهي، احسان فقير به امامن جي شهادت بنسبت گھڻيئي بيت چيا آهن، مگر عبارت توڙي خيالي قوت ۾ اهي شاهه جي بيتن سان مٽ پئي نه سگھندا.“ (گربخشاڻي، 1996ع: 664)
    هوبهو ساڳيو رايو شارح غلام محمد شهواڻيءَ بغير تحقيق جي رکيو، باقي اڳتي ايترو ضرور لکيو اٿس ته: ” ڪي صاحب شايد شاهه کي صرف سُني ثابت ڪرڻ جي خيال کان سر ڪيڏارو شاهه جو ڪلام ڪري نه ٿا مڃين، اها هنن جي تنگ دلي آهي، شاهه فرقي بازيءَ جي فتني کان گريز ڪندو هو.“ (شهواڻي، 1961ع: 921)
    سر ڪيڏاري کي شاه جو تسليم نه ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به ڄاڻايو ويندو آهي ته شاه جو اڪثر ڪلام ڄاڻايل هنڌن تي وڃي ذاتي مشاهدن تي مبني آهي؛ جڏهن ته شاهه لطيف ڪربلا ويو ئي ڪونه هو ۽ نه وري ڪو خيال هيس! اهڙي ڳالهه مير عبدالحسين سانگيءَ جي ”لطائف لطيفي“ جي حڪايت ۱۸ ۾ ملي ٿي ته : ”ان ڪربلا جي سفر (کي ترڪ ڪري پنهنجي مريد) کان موٽڻ بعد فقيرن کي فرمايائون ته جنهن کي به اڇا ڪپڙا آهن، اهو رنگين ڪري ۽ ڪارو پٽڪو ٻڌي. پاڻ به رنگين ڪپڙا پهريائون. ”سر ڪيڏارو“ جيڪو خاص امام عليه السلام جي ماتم ۽ غم ۾ آهي، چيائون ۽ فقيرن کي فرمايائون: سيد الشهداء (امام حسين عليه السلام) جي زيارت ته ڪانه ٿي سگھي، پر اسان جي سچي دل سان اسان کي زيارت جو شرف حاصل ٿيو. ان ڪري اوهان تي ڪيڏارو چوڻ ، انهن جي ياد ۾ روئڻ ۽ محبت رکڻ لازم آهي. توهان کي انهن جي صدقي الله تعالى بخشيندو. ان ڪري هينئر به فقير ڪيڏارو ضرور چوندا آهن ته ڄڻ ماتم واقع ٿو ٿئي. ۽ ڪيڏارو لطيف جو چيل آهي، پر ان جو آخري داستان ”فتح فقير“ جو چيل آهي، جو اهو به شاعر هو. ان جي ئي التجا تي ئي ان داستان کي فقيرن ياد ڪيو ۽ آخر رسالي شريف ۾ داخل ڪيائون. داستان جي شروعات جو بيت هي آهي، جيڪو فتح فقير جو چيل آهي:
    ڪونر قلعي جا ڪوڏيا! جانڪيتائين جيءُ،
    مـــــــٿان اڙن اســـــري، رڪ پيـــــالو پـــــــيءُ،
    ڳاه ڳجھـــن جـــو ٿــيءُ، ويٺي جن ورهه ٿـيا. “ (سانگي، 1986ع: 86، 87)
    ساڳي روايت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ’رسالي جو ڪلام‘ جي مقدمي ۾ نقل ڪئي آهي جتي اهم فقري کي ٽٻڪن ۾ رکيو ويو آهي، اُها اِها ته: ”سر ڪيڏارو جيڪو خاص امام عليه السلام جي ماتم ۽ غم ۾ آهي، چيائون ۽ فقيرن کي فرمايائون: سيد الشهداء (امام حسين عليه السلام) جي زيارت ته ڪانه ٿي سگھي، پر اسان جي سچي دل سان اسان کي زيارت جو شرف حاصل ٿيو. ان ڪري اوهان تي ڪيڏارو چوڻ ، انهن جي ياد ۾ روئڻ ۽ محبت رکڻ لازم آهي. توهان کي انهن جي صدقي الله تعالى بخشيندو.“ ۽ اها جرح ڪئي اٿس ته ”غور ڪرڻ سان مير سانگي جي نقل ڪيل هيءَ روايت نهايت ڪمزور نظر اچي ٿي: جيڪي چيو ويو آهي سو نه شاهه صاحب جي شان وٽان آهي، ته نه وري ان مان ڪيڏاري جو شاهه جو چيل هجڻ ثابت ٿئي ٿو. هڪ ته مير سانگي اهو ڪونه لکيو آهي ته هيءَ روايت ساڻس ڪنهن بيان ڪئي: ڄڻ ته سندس هن روايت جو ڪو راوي ئي ڪونهي. شاهه صاحب ڪربلى معلى وڃڻ جو پوري سڪ سان ارادو ڪيو ۽ ڀٽ تان روانو به ٿيو: بيشڪ اهو هڪ اعلى مقصد هو؛ پر سڄي رسالي ۾ شاهه جي ڪلام ۾ جيڪا ترغيب ڏنل آهي سا هي آهي ته جڏهن ڪو اعلى مقصد سامهون هجي ته تتي ٿڌي ڪاهجي ۽ ضرور ان تائين پهچجي. شاهه جي ڏنل تعليم ۾، وچ مان ورڻ ۽ واٽ تان موٽڻ هڪ وڏو عيب آهي. ’موٽڻ‘ واري مصلحت ٻڌڻي ئي ڪانهي!
    موٽڻ جي مصلحت، مونکي ڏئو مَ جيڏيون
    موٽڻ بدران بهتر ته موٽڻ کان اڳ ماڻهو مري وڃي:
    موٽي مران ماء ، موٽڻ کان اڳ مران.
    ڪربلا جو ارادو ڪري هلڻ ۽ اچانڪ واٽ تان وري اچڻ شاهه صاحب جي اعلى ڪردار توڙي رسالي ۾ ڏنل سندس تعليم ۽ ترغيب جي ابتڙ آهي.“ (بلوچ، 1996ع: 20- 21)
    ڄاڻايل جرح جو انداز مُلاپَڻ وارو آهي، ڇوته هي تصوف آهي، روحانيت آهي، روحاني ڪيفيتن جي آمد وَ رفت آهي. فقيرن وٽ روحاني ديدار يا ميلاپ جي وڏي اهميت آهي؛ جڏهن ته شرعي ليکا ظاهر تي آهن، ان ليکي تحت روحاني خواب جي به شرعي ڪا حيثيت ڪانهي. جڏهن بيان ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”سيد الشهداء (امام حسين عليه السلام) جي زيارت ته ڪانه ٿي سگھي، پر اسان جي سچي دل سان اسان کي زيارت جو شرف حاصل ٿيو.“ ته ڊاڪٽر بلوچ جي ڪيل جرح ڪا معنى نه ٿي رکي. هي شاعريءَ جون ڪيفيتون آهن: ڪڏهن سسئي جي وڇوڙي جي صورت کي سونهن بخشيل آهي، ته ڪڏهن وري ڪو وجود نه هوندي به وصال جي اپٽار آهي:
    ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ ملان هوت.
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
    يا وري لطيف سائين ڪنهن مهل ستل سسئي پيو چِٽي، ته ڪنهن ويري سجاڳ سسئي جا ورلاپ پيو واري:
    توکي ڳَهَرَ ڳرو ڪِئو، هوء ٿا هوت هلن.
    مٺيس جھل مهار، ڪٺيس ڪاهه مَ ڪرهو.
    هاڻ جي انهن ڪيفيتن کي ويهي مُلن جيان جاچبو ته سڄي رسالي تان هٿ کڻڻو پوندو! اهڙو مُلاپڻ وارو اظهار علامه عثمان علي انصاري صاحب ۱۹۴۴ع ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ ادبي ڪانفرنس ۾ پڻ هيئن ڪيو هو ته: ”بيت نه ڀانيو ڀائرو، آيتون آهين، نيو من لائين پريان سندي پار ڏي‘. اهو به بيت شاهه جو ناهي. جيڪڏهن شاهه لطيف پنهنجي بيتن کي قرآن جون آيتون ٿو ڪوٺي ته اهو ڪلام اسانکي نه کپي.“ (انصاري، 1988ع: 41) پر جيئن ته هي روحانيت جو پَهو پيچرو آهي، انلاٰءِ فڪر جا انداز به اهڙا رکڻا پوندا.
    شاهه جو موجوده شارح ٻانهو خان شيخ ڪيڏاري کي شاهه صاحب جو مڃيندي، اهڙن مڙني مفروضن کي رد ڪري ٿو، جيڪي دليل ڄاڻي حرف آخر طور مڙهيا ويا آهن، مثال: ” مرحوم مير عبدالحسين سانگيءَ جي روايت ته سن ۱۲۵۰هه يا ان کانپوءِ شايع ٿيل شاه جي رسالن جي آخري داستان وارا بيت (جن جو عدد ۱۹ آهي) فتح فقير جا چيل آهن، پڻ بي بنياد آهي ڇاڪاڻ ته اهي سڀيئي بيت سن۱۲۰۷هه ۾ لکيل گنج شريف ۾ موجود آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي هڪ تقرير ۾ جنهنجو خلاصوتاريخ ۱۲‐اپريل ۱۹۹۵ع واريءَ عبرت اخبار ۾ شايع ٿيو هو، اظهار ڪيو هو ته شاهه صاحب جي رسالن ۾ درج ٿيل سر ڪيڏارو هالن پراڻن جي هڪ سيد عبداللطيف حسنيءَ جو چيل آهي جيڪو شاهه صاحب کان. آڳاٽي دؤر جو شاعر هو ۽ سر ڪيڏارو اڃا تائين ان سيد جي درگاهه تي ڳايو ويندو آهي
    ( جڏهن ته مرحوم محمد صالح ڀٽيءَ هالن پراڻن واري جو چوڻ هو ته احسان فقير جي پڙ تي ڳايو ويندو هو ) پر سن ۱۴۱۷هه / ۱۹۹۶ع ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڇپايل ڪتاب ”شاهه جو رسالو _ رسالي جو ڪلام“ جي صفحي ۸۱۱ تي ڄاڻايو ويو آهي ته رسالي ۾ شامل ڪيڏاري جا گھڻا بيت قادري طريقي جي شيخ ۽ مرشد سيد عبداللطيف (پراڻا هالا) جي فقيرن چيا ۽ گھڻي ڀاڱي اهي احسان فقير لانگاهه چيا. مسٽر ايس. تبسم لطيفؒ سائين جي ۲۳۸ ورسيءَ جي موقعي تي رسالي ”نذر لطيف“ ۾ شايع ٿيل پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ’شاهه جي رسالي ۾ درج ٿيل سر ڪيڏاري ۾ ڪل ۷۳ بيت آهن جن مان ۴۳ بيتن جي لاءِ خود شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ صاحب جي راءِ هئي ته شاهه صاحب جا چيل ناهن باقي ۳۰ بيتن مان ۱۲ بيت شاهه صاحب جي هم عصر ٿرپارڪر جي مشهور شاعر صوفي فقيرن جي جد امجد صادق فقير جي رسالي ۾ موجود آهن ۽ رهيل ۱۸بيتن کي جي تحقيق جي ڪسوٽي تي پرکبو ته اورئي نظارو پسبو. هن وڌيڪ چيو آهي ته شاهه جي رسالي ۾ هر سر ۽ هر سر جي هر داستان ۾ شاهه صاحب جو نالو يا تخلص موجود آهي مگر سر ڪيڏاري جي ڪنهن به هڪڙي بيت ۾ شاهه صاحب جو نه نالو آهي ۽ نه تخلص.‘ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ’فقير صاحب صوفي محمد صديق جو راڳنامون‘ جي مقدمي ۾ ڄاڻايو آهي ته فقير صاحب ڀٽائي صاحب جي وفات کان پنج سال پوءِ ۱۱۷۰ هه ۾ ڄائو هو، ۽ چاليهن سالن کانپوءِ فقيريءَ ڏانهن مائل ٿيو، اهو سن ۱۲۱۰ هه کان پوءِ چيو هوندو، جڏهن ته سر ڪيڏارو سن ۱۲۱۰ هه تائين شاهه صاحب جي رسالن جي پراڻن نسخن ۾ درج ٿي چڪو هو. صوفي صاحب جي رسالي ۾ ايس تبسم صاحب جا ڄاڻايل ۱۲ بيت به انهن پراڻن رسالن ۾ اڳيئي درج ٿي چڪا هئا. وري جيتريقدر سر ڪيڏاري ۾ ڪنهن به بيت يا وائي ۾ شاهه صاحب جي نالي يا تخلص نه هجڻ جو تعلق آهي، ان جو اهو جواب ڪافي ٿيندو ته شاهه صاحب جي مختلف رسالن ۾ هزارين بيت آهن جن مان صرف ڪن سَوَن بيتن ۾ شاهه صاحب جو نالو يا تخلص آهي پر کاهوڙيءَ جي سڄي سر جي ڪنهن بيت يا وائيءَ ۾ شاهه صاحب جو نالو يا تخلص ڪونهي. اهڙيءَ طرح سر رپ جي ڪنهن به بيت ۾ نالو يا تخلص ڪونهي. وري ايئن چوڻ ته شاهه صاحب جي رسالن ۾ درج ٿيل سر ڪيڏارو احسان فقير لانگاهه جي پڙ تي يا سيد عبداللطيف حسني/ قادريءَ جي درگاهه ته ڳايو ويندو آهي، تنهنڪري انهن بزرگن سان نسبت رکي ٿو، ناڪافي ۽ نامناسب آهي. ڊاڪٽر بلوچ صوفي فقير جي راڳنامي جي صفحي ۱۱ تي لکيو آهي ته:’صوفي صاحب شاهه جي رسالي مان گھڻو ڪلام پنهنجي مرشد جي درگاهه جھوڪ شريف تي ڳارايو‘ جنهن جو اهو مطلب نه ٿيندو ته اهو ڪلام صوفي صاحب يا ان جي مرشدن ڏانهن منسوب ڪجي. وڏي تپرس جي ڳالهه اها ٿيندي ته شاهه صاحب سر رامڪليءَ ۾ هندو جوڳي فقيرن، سر ڏهر ۾ ڪڇ جي لوڙائو ۽ ڌاڙيل لاکي ڦلاڻيءَ ۽ سر گھاتوءَ ۾ مورڙي مهاڻي ۽ ان جي ڀائرن جي ڪن خوبين کي ساراهي پر حضرت امام حسين ۽انجي خاندان جن دين اسلام کي زندهه رکڻ لاءِ هيڏي قرباني ڏني، ان لاءِ ڪجھ به نه چوي.“ (ٻانهو، 2000ع: 26، 27، 28)
    احسان فقير جي سر ڪيڏاري جي مطالعي مان ايترو اخذ ضرور ٿئي ٿو ته هن جي ڄاڻايل مواد ۾ شاعري جا مختلف انداز آهن، جنهن مان اهو گمان ٿئي ٿو ته سندس پڙ تي ڳائڻ جي حوالي سان ڪيڏاري جا بيت هِتان هُتان گڏ ڪري ڳايا ويا هجن يا ڳائيندا هجن؛ ڇو ته پڙن جو اڪثر اهو ئي ماحول هوندو آهي، اهميت صرف محرم جي حوالي سان ڪربلا جي ياد کي تازو ڪرڻ ئي هوندو آهي. اهڙن مختلف شاعريءَ جي اندازن جي بنياد تي سڄي شاعريءَ کي ڏانهس منسوب ڪونه ڪبو. سندس هن نظم معرى جي اسلوب کي ڏسو جيڪو سندس الف اشباع جي نوعيت جي بيتن مان هڪ آهي:
    انهيءَ اونهي سر جي _ ڪـــــــل نه پــــــــوي ڪا
    ذرو ڪـــــــــو ظاهر ٿيو _ منجھ روضه الشـهداءَ
    حضرت مير حسين تولد ٿيو _ موچارو مقبولا
    رسول ڪريم سڪر ڏني _ ســــــرنهاري سهجا
    تان اڀنـــــئان لهــــــــي آئيو _ ملــــــڪ جبــــرائيلا
    انهـــــــيءَ پــــــر احســــــان چئــي _ حقيقــت حـالا
    مٺي ماٺ جڳائي _ ڪڇــــــــڻ آهي ڪـــــينڪي. (ڀٽي، 1965ع: 24)

    ايترن حوالن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد ايترو اندازو ضرور ٿئي ٿو ته شاهه جو ڪيڏارو مذهبي ڪٽرپڻيءَ جي ور چڙهيل آهي، پوءِ ڪٿي احسان فقير جو نالو ته ڪٿي فتح فقير، ته ڪنهن مهل سيد عبداللطيف هالن پراڻن واري جو نالو، مطلب ته رڳي اها راءِ بيهارڻ ته سر ڪيڏارو ماڳهين شاهه لطيف جو ناهي يا ڪو هڪ بيت به ڪيڏاري جي حوالي سان ڏانهس منسوب نه ڪرڻ، سراسر ڏاڍائي آهي _ ڪٽرپڻي آهي. مولانا وفائي جي راءِ: ”پر جيڪڏهن هيئن چيو وڃي ته شاهه جو چيل ئي نه آهي، ته ڪنهن حد تائين درست آهي،“ جي موٽ ۾ مرزا ڪاظم رضا بيگ ’سنڌي مرثئي جي اوسر‘ واري مضمون ۾ ڄاڻايو آهي ته ” مگر اهو سراسر غلط ۽ بي بنياد بهتان آهي، جناب ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق مطابق سر ڪيڏارو شاهه صاحب جو ئي چيل آهي.“ (مرزا، 1986ع: 18)
    جڏهن ته دؤر جديد ۾ نئين سر تحقيق موجب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سر ڪيڏاري کي شاهه جو ڪلام مڃڻ کان نابري واري بيٺو آهي، حالانڪه ٿيڻ ائين کپندو هو ته سواءِ مستند ڇاپي يا قلمي بياض جي، بيتن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ خيالن جي پرواز ۽ لفظن جي ترڪيبي پختگيءَ کي به بنياد بڻائجي ها! ۽ اهڙا اصول يا معيار متعين به ڪيا ويا، ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي ڄاڻائڻ موجب: ”اهي معيار يا بنياد، جن کي ڪسوٽي بنائي اهو فيصلو ڪري سگھجي ٿو، يا ڪيو ويو آهي، ته هيءُ شاهه جو ڪلام آهي ۽ هيءُ شاهه جو ڪلام ناهي، سي ڊاڪٽر صاحب هيٺينءَ ريت مقرر ڪيا آهن:
    مطالعي هيٺ آيل رسالن جي تعداد جو معيار.
    رسالن جي قدامت جو معيار.
    رسالن جي ڀيٽ جو معيار.
    ٻوليءَ جو معيار.
    شاعريءَ جو معيار.
    اعلى فهم ۽ فڪر جو معيار.
    انهن معيارن کي ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت استعمال ڪيو ويو آهي، ان وضاحت جي هتي گنجائش ناهي، البت ڊاڪٽر صاحب پنهنجي طرفان انهن جي ڪافي وضاحت ڪري ڇڏي آهي. ليڪن ڪنهن به محقق يا تنقيد نگار کي انهن معيارن کي ئي جاچڻو پوندو يا انهن تي تنقيدي نظر وجھڻي پوندي ته اهي ڪهڙي لحاظ کان گھٽ وڌائيءَ جو شڪار آهن يا انهن ۾ ڪهڙي تبديلي ڪري انهن کي بهتر ڪري سگھجي پيو! (سومرو، 2005ع: 21)
    جڏهن اعلى فهم ۽ فڪر جي معيار کي آڏو رکيو ويو ۽ بيتن کي سندن داستانن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويو ته سسئيءَ جي سرن جا ههڙا بيت به رد ٿيڻ کپندا هئا، جيڪي فڪر جي لحاظ کان ڪيڏاري جي ڏانءَ وٽان آهن، مثال:
    اکــين ڪين ڪيو، جــــو رت نه رنـــــائون،
    پــلاڻــيـندي پــرين کــــــي، بيٺي ڏٺـــائـــون،
    انهن اکين کي آئون، ڪجل ڪهڙو پايان.

    مٺيس جھل مهار، ڪٺيس ڪاهه مَ ڪرهو،
    مون نماڻيءَ جي نجھري، ڀيــــرو ڪج ڀتار،
    ساجن! توهـــــان ڌار، ڏٺــم ڏينهن قيام جو.

    الله ڪارڻ اوٺيا، ڪرها مَ ڪاهيو،
    جانب جڏي جـــــيءَ جو آڳاندو آهيو،
    لاڳاپو لاهيو، متان منهنجو، سپرين.

    اکين ڪين ڪيو، رت نه رنائون،
    اُڀـــي ڏٺائـــــــون، ڦوڙائــبا سپرين.
    مذڪوره بيتن ۾ سجاڳ سسئي آهي، جيڪا دل گھرين کي اکين سان پلاڻيندي ڏسي ٿي ۽ روڄ راڙو ڪري ٿي، جڏهن ته عام رواجي قصي واري سسئي ته ستل ۽ غافل هئي: ”ستينءَ سنجھيئي، مُههُ ويڙهي مئن جيئن.“ مقصد ته چند بيت تحقيق جي بنياد تي ضرور رد ڪري سگھجن ٿا، ليڪن ڪيڏاري کي چڪي بڻائي پاڙون پٽڻ لاءِ تاويلون ڪرڻ مذهبي ڪٽرپڻي آهي.
    شاهه لطيف جي فڪر ۽ ڳوڙهائي جي بنياد تي سندس ڪلام جي پختگيءَ واري ڪسوٽيءَ تي جاچي ڏسجي ٿو ته سر ڪيڏاري کي لطيف جو ڪلام مڃڻ لاءِ لاچاري ٿي پوي ٿي. هن سر جي بيتن ۾ جيڪڏهن سندس شاعراڻي خوبين جي وسعت محسوس ٿئي ٿي ته ان چوڻ ۾ ڪوبه حرج نه ٿيندو ته هي سر سندس ئي چيل آهي؛ ڇوته احسان فقير، فتح فقير يا سيد عبداللطيف هالن پراڻن وارو ته ٺهيو _ جن جو ڪلام عام تائين به رسيل ناهي _ پر سنڌ جي هفت زبان ( بلڪه چار ٻولين جو ) شاعر سچل سر مست جي شاعري به فلسفي جي ڳوڙهائيءَ ۽ پختگيءَ جي حوالي سان برميچي نه ٿي سگھجي، شاهه لطيف فرمائي ٿو:
    چار ترارون چيلهه ســـين، ٻـــڌي ٻه پاڳـــون،
    اڳين جون آڳون، ڪَونرَ ڪلي ۾ موکيون.
    هن بيت ۾ چئن ترارن مان مراد : چئني آسماني ڪتابن جو علم ۽ ٻن پڳن مان مراد: هڪ نبوت، ٻي امامت. يعني ناني ۽ پيءُ جون ذميواريون (ڇو ته، حديثن ۾ سورة ڪوثر جي روشنيءَ ۾ اچي ٿو ته ”منهنجو اولاد عليءَ جي صلب مان ٿيڻو آهي ) ۽ آڳ مان مراد : راند جو وارو، داءُ. مقصد ته جن نبين پنهنجين آزمائشن ۾ ڇوٽڪاري لاءِ دعائون گھريون، تن جو آڳون به امام حسينؑ ڪربلا جي ميدان ۾ ادا ڪري انسانيت ۽ دين الاهيءَ جو مان مٿاهون ڪيو. حضرت ابراهيمؑ پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لاءِ اکين تي پٽي ٻڌي، ته متان الله جي راهه ۾ خون جو رشتو حائل ٿئي. حضرت ايوبؑ جو صبر ۽ استقامت عالم آشڪار آهي، پر جڏهن برپٽ بيابان ۾ ڏيهه نيڪاليءَ جي حالت ۾ سندس گھر واريءَ گذرندڙ قافلي کان، ايوب جي گھر واري ڏَسڻ ۽ ڪم ڪار ڪرڻ عيوض، کاڌ خوراڪ لاءِ چيو، تن تصديق لاءِ کيس ”سونهري وار“ ڏيکارڻ لاءِ چيو، بي بي صاحبه مڙس کان اهڙي اجازت نه وٺڻ جو عذر ڏيکاريو، ۽ جڏهن اهڙي ڄاڻ حضرت ايوبؑ تائين پهچايائين، ته نبي سڳورو اهو ٻڌي غيرت ۾ گوڏن تائين واريءَ ۾ لهي ويو ۽ پوءِ الله کان اهڙين مصيبتن کان ڇوٽڪاري لاءِ دعا گهريائين:
    ” رَبَهٗ اَنِّي مَسَنّيَ الضُّرُّ وَ اَنتَ اَرحَمُ الرّاحِمِين.“
    ڪربلا ۾ اهڙين مصيبت ڀرين آزمائشن جي تڪميل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جتي امام حسين پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن جي خون سان دين جي آبياري ڪري، پنهنجي انا، ظاهري عزت ۽ رتبو تڇ ڀانئي، پنهنجي ناني جو شان بلند ڪيو. (جوکيو، 2008ع: 26- 27)
    ڏاڙهي رت رتــياس، ڏند ته ڏاڙهــــونءَ گل جيئن،
    چـــوڏهين مـــاهه چـــــنڊ جــــنءَ، پـــــڙ ۾ پاڳــڙياس،
    مـــــيڙي ۾ محــــمد جـــي، مَـــــــرُ مُرڪـــي مــــاس،
    تنهن سورهيه کي شاباس، جو مٿي پڙ پرزا ٿئي.




    حوالاتي ڪتاب:

    1. انصاري عثمان علي (1988ع) سر ڪاموڏ- احمد خان مصراڻي- ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد _
    2. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (1996ع) شاهه جو رسالو۔۔۔شاهه جو ڪلام _ جلد ڏهون _ علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد
    3. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر- (1998ع ) شمارو 67، شاهه جي رسالي متعلق تحقيقي رٿا جي تڪميل- ماهوار ’السنڌ‘ اسلام آباد-
    4. ڀٽي محمد صالح مخدوم هالائي (1965ع) ڪيڏارو _ محمد يوسف اينڊ برادرس حيدرآباد.
    5. جوکيو الطاف حسين- (2008) سر ڪيڏارو ۽ شاه لطيف- سر ڪيڏارو- سياحت ۽ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.
    6. گربخشاڻي هوتچند ڊاڪٽر (1993ع) شاهه جو رسالو _ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
    7. سومرو عبدالغفار ڊاڪٽر- (2005ع) سيارو، سماهي مهراڻ -سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
    8. شهواڻي غلام محمد (1961ع ) شاهه جو رسالو _ آر. ايڇ احمد حيدرآباد
    9. شيخ ٻانهو خان (2000ع) شاهه جو رسالو _ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي _ جلد پهريون
    10. قاضي آءِ. آءِ علامه- (1993ع) شاه جو رسالو- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    11. مير عبدالحسين سانگي (1986ع ) لطائفِ لطيفي _ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد
    12. مرزا ڪاظم رضا بيگ- (1986ع) سيپٽمبر، سنڌي مرثيه جي اوسر- ماهوار پيغام، اطلاعات کاتو ڪراچي.
    13. وفائي دين محمد مولانا _ لطف اللطيف _ ص: 141
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: شاه جي ٽن شارحن جو مختصر جائزو.

    ادا ڪاشف مهرباني اوهان جي جو اهڙو ٽاپڪ شيئر ڪيو اوهان
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاه جي ٽن شارحن جو مختصر جائزو.

    هڪ ٻيو ڪارائتو ليک ونڊ ڪري ادي ڪاشف ته اصل ٿورائتو ڪري وڌو آهي ۔۔۔ تمام قيمتي ۽ ڪارائتو ليک آهي ۔۔۔ مطلب ته سائين الطاف جوکيو صاحب سنڌي استاد جي حيثيت سان پاڻ ملهائي رهيو آهي ۔۔۔۔
    هي سڀ ليک سنڌي ادب جي پانڌيئڙن لئه تمام اهم آهن

    لک ٿورا ۔۔۔
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: شاه جي ٽن شارحن جو مختصر جائزو.

    پوري ڪتاب .لکي ڇڏِي وي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو