ٽي دوست انڌو ، گنجو موالي گڏجي سير تي نڪتا ، هڪ ڳوٺ ۾ هنن کي رات پئجي ويئي ، سو ڳوٺ جي هڪ گهر جي در تي بهي گهر جي مالڪ کي سڏ ڪيائون ، گهر مالڪُ هو چور ، رات جو چوري تي ويندو هو ، سو گهر کان ٻاهر آيو تنهن کي ٽنهين دوست رات ترسڻ لا چيو سو گهر مالڪُ پيو نٽائي ڇو ته هن کي رات جو دوستن سان چوري تي وڄڻو هو ، سو دوستن انڌي ، گنجي۽ موالي کي چيائين "ڀائو هتي رات جو ٻوڏ ايندي آهي سو توهان هتي نٿا ترسي سگهو ، تنهن تي دوستن ڇيو اسان کي ترڻ ايندو آ ، گهر مالڪ ڇيو ۽ هي انڌو ڪيئن ترندو؟ انڌي چيو مونکي ڪو دلو ڏيو ته مان مَنَهن تي ٿو سمهان جڏهن ٻوڏ اچي ته صرف توهان ڇئجو ٻوڏ پو مان پاڻئي دلي تي ترڻ شروع ڪندس ، رات جو انڌي کي دلو ڏيئي مَنَهن تي سمهاري ڇڏيائون ،، گنجو چنڊ جي روشني تي وڃي سمهي پيو موالي هو پنڪين ۾ ڪڏهن جاڳ ڪڏهن ننڊ ، سو پنڪي ۾ رات جو گنجي جي ڇمڪندڙ ٽِڪِڻِ تي نظر پئجي ويس ۽ وات نڪري ويس"ٻوڏ" انڌي هم نه ڪئي تم ، پيٽ هيٺان دلو ڏيئي ٽپو ڏنو، اچي هيٺ زمين تي ڌڌڪو ڪيائين ، ڇوڻ لڳو "اڙي نڀاڳا ،، هڻي انڌا مارائي وڌو"................