جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن

اها ڪا عجب جهڙي ڳالهه ناهي ته موجودا دؤر ۾ ڪينسر جو شڪار ٿي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪندڙن جو انگ پهريان جي مقابلي ۾ گھڻو ٿي چڪو آهي. ڪينسر جھڙي موذي مرض جو تعلق روزانو گذرندڙ زندگيءَ جي معمول بنجندڙ ڪيترين ئي غلط عادتن سان به آهي. اوهان محسوس ڪيو هوندو ته ڪيترائي ماڻهو صبح ساڻ پنهنجين گاڏين ۾ وهندي ئي پهريون ڪم اي سي چالو ڪرڻ جو ڪندا آهن ۽ رات جو جيستائين هو گاڏيءَ مان لهي پنهنجي گھر ۾ داخل ناهن ٿيندا، ايئرڪنڊيشن جي هٿرادو ٿڌ سبب ظاهري طور آرام واري حالت ۾ سفر ڪندا آهن، پر اصل حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ماهرن ان بابت کوجنا ڪئي ۽ خبر پئي ته گاڏيءَ ۾ ڊيش بورڊ، گاڏي جون سيٽون ۽ ڪار ۾ استعمال ٿيندڙ ايئرفريشنر اهڙيون شيون آهن، جن مان لاڳيتو هڪ خاص قسم جو زهريلو ڪارسينوجن مادو، جنهن کي جسي بينزين به چيو ويندو آهي نڪرندو رهندو آهي. هي مادو ڪينسر کان سواءِ هڏين اندر زهر ڦهلائيندو آهي. ان سان رت جي کوٽ، خاص طور رت ۾ ملندڙ اڇن جزن جي مقدار ۾ کوٽ ٿي ويندي آهي، ماهرن جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته گاڏي اندر موجود زهريلو مادو جيڪو گئس جي صورت ۾ ساهه ذريعي جسم ۾ ويندو آهي، ڳورهارين عورتن لاءِ خاص طور نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي، اهو ٻار ڪرڻ (ضايع ٿيڻ) جو پڻ وڏو سبب ثابت ٿيو آهي.
گاڏيءَ ۾ رهندڙ بينزين جي مقدار جيڪڏهن 50 ملي گرام في فٽ هجي ته اهو نقصانڪار ثابت ٿيندو، تنهنڪري جڏهن گاڏي ڪنهن ڇانوَ واري هنڌ يا ڇت هيٺان پارڪ ڪيل آهي ته ان جا شيشا بند هجن ته ان اندر 400 کان 800 ملي گرام في فٽ تائين بينزين موجود هوندا آهن. جيڪڏهن ڪار کليل آسمان هيٺان اس ۾ بيٺل هجي، جتي ڪار جو اندريون ماحول 60 ڊگري فارن هائيٽ هجي ته ان ۾ زهريلن مادن جو نڪرڻ ٻه هزار ملي گرام مان چار هزار ملي گرام في فٽ تائين ٿيڻ لڳندو آهي، مطلب ڇانوَ ۾ بيٺل گاڏيءَ مان نڪرندڙ ان مادي جي مقدار لڳ ڀڳ 40 ڀيرا وڌيڪ اس ۾ بيٺل، بند گاڏي جنهن جا شيشا به بند هوندا آهن، ان ۾ سوار ٿيندڙ ماڻهو لازمي طور ان زهريلي مادي جي ڳري مقدار ۾ ساهه ذريعي پنهنجي جسم ۾ منتقل ڪندا آهن.