ميان بيگ محمد ”نامي“ ۽ سندس ”تاريخ نوابين بکر“

'مختلف موضوع' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏12 نومبر 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد

    [​IMG]
    مختيار احمد ملاح

    ارغونن ۽ ترخانن جي خانه جنگين کانپوءِ سنڌ تي مغلن قبضو ڪري ورتو. سنڌ تي مغلن جو قبضو ٻن قسطن ۾ ٿيو. بکر جو علائقو ان وقت سلطان محمود جي حڪمرانيءَ هيٺ هو. سندس پوڙهائپ ۾ هيءُ پرڳڻو سياسي طور انتشار ۽ بيچينيءَ جو شڪار رهڻ لڳو هن پنهنجي زوال کي اکين سان ڏسي حڪومت هندستان جي مغلن جي حوالي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف ٺٽي پرڳڻي تي ترخان اميرن جي حڪومت خانه جنگيءَ جو شڪار هئي. شهنشاھ اڪبر سندن منتشر حالت کي ڏسي ان پرڳڻي تي به قبضو ڪري ورتو. مغلن سنڌ کي هندستان سلطنت سان ملائي، فقط صوبي واري حيثيت ڏئي ڇڏي. بکر ۽ ٺٽي تي الڳ الڳ گورنر يا نواب مقرر ٿيندا هئا.

    بکر جو پرڳڻو صدين کان الڳ راڄڌاني واري حيثيت رکندو هو. هي پرڳڻو هڪ صديءَ تائين مغل نوابن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهيو. اهي مغل سڌو سئون دهليءَ مان مقرر ٿيندا هئا بکر جو پرڳڻو علم ۽ ادب جي لحاظ کان به زرخيز هو. علي ڪوفي بکر ۾ اچي ”چچ نامو“ لکيو. مير معصوم بکريءَ تاريخ معصوميءَ لکيو، شاھ جهانگير هاشمي، عبدالوهاب پوراني، مير ابوالقاسم نمڪين، شيخ فريد بکري ۽ ٻيا ڪيترائي عالم ۽ اديب بکر سان واسطو رکندا هئا. اهڙن نالن ۾ هڪ ٻيو نالو ميان بيگ محمد ”نامي“ جو به ملي ٿو، جنهن بکر جي نوابن جي تاريخ لکي.

    بکر جي نوابن جي باري ۾ تمام گهٽ تاريخي ماخذ ملي سگهيا آهن. خان بهادر خداد خان پنهنجي ڪتاب ” لب تاريخ سنڌ“ ۾ بکر جي نوابن جي هڪ طويل لسٽ ڏني آهي. هن پڻ ميان بيگ محمد ”نامي“ جي ڪتاب جو مطالعو ڪيو هو. پر ان ڏس ۾ اهم ڪم ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ جو آهي، جنهن ”بکر جا مغل گورنر“ جي نالي سان ڪتاب مرتب ڪيو آهي، جيڪو اڃا شايع نه ٿيو آهي.

    ميان بيگ محمد جي باري ۾ ڪا گهڻي معلومات نه ٿي ملي بهرحال سندس ڪتاب ”تاريخ نوابين بکر“سنڌ جي تاريخي ماخذن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ڊاڪٽر پروفيسر حامد علي خانائي لکي ٿو ته ” هن ڪتاب جي مولف جي زندگيءَ جي باري ۾ هن وقت تائين ڪو به صحيح ۽ مستند احوال ملي نه سگهيو آهي. البت سندس تاليف ڪيل ڪتابن ۾ ڪيترين ئي جاين تي اهڙا مبهم اشارا ملن ٿا، جن سان اهو معلوم ٿئي ٿوته پاڻ ارغون يا ترخان گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. سنڌ جي حڪمرانن سان سندس ويجها تعلقات قائم هئا. ساڳئي وقت پاڻ بکر سرڪار ۾ ڪن اهم عهدن تي فائز به رهيو ۽ ڪيترين جنگين ۽ مُهمن ۾ به حصو ورتو هئائين.

    مولانا محمد عالم بن سومري جي ڪتاب ”دولت علويه جي مختصر تاريخ “مان اهو به معلوم ٿئي ٿوته ميان بيگ محمد فارسي زبان جو اعليٰ شاعر به هو ۽ شاعريءَ ۾ ”نامي“ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس ڪتاب جي حوالن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هو مغل نوابن کي انتهائي ويجهو هو ۽ ڪيترن ئي ملڪي معاملن ۽ صلحن ۾ ساڻن گڏ هو. سندس ڪتابن جي باري ۾ مختلف رايا آهن. نامور عالم سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ايڊٽ ڪيل ڪتاب ”تاريخ مظهر شاھ شاهجاني“ جي ماخذن جي فهرست ۾ انهيءَ ڪتاب جو نالو نائين نمبر تي ضميمه تاريخ سنڌ ڪري ڄاڻايو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر خانائي لکي ٿو ته ”موجود تاريخ نوابين بکر وارو نالو عزيزم سيد عبدالحسين شاھ ”تجمل“ موسويءَ جو تجويز ڪيل آهي، جو مواد جي لحاظ کان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو.“ مطلب ته ڪتاب جو نالو ممڪن آ ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو، بهرحال ان جو موجوده نالو خانائي صاحب رکيو آهي. هن ڪتاب جو هڪ نسخو گمبٽ جي پير سيد علي گوهر شاھ کان هٿ آيو هو ۽ سيد عبدالحسين شاھ ”تجمل“ موسوي کان مليو هو، هي ڪتاب اڃا شايع نه ٿيو آهي، هن نسخي لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته اهو روهڙيءَ جي موسوي خاندان وٽ اڄ به محفوظ آهي. هن قلمي نسخي جي آخر ۾ ڪاتب سال ۽ نالو هن ريت لکيو آهي. تمت تمام شد کارمن شو و خانه شيطان حجاب شد. تحرير تاريخ جمادالاول 1115هه/ 1 آڪٽوبر 1703 فقير محمد بقا ولد بيگ محمد مرقوم شد.

    انهيءَ عبارت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هن قلمي، نسخي جو ڪاتب ميان بيگ محمد جو فرزند ميان محمد بقا هو. جنهن هي نسخو سن 1115هه/1703ع ۾ اصل تان نقل ڪيو هو.

    هن ڪتاب کان مير معصوم بکريءَ جو ڪتاب ”تاريخ معصومي“ اهم ڪتاب آهي ”تاريخ نوابين بکر“ جي هڪ اهميت اها به آهي ته ان ۾ انهن نوابن جو ذڪرآيل آهي. جن جو تاريخ معصومي ۾ ذڪر نه آيو هو، ڇو جو هي ڪتاب بعد ۾ لکيو ويو. پروفيسر ڊاڪٽر حامد علي خانائي هن ڪتاب جي اهميت لاءِ لکيو آهي ته ”سنڌ جي تاريخ تي هن کان اڳ ۾ جيڪي به ماخذ ملن ٿا، تن ۾ خاص طرح بکر جي نوابن جو ذڪر گهٽ ملي ٿو. ڪلهوڙن جي آزادي واري هلچل جي ڏس ۾، هن جهڙو ماخذ اڳ اسان جي نظر مان نه گذريو آهي. هن ڪتاب جي وڏي خوبي اها آهي ته هن ۾ مولف پنهنجي اکين ڏٺا احوال ۽ واقعا بيان ڪيا آهن. ميان شاهل محمد ڪلهوڙي کان وٺي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ابتدائي احوال تائين جيڪو به بيان ڏنو ويو آهي، اهو سڀ سندس مشاهدي جو نتيجو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.“

    ميان محمد بيگ، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي قديم زماني کان ويندي مغل بادشاهن طرفان بکر تي مقرر ٿيل گورنر جو مختصر مگر جامع احوال ڏنو آهي. هن سيد علي شير نالي واقع نويس ۽ آفيسر بابت لکيو آهي ته ” رجب 1103هه ۾ محمد شجاعت نالي هڪ جوڌو جنگي جوان 6 سوارن ۽ ڪجهه پيادن سان گڏ روهڙي ۾ اچي منزل انداز ٿيو انهن ڏينهن ۾، بختيار خان بن بختمند خان عرف مرزا خان به سير سفر جي خيال سان، سکر ۾ پنهنجي حويلي ۾ اچي رهيو. ان دوران مير صادق علي خان بن نواب مير سيد يعقوب علي خان رضوي محمد شجاعت جي دعوت ڪئي. هو انهيءَ دعوت تي آيو ۽ رات جو وٽس رهي پيو ٻئي ڏينهن بختيار خان ۽ محمد شجاعت جي وچ ۾ويڙهه ٿي، جنهن ۾ بختيار خان جي ڪنهن ماڻهو هٿان محمد شجاعت جا چار سپاهي مارجي ويا. انهيءَ ڳالهه تان وڏو ممڻ مچي پيو. نيٺ مير شمس الدين ديوان، مير علي شير بخشي، قاضي نقي خيفيه نويس وچ ۾ پيا ۽ ٻنهي ڌرين ۾ صلح ڪرايائون ان قسم جا ٻيا به ڪيترائي واقعا مانواري ليکڪ هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن. مير معصوم جي پوٽي جي هڪ واقعي بابت لکيو اٿس ته ” 14 ربيع الاول 1304هه/30 ڊسمبر 1692ع تي روهڙي شهر جي ساداتن ۽ مير محمد معصوم جي پوٽي مير سيد محمد جي وچ ۾ ”سيد جي ٻيلي“ ۾ مال جي ڀيل جي معاملي تان پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ انهيءَ صورتحال نهايت ئي خوفناڪ جهيڙي واري شڪل اختيار ڪئي. آخر ۾، روهڙيءَ جا سيد پنهنجي برادريءَ ۽ ٻين لڳ لاڳاپي وارن سميت درباهه جي ڪنڌيءَ تي وڃي گڏ ٿيا ۽ انهن مان ڪي درياھ پار ڪري، وڃي ٻيلي ۾ داخل ٿيا. ٻئي طرف سيد محمد مير محمد ذڪريا، سيد تقي محمد، مير سيد عبدالاول جا پٽ، مير محمد عبدالعظيم جو فرزند ۽ مير عبدالواحد جو فرزند پنهنجي حلقي سميت اچي گڏ ٿيا ۽ سکر جي افغانن ۽ مغلن کي انهيءَ ڏس ۾ مدد ڪرڻ جي درخواست ڪيائون. انهيءَ تي نور علي بيگ ارغون پنهنجي به ڪجهه ماڻهوءَ پاڻ سان گڏ وٺي اچي مير سيد محمد جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. افغان به پنجاهي کن ماڻهن سان تيار ٿي، سيد محمد وٽ آيا. مير سيد محمد انهيءَ سموري لشڪر سميت درياھ پار ڪري اچي ٻيلي ۾ داخل ٿيو، ان وچ ۾ ڪن خير خواھ بزرگن وچ ۾ پئجي ٻنهي ڌرين ۾ صلح ڪرائي، معاملي کي ٿڌو ڪري ڇڏيو.

    ميان محمد بيگ مغل حڪومت ۾ ڪنهن وڏي عهدي تي فائز هو. هو عام حڪمرانن وانگر مقامي ماڻهن ۽ ان دوران ڪلهوڙن جي گڏيل آزادي واري تحريڪ جي خلاف هو. هن اهڙين عوامي تحريڪن کي شورش“ ۽ ” بغاوت“ جهڙن لفظن سان تعبير ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ تاريخي بي ربتگي به نظر اچي ٿي. ان سلسلي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر حامد علي خانائي لکيو آهي ته ميان بيگ محمد جي تاريخ لکڻ جو انداز گهڻي قدر بي ربط آهي، جنهن جو هن پاڻ هڪ هنڌ اعتراف به ڪيو آهي. بيان ۾ ربط نه هئڻ ڪري، سندس بيان ڪيل واقعن ۾ڪيتريون ئي تاريخي پيچيدگيون ٿي پيون آهن.

    ياد رهي ته هن قلمي نسخي جي آڌار تي ڊاڪٽر پروفيسر حامد علي خانائيءَ بکر جا مغل گورنر جي نالي سان ڪتاب تيار ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ ميان بيگ محمد جي ڪتاب کان علاوه به مختلف ڪتابن تان مدد وٺي هڪ مستند ڪتاب تيار ڪيو ويو آهي. اصل فارسي ڪتاب ۽ سنڌي ۾ لکيل سندس ڪتاب ڇپجڻ گهرجن. ان سلسلي ۾ خانائي صاحب جي دوست بشير احمد هيسباڻيءَ جي مدد وٺڻ گهرجي، جنهن حفاظت سان خانائي صاحب جا اڻڇپيل مسودا سانڍي رکيا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو